سوئس حڪومت مادورو ۽ ساٿين جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا

سوئس حڪومت مادورو ۽ ساٿين جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا

لنڊن: سوئس حڪومت فوري طور تي وينزويلا جي نڪولس مادورو ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو قدم اهڙن اثاثن کي ملڪ کان ٻاهر منتقل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ آهي ۽ جيڪڏهن ثابت ٿئي ٿو ته اهي اثاثا غير قانوني طور تي حاصل ڪيا ويا هئا ته سوئٽزرلينڊ انهن کي وينزويلا جي ماڻهن ڏانهن واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.