| سوئزرلينڊ جو ايران ۾ سفارتخانو کولڻ جو اعلان |
لنڊن (م ڊ) سوئس حڪومت جو چوڻ آهي ته هو ايران ۾ پنهنجو سفارتخانو مرحليوار کولي رهيو آهي ۽ هن هفتي سفارتڪارن جي هڪ ننڍڙي ٽيم اتي موڪلي آهي. آمريڪا-اسرائيل جنگ جي سيڪيورٽي خدشن جي ڪري تهران ۾ سفارتخانو 11 مارچ تي عارضي طور تي بند ڪيو ويو هو. سوئزرلينڊ آمريڪا ۽ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي جا سڀئي نوان لائسنس معطل ڪري ڇڏيا آهن ۽ آمريڪي فوجي ڪارروائين لاءِ پنهنجي هوائي حدون محدود ڪري ڇڏيون آهن.