سهرن هٿان باهه ڏئي ساڙيل ناري پيروزا ڪوري جي حالت ڳڻتي جوڳي
جُون 30, 2025
سڳيون (پنهنجي ڊيسڪ) سڳيون ڀرسان سمي لڳ 2 ڏينهن اڳ 22ورهين جي ناري پيروزا ڪوري کي ساهرن طرفان تشدد ڪري مٿس پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي مارڻ واري ڪوشش واقعي کي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود سوڀوديرو پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف ناري جي وارثن جو ڳوٺ نبي بخش ڪوري ۾ عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن جو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن، سعيد ڪوري، مجيب ڪوري، رجب ڪوري، ساجد ڪوري، نجان ڪوري، زاهدان ڪوري، خديجا ڪوري، ماروي ڪوري ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جون ٻه نياڻيون، پيروزا ۽ زاهدان ڪوري ڀٽي برادري جي ٻن ڀائرن عابد ڀٽي، غلام مصطفي ڀٽي کي ڏنل آهن، 2 ڏينهن اڳ پيروزا ڪوري تي سس وزيران سهري مراد ڀٽي، ڏير سرور ڀٽي، گلشن ڀٽي ۽ نڻان بانو ڀٽي بدترين تشدد ڪري مٿس پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي.
اسان جي نياڻي گمس اسپتال گمبٽ جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل آهي، جتي ڊاڪٽرن پاران چيو ويو آهي ته ناري جي بچڻ جا اميد تمام گهٽ آهن، پر افسوس جو ايڏي وڏي واقعي تي به ايس ايڇ او سوڀوديرو يار محمد ڀيو جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي
جوابدار اسان جي ٻئي نياڻي زاهدان ڪوري کي به موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن تون اسان خلاف بيان بازي ڪندي ته تنهنجو به اهو ئي حشر ڪنداسين جيڪو تنهنجي ڀيڻ سان ڪيو آهي، جڏھن ته اسان جي متاثر نياڻي جي مٿان به هو نه ٿا اچڻ ڏين، گذريل رات جڏهن اسان پنهنجي ڀيڻ سان اسپتال ملڻ وياسين ته هنن اسان کي ڌڪا ڏئي اسپتال کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ويو.
هنن ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او سوڀوديرو کي هٽائي، فرض شناس آفيسر مقرر ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.