| سن ۾ قهر جي گرمي، درويش شخص فوت، ڪپڙن کان آجو لاش هٿ |
سن (ن پ ا) سن ڀرسان پھريون واٽر وٽ انڊس ھاء وي روڊ تي ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جي حد ۾ 40 سالن جي درويش صفت شخص جو ڪپڙن کان آجو لاش ھٿ ڪيو ويو، لاش ڳوٺاڻن ڏسي ڇڇر ايٽ سن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي مانجھند اسپتال پھچايو درويش صفت شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي ڊاڪٽرن جو چوڻ ته سندس موت گرمي لڳڻ ڪري ٿيو آهي وڌيڪ پوسٽ مارٽم کان پوءِ سندس جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگھندو اسپتال انتظاميا طرفان لاش ايڌي وارن حوالي ڪيو ويندو