| سهيل آفريدي کي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي ڏني آهي: شرجيل |
ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير ۽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومتِ جمهوري قدرن تي مڪمل يقين رکي ٿي، ڪي پي جي وزيراعليٰ کي سياسي ۽ سرڪاري سرگرميون سرانجام ڏيڻ جي مڪمل آزادي هوندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعليٰ ڪي پي کي مڪمل سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول فراهم ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته سنڌحڪومتِ جو نمائندو ايئرپورٽ تي کيس ڀليڪار ڪرڻ لاءِ موجود هو . هن چيو ته وزيراعليٰ ڪي پي کي ڪنهن جلسي يا تقريب لاءِ گرائونڊ جي ضرورت پوندي ته سنڌ حڪومت فراهم ڪندي.