سن (رپورٽر) ٺيٻاٺ ٿاڻي جي حد مان 5 ڏينهن اڳ ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ هٿ ڪري پوليس ڊرائيور ۽ ڪلينر کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايوته ڦر ٿيل ٽرڪ ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي بهرام ٿاڻي جي حد مان هٿ ڪري ڊرائيور شان ۽ ڪلينر کي به بازياب ڪرائي ورتو آهي
سندس چوڻ هو ته جوابدارن کي هٿ ڪرڻ لاءِ به مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون، ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ نصيرآباد کان ڪراچي بلال ڪالوني وڃي رهي هئي ته ٿيٻاٺ ٿاڻي جي حد مان هٿياربند ڦر ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪري ويا هئا