سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ ريليون

جُولاءِ 7, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي خلاف سنڌ سميت سمورو ملڪ سراپا احتجاج، مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ يومِ تقديسِ قرآن ملهايو پيو وڃي، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، سوئيڊن خلاف نعرا هنيا ويا

ڪنڌڪوٽ، بدين، اوٻاوڙو، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ٽنڊو آدم، هنڱورو، ٽنڊو رحيم، پيراڻي، سڪرنڊ، سيوهڻ، ميهڙ، چوٽياريون ۽ ٻين شهرن ۾ به ريليون ڪڍيون ويون

احتجاجي مظاهرو ڪندڙن پاران پاڪ ڪلام جي توهين ڪندڙ شخص خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي

نوجوانن لاءِ هڪ لک ليپ ٽاپ، زرعي قرضن جو به اعلان، پاڪستان جلد پنهنجن پيرن تي بيهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تمام جلد پنهنجن پيرن تي بيهي ڏيکاريندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ هلندڙ سال وڌيڪ بهتري آندي وئي آهي

وزيراعظم شهباز شريف جو اسلام آباد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عوامي فلاحي منصوبي جو خواب محترما بينظير ڀٽو ڏٺو هو، آصف زرداري ۽ سندس ٽيم ان خواب کي عملي روپ ڏنو

وزيراعظم چيو ته شازيا مري ۽ سندس ٽيم کي پروگرام ۾ بهتري آڻڻ تي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، بي آءِ ايس پي تحت متاثرن کي ملندڙ رقم تعليم کي هٿي ڏيڻ تي به خرچ ٿيڻ گهرجي

وزيراعظم چيو ته گذريل سال 3ڪروڙ 30 لک ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا، اميد آهي ته جلد پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو

وزيراعظم شهباز شريف يوٿ پروگرام جي هڪ ڌار تقريب ۾ مختلف يونيورسٽيز جي شاگردن ۾ ليپ ٽاپ به ورهايا، وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي خوشي آهي ته نوجوانن ۾ ڪلاشنڪوف نه پر ليپ ٽاپ ورهائي رهيو آهيان

شهباز شريف چيو ته چاهيان ٿو ته ملڪ جي هر ٻار وٽ ليپ ٽاپ هجي، هلندڙ سال هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائينداسين، ٻهراڙين ۾ زراعت سان واڳيل نوجوانن کي قرض به ڏينداسين

Leave A Comment