| سهيل آفريدي جو منشيات فروشن سان واسطو آهي، عمران جون ڀينرون 9 مئي حملن ۾ ملوث آهن: عطا تارڙ |
لاهور (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون ڀارتي چينلن تي وڃي ملڪ کي بدنام ڪري رهيون آهن، کين ٻڏي مرڻ گهرجي. صحافين سان ڳالهائيندي عطاءُالله تارڙ چيو ته امن امان جي صورتحال خراب ڪري ڪنهن سان ملاقات نٿي ڪري سگهجي، پي ٽي آءِ جا سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڀارت ۽ افغانستان مان هلي رهيا آهن، اهي ماڻهو ڀارت ۽ افغانستان مان مهم هلرائي پاڻ ايڪسپوز ٿي رهيا آهن، اهي ملڪ دشمنن سان گڏجي سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جون ٽئي ڀينرون 9 مئي تي به ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ موجود هيون، شاهديون موجود آهن پر ان ڪري بچيل آهن ته وري عمران خان روئيندو ته منهنجي ڀينرن کي اندر ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جو ملڪ دشمن عنصرن سان ڳٺ جوڙ وائکو ٿي چڪو آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته افغانستان مان پاڪستان تي حملا ٿين ٿا ته اهي ماڻهو افغان حڪومت جا ترجمان بڻيل آهن، خيبر پختونخواهه حڪومت دهشتگردي خلاف هڪ مذمتي بيان نه ڏنو، هڪ ملڪ جي سرزمين اسان جي خلاف استعمال ٿي آهي، انهن سان محبت سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جا جيترا فيصلا هئا اهي شرافت جو لباس پائي سندس گهر واري ڪندي هئي. سمورا معاشي ۽ سياسي فيصلا به انهي جي گهر واري ڪندي هئي. اڄ سموري دنيا چئي رهي آهي ته باني جي فيصلن جي پٺيان ڪوڙ ۽ ڪوڙن الزامن جو هڪ هٿ ٺوڪيو نظام هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني 2017ع جي ڌرڻن دوران به ڪوڙا الزام لڳايا، پي ٽي آءِ باني بشريٰ بي بي جي چوڻ تي حڪومتي فيصلا ڪندو هو پي ٽي آءِ باني جي سياست منافقت، ڪوڙ ۽ الزامن کان سواءِ ڪجهه به نه هئي. وفاقي وزير چيو ته وانا ڪيڊٽ ڪاليج جو واقعو، اي پي ايس پشاور کان وڏو سانحو ٿي سگهيو ٿي، وانا ۾ پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪري 500 کان وڌيڪ شاگردن کي بازياب ڪرايو. هن چيو ته پاڪستان هميشه کان امن جو خواهشمند آهي. اسان هر دهشتگرد جو پيڇو ڪري رهيا آهيون ڪنهن جي پسند ۽ ناپسند سان فيصلا نه ٿيندا، ملڪ آئين ۽ قانون تحت هلي رهيو آهي. هن چيو ته هزارن جي تعداد ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون ڪي پي ڪي ۾ هلي رهيون آهن، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جو سبب نه ڄاڻائي سگهي آهي. ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. انهن جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. پي ٽي آءِ جو ملڪ دشمنن سان ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي. ڪي پي ڪي ۾ وڏو ڊرگ مافيا موجود آهي اڄ به ڪي پي ڪي ۾ جبل ڪٽيا پيا وڃن، کاڻن جا غيرقانوني ٺيڪا هلي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ڊرگ اسمگلنگ کي پروموٽ ڪري رهي آهي تماڪ مافيا جيڪڏهن ٽيڪس ڏيڻ شروع ڪندي ته 500 ارب جو ٽيڪس جمع ٿي سگهي ٿو. ڪي پي ڪي ۾ اقتدار ۾ اچي ماڻهن جا کيسا ڀريا ويندا آهن. هن چيو ته ڪوبه دهشتگرد انهن تي حملو نٿو ڪري جنهن جو ڊرگ جو واپار هوندو آهي. نان ڪسٽم پيڊ گاڏين خلاف ڪارروائي صوبائي حڪومت کي ڪرڻي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو منشيات فروشن سان تعلق آهي. ڪي پي ڪي حڪومت اربين روپين جو ٽيڪس کائي ويندي آهي. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير اڊياله جيل جي ٻاهران نعرا لڳائيندو آهي، جڏهن افغانستان جي طرفان دهشتگردانه ڪارروائي ٿي ته اسان جي فوج انهي جو ڀرپور جواب ڏنو. انهي تي پوري پي ٽي آءِ کي افسوس ۽ ڏک ٿيو. اطلاعات واري وزير چيو ته 9 مئي تي حملو فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ هو. 9 مئي جو منصوبو ناڪام ٿيو انهن کي زبردست شڪست ملي، هي چاهين ٿا ته فوج اندروني طور تي ڪمزور ٿئي پراهو به انهن جو منصوبو ناڪام ٿيو.