سن ڀرسان خوفناڪ حادثو: مشهور قصيده خوان خواجه ڪاظم، جان علي شاهه سميت 5 ڄڻا فوت، 4 زخمي
فيبروري 15, 2025
سن/مانجهند(رپورٽ: شاھنواز شاھاڻي ۽ يعقوب ڪوريجو) سن ويجھو انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثي ۾ ملڪ جي نامياري قصيده ۽ نوحه خوان نينگر سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا. اسپتال ۾سهولتن جي کوٽ رات وارو عملو ننڊ ۾ ستل زخمي تڙپندا رهيا. ان ڏس ۾ سن ۽ مانجھند ڀرسان ڳوٺ سرائي سولنگي انڊس هاءِ وي اسٽاپ تي غلط سائيڊ تان ايندڙ ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽَڪر جي نتيجي ۾ خيرپور کان ڪراچي ويندڙ ڪار سوار مشهور قصيده نوحه ۽ منقبت خوان گلگت بلتستان واسي نينگر 16 ورهين جو خواجه ڪاظم علي، 25 ورهين جو خواجه نديم علي، ڪراچي واسي نوحه خوان 30 ورهين جو سيد جان علي شاھه، مشهور مذهبي شخصيت مرحوم حسن علي ترابي جو پٽ 22 ورهين جو زين علي بوترابي ڪار ڊرائيور 35 ورهين جو سنگرار سکر واسي عبدالغني ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ٻي ڪار سوار لاهور واسي محمد اسحاق ولد ايوب نيازي ماجد ولد فيروز نيازي احسن ولد الطاف نيازي، بلال ولد جهانزيب سخت زخمي ٿي پيا. ٻنهي گاڏين ۾ زوردار ٽَڪر سبب زخمي ۽ فوتين جا مڙھ ڪيتري دير تائين گاڏين ۾ ڦاٿل رهيا، جنهن کانپوءِ ريسڪيو رضاڪارن حادثي واري هنڌ پهچي ڪٽر مشين سان گاڏيون ڪٽي زخمين ۽ فوتين جا مڙھه مانجهند جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا. فوتي روهڙي شب برات جي پروگرام تان رات 3 بجي نڪتا ڪراچي وڃي رھيا ھئا ته سن وٽ حادثو پيش آيو جڏهن ته ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد رفر ڪيو ويو.
ڊاڪٽرن کي ننڊ پياري: زخمي مانجھند اسپتال ۾ تڙپندا رهيا
مانجھند: مانجھند جي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي ننڊ سبب زخمي تڙپندا رهيا. ان ڏس ۾ زخمين کي اسپتال کڻي ايندڙ ماڻهن هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻن ملازمن کي ننڊ مان اٿاري زخمين کي ڏيکاريو. ڊاڪٽرن عملي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب زخمي ڪجهه ڪلاڪ تڙپڻ کان پوءِ ايمبولينس ذريعي حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا جن مان وڏا ڇڇر پوليس ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. جڏھن ته فوتين جا مڙھه مانجهند تعلقه اسپتال مان وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
حادثو غلط ڪراسنگ سبب پيش آيو، روڊ مڪمل نه ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف ڪيس داخل ٿيندو: ڊي آءِ جي
سن: سن ڀرسان ڳوٺ سرائي سولنگي وٽ انڊس ھاءِ وي روڊ تي پيش آيل حادثي واري ھنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر ڇانگا پھچي پيش آيل ٻن گاڏين جي حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿيڻ جي واقعي جا تفصيل ورتا. ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو ظفر ڇانگا ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته ھي افسوس ناڪ روڊ حادثو جيڪو غلط ڪراسينگ جي ڪري پيش آيو آهي ھي روڊ 3 سالن ۾ مڪمل ٿيڻو ھو جنهن جي ڪانٽريڪٽرن کي رقم به ملي چڪي آهي، پر ان جي باوجود به روڊ مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. ھاڻ جيڪو ڪانٽريڪٽر آهن انهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. ڊي آءِ جي حيدرآباد وڌيڪ چيو ته ڊي سي ايس ايس پي ۽ ڄامشورو اين ايچ اي وارن سان به ميٽنگ ڪري چڪا آهيون ته گھٽ ۾ گھٽ 300 ميٽرن تي ڊرئيورشل تي نشان ھڻو ته ڊرائيورن کي خبر پئي ۽ روڊ تي اور لوڊيڊ گاڏين يا ڪراسنگ ڪرڻ کان روڪيو ووڃي. قانون تي عمل ڪرايو وڃي ۽ روڊ ڪراس ڪٽن تي به نشان لڳايا وڃن جئين وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگھن.
موٽر وي پوليس جي نااهلي: ڊبل روڊ باوجود گاڏيون ون وي تي هلنديون رهيون
سن: موٽر وي پوليس ۽ مقامي ماڻهن موجب حادثو غلط سائيڊ وٺڻ سبب پيش آيو ڇڇر ايٽ سن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنهي ڪارن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو . ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته روڊ ڊبل ھجڻ ۽ موٽروي پوليس ھجڻ باوجود گاڏي رونگ سائيڊ تي اچڻ موٽر وي پوليس جي نا اھلي آهي.