| سهيل آفريدي جي اچڪزئي سان ملاقات: گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا جي وڏي وير سهيل آفريدي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ علامه ناصر عباس، اسد قيصر، مصطفى نواز کوکر، ترجمان تحريڪ انصاف حسين احمد يوسفزئي ۽ ٻيا به موجود هئا. پڌرائي مطابق ملاقات دوران باني پي ٽي آءِ جي صحت ۽ علاج بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قانوني دستاويزن تي صحيحن ۽ انصاف تائين رسائي کان روڪڻ بابت به مشاورت ڪئي وئي. ترجمان تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان مطابق ايندڙ بجيٽ، نيشنل فنانس ڪميشن (NFC) ايوارڊ، صوبائي حقن، ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل ڪيسن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قومي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ اپوزيشن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.