ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ اسٽار شاهد آفريدي ۽ سندس ناٺي شاهين شاهه آفريدي سياري ۾ باربي ڪيو پارٽي ڪري جشن ملهايو. هن وقت ڪراچي سميت سڄو ملڪ سخت سردي جو شڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾ اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي ۽ سندس ناٺي قومي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جون باربي ڪيو ڪندي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. انهن وائرل تصويرن ۾، جتي باربي ڪيو ڏسندڙن جي وات ۾ پاڻي اچي رهيو آهي، اهو منظر سردي جي شدت ۾ گهٽتائي جو نظارو پڻ پيش ڪري ٿو. شاهد آفريدي جي گهر جي وسيع لان ۾ باربي ڪيو مان اڇو دونھون نڪرندي ڏٺو ويو ۽ ٻئي شخصيتون اسڪيور ڪباب ۽ ٻيون باربي ڪيو ڊشز پچائيندي نظر اچن ٿيون. هڪ تصوير ۾ شاهد آفريدي پنهنجي ڏوهٽي کي به جهلي رهيو آهي.