سهيل سانگي جي فرزند سوڌو 4 جوابدار رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

سهيل سانگي جي فرزند سوڌو 4 جوابدار رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل ميجسٽريٽ ايسٽ جي عدالت افغانين کي جعلي دستاويزن ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي الزام هيٺ گرفتار نادرا آفيسرن سميت 4 جوابدارن جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظورڪندي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو  ايف آءِ اي ٽيم نادرا جي  اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انعام الحق فياض احمدجنجهي، سيڪيورٽي گارڊ جنيد ۽ ايجنٽ عمر شاهه کي پيش ڪري چيو ته جوابدار جعلي دستاويزن ذريعي غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيندا هئا، جوابدار عمر شاهه ٻاهران ماڻهو وٺي ايندو هو، نادرا آفيسر پئسن عيوض غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيندا هئا، هوڏانهن سينيئر صحافي سهيل سانگي چيو ته سندس پٽ فياض جنجهي تي لڳايل الزام غلط آهن، اهي سپريم ڪورٽ تائين ڪيس جي پوئواري ڪندا.