| سوئزرلينڊ ۾ نيوايئر نائيٽ تقريب ۾ ڌماڪو، 40 ڄڻا مارجي ويا |
برن (م ڊ) سوئزرلينڊ جي لگزري ريزورٽ جي بار ۾ ڌماڪي سبب 40 ڄڻا فوت ٿي ويا. سوئس پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرانس مونٽانا جي لگزري ريزورٽ اِسڪي جي هڪ بار ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن کانپوءِ بار ۾ باهه ڀڙڪي پئي. سوئس پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا پر مارجي ويلن ۽ زخمين جو انگ ۽ ڌماڪي جي سببن کان آگاهه نه ڪيو ويو. هوڏانهن عالمي ميڊيا ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ تقريبن 40 ڄڻا مارجي ويا ۽ لڳ ڀڳ 100 ڄڻا زخمي آهن. سوئس اختيارين موجب واقعي جي متاثرن ۾ ڪجهه پرڏيهي به شامل آهن. پوليس اختيارين ٻڌايو ته اربع ۽ خميس جي وچين رات هڪ لڳي 30 منٽن تي سياحت لاءِ مشهور اسڪي ريزورٽ ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي وقت نيو ايئر نائيٽ ملهائيندڙ ماڻهو وڏي انگ ۾ بار ۾ موجود هئا.