| سهانجهڙي وڻ ۾ ڪينسر جي علاج جون خاصيتون هجڻ جو انڪشاف |
نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) سهانجهڙي جي وڻ، جنهن کي گهڻي قدر”معجزن وارو وڻ” به سڏيو ويندو آهي، مختلف تحقيقن ۾ ڪينسر خلاف اثرائتيون خاصيتون ڏيکاريون آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي سائنسدانن جي ڪيل هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سهانجڙي جي پنن، ٻجن ۽ پاڙن ۾ هيٺيان طاقتور جز هوندا آهن، جنهن جي ڪري اهو ڪينسر سان به مقابلو ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. ماهرن موجب وڻ مان خارج ٿيندڙ ايسوٿيو سائينيٽس خاص مادو جسم مان زهريلا عنصر خارج ڪرڻ، سوڄ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪينسر جي خلاف وڙهڻ لاءِ مشهور آهي. پولي فنوئلس ۽ فليوونوائيڊس اينٽي آڪسيڊنٽس آهن، جيڪي ڪينسر جي سيلن کي نقصان پهچائيندڙ زهريلي مادَن کان بچائيندا آهن ۽ ڪينسر جي سيلن جي واڌ کي روڪڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. گلوڪوسنوليٽس اهي سلفر تي ٻڌل عنصر آهن، جيڪي ڪينسر جي سيلن کي تباهه ڪرڻ جو عمل تيز ڪندا آهن. ليبارٽري ۾ ڪيل تحقيقن مان خبر پئي آهي ته سهانجڙي جي عرق کي خاص طور تي مختلف ڪينسر جهڙوڪ ڇاتي، ڦڦڙن، آنڊن ۽ لبلبي جي ڪينسر جي سيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ اثرائتو ڏٺو ويو آهي. ان کانسواءِ سهانجڙي جو وڻ رت جي نين نالين جي ٺهڻ کي به روڪي سگهي ٿو، جيڪي عام طور تي ٽومر (ٽيومر) جي وڌڻ لاءِ ضروري هونديون آهن. اهو ئي سبب آهي ته سهانجڙو ڪينسر جي بيماري کي ختم ڪرڻ جو خاصيتون رکي ٿو.نه رڳو ڪينسر پر اهو ٻين به ڪيترين ئي بيمارين لاءِ علاج طور ڪم ڪندو آهي ۽ صحت جا بهترين فائدا به رکي ٿو.