| سهيل آفريدي جي ڌمڪين جو نوٽيس: اليڪشن ڪميشن طلب، هري پور چونڊ دوران فوج مقرري جي سفارش |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي انتظاميا، پوليس ۽ اليڪشن عملي کي ڌمڪائڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن وڏي وزير سهيل آفريدي، اميدوار شهر ناز ۽ عمر ايوب کي اڄ طلب ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته وڏي وزير سهيل آفريدي حويليان جلسي ۾ انتظاميا، پوليس ۽ اليڪشن عملي کي ڌمڪايو، سيڪريٽري عمر حميد دفاع ۽ گهرو وزارت جي سيڪريٽريءَ کي خط موڪليو آهي ته 23 نومبر تي اين اي 18 هري پور ۾ ضمني اليڪشن لاءِ پاڪستان آرمي ۽ سول آرمڊ فورسز کي مقرر ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد دفاع ۽ گهرو سيڪريٽري کي موڪليل خط ۾ چيو آهي ته اين اي 18 هري پور ۾ ضمني چونڊ لاءِ ڪميشن پوري تحفظ واري سيڪيورٽي فراهم ڪري. جلسي جي اسٽيج تي هڪ مفرور جوابدار جي موجودگي تي به اليڪشن ڪميشن پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، وڏي وزير جي رويي سبب اين اي 18 هري پور جي پرامن ننڍي چونڊ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، ضلعي انتظاميا، پوليس، اليڪشن عملي ۽ ووٽرز جي جان کي خطرو آهي، اليڪشن ڪميشن ڪي پي جي اليڪشن ڪمشنر کي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان هنگامي ميٽنگ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪي پي حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته وڏي وزير سهيل آفريدي جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير ڪنهن کي ڌمڪي نه ڏني آهي، رڳو قانون لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، حڪومت هر قيمت تي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي ننڍي چونڊ يقيني بڻائيندي.