“سهولتون ڏيو” رستم ويجھو ڳوٺاڻن پاران پوليو مهم جو بائيڪاٽ

“سهولتون ڏيو” رستم ويجھو ڳوٺاڻن پاران پوليو مهم جو بائيڪاٽ

رستم(ن پ ا) رستم ويجھو ڳوٺ مور جتوئي ۾ ڳوٺاڻن پاران بنيادي سھولتن اسڪول، روڊ ۽ برسات دوران ڊھي ويل گھر ٻيھر تعمير نه ڪرائي ڏيڻ سبب 10 کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي ٽيمن کي واپس ڪري ڇڏيو، ۽ پوليو ورڪرن کي اھيو به چيو ويو ته جيستائين اسان جا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ويا ته پوليو جو بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو، جنھن بعد پوليو ورڪر واپس موٽي آيا.