| سهيل آفريدي لاهورج پهچي ويو، رستا روڪ جا الزام |
لاهور (م ڊ) ڪي پي جو وڏوزير سهيل آفريدي لاهور پهچي ويو پي ٽي آءِ رستا روڪ جو الزام هنيو آهي. پنجابجي سڌ سماءُ واري عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي پاڪستان جو “يورپ ڏسڻ” لاهور آيو آهي. رپورٽ موجب ڪي پي جو وڏووزير سهيل آفريدي احتجاج جي سلسلي ۾ لاهورپهچي ويو. هو ملاقاتون ڪندو ۽ ڪارڪنن سان ملندو. پي ٽي آءِ قيادت جو الزام آهي ته پنجاب حڪومت رستا روڪ ڪئي آهي. ٻئي طرف پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير کي لاهور اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، گذريل ڀيري جڏهن علي امين گنڊاپور لاهور آيو هو ته هن کي لاهور جون بتيون ڏيکاريون ويون، هن بتيون ڏٺيون، ماني کاڌي ۽ تصويرون ڪڍيون. هن چيو ته سهيل آفريدي جيڪو ڪجهه پنجاب ۾ ڏسي ان کي ڪي پي ۾ لاڳو ڪري، کيس سندس ڪابينا ٻڌايو آهي ته پشاور ڏاڍو گندو آهي، پر هاڻي هو پاڪستان جو يورپ ڏسڻ لاهور آيو آهي. هو سياسي يا معلوماتي تفريح ڪري سگهي ٿو کيس مڪمل اجازت هوندي. عظميٰ بخاري چيو ته سهيل آفريدي کي بدزباني، وڳوڙ ۽ ڏڦيڙ جي اجازت نه ڏينداسين، ۽ پنجاب يا لاهور ۾ ڪنهن سياسي سرگرمي جي آڙ ۾ هٿيار يا منشيات آڻڻ جي اجازت نه هوندي.