| سهيل آفريدي جو اڄ وري ڪراچي جو دورو |
پشاور (م ڊ) ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جو دورو ڪندو. سهيل آفريدي اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي ايندو. ذريعن ٻڌايو ته وڏو وزير ريلي حادثي ۾ فوت ٿيل ڪارڪن بلال مسعود جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ ويندو. بلال مسعود وزير اعليٰ ڪي پي جي ريلي دوران موٽرسائيڪل تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو هو. وڏو وزير سهيل آفريدي منجهند 12 وڳي ڪراچي ويندو ۽ شام 5 وڳي واپس ايندو. سهيل آفريدي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ حليم عادل شيخ جي گڏاپ ۾ فارم هائوس تي ويندو.