| سهيل آفريدي کان جواب طلب: سزا يافته ماڻهن لاءِ آزادي فورس نه ٺهڻ گهرجي.: آئيني عدالت |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت رهائي فورس جي قيام خلاف ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي کان 10 ڏينهن اندر جواب طلب ڪري ورتو. وفاقي آئيني عدالت ۾ رهائي فورس جي قيام خلاف درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي، عدالت وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي 10 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ ثبوتن بابت دستاويز پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته ان جو مقابلو ڌاڙيلن سان آهي، جڏهن ته امن امان بابت ڪراچي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به موجود آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس علي باقر پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪابينا طرفان اهڙي فورس ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته ڪابينا اهڙي ڪا به اجازت نه ڏني آهي. عدالت وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي ته قانون جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته چيف جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته سزا يافته ماڻهن لاءِ اهڙي فورس نه ٺهڻ گهرجي.