سوئيٽزرلينڊ ۾ به برقعو پائڻ تي پابندي، ڀڃڪڙي تي هڪ هزار ڊالر ڏنڊ

سيپٽمبر 21, 2023

برلن (پنهنجي ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ جي پارليامينٽ برقعي تي پابندي وارو بل اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي جنهن بعد هاڻ اهو قانون بڻجي ويوآهي

 پرڏيهي خابرو اداري موجب سوئٽزرلينڊ ۾ ٻه سال اڳ برقعي تيپابندي لاءِ ڪرايل ريفرنڊم ۾ 51 سيڪڙو آبادي پابندي جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو، جنهن کان پوءِ ڪالهه آئين سازي جو آخري مرحلو به پورو ڪرايو ويو

 ريفرنڊم نتيجن جي بنياد تي پهرين ئي مٿئين ايوان مان منظور ٿي چڪو آهي، برقعي تي پابندي جو قانون ٺهڻ کان پوءِ ڀڃڪڙي ڪندڙ تي هڪ هزار فرانڪ يعني هڪ هزار 116 ڊالر ڏنڊ لاڳو ٿيندو

 بل جي منظوري کان پوءِ هاڻي عوامي ماڳن، خانگي عمارتن ۾ نڪ، منهن ۽ اکين کي ڍڪڻ ڏوهه هوندو، ڪجهه صورتن م ڇوٽ به ڏني ويئ آهي

 سوئٽزرلينڊ برقعي تي پابندي هڻندڙ يورپ جو ٽيون ملڪ بڻجي ويوآهي، ان کان اڳ بيلجيم ۽ فرانس ايئن ڪري چڪا آهن

Leave A Comment