سن ۾ اڳوڻي ڊي سي جي ڪار جي ٽڪر ۾ چنگچي ۾سوار 6 ڄڻا زخمي

سيپٽمبر 26, 2023

سن (ن پ ا) سن ڀرسان ٺيٻاٺ ٿاڻي جي حد حيدر رند ڳوٺ وٽ  لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار ڪار

سيوھڻ اسپتال کان علاج ڪرائي چانڊيا برداري جا ماڻهو  واپس سن اچي رھيا ھئا ته چنگچي رڪشا کي پٺيان ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سميت 6 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا

الهه بخش چانڊيو  سندس گھر واري ڪزبانون، ٻه ٻار ٽن ورهين جو لال بخش، ڏيڍ سال جي نياڻي، 60 ورهين جو گلشيرچانڊيو ۽ 40ورهين جو پيربخش گائينچو سخت زخمي ٿي پيا

جن کي سن سرڪاري  اسپتال آندو ويو جتي سھولتن جي کوٽ سبب سمورن زخمن کي حيدرآباد نيوويو.  ڪاراڳوڻي ڊي سي ميرپور خاص غلام مصطفيٰ لغاري جي هئي جنهن ۾ هڪ عورت ۽ ڊرائيور معجزاڻي طور محفوظ رهيا

جڏهن ته ڪار ۽ چنگچي رڪشا کي ٺيٻاٺ پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

Leave A Comment