سوات سانحو: 12 ڄڻن جا لاش ملي ويا، اباڻي ڳوٺن ۾ مٽي ماءُ حوالي

جُون 28, 2025

سوات (پنهنجي ڊيسڪ) سوات جي علائقي فضا گٽ ۾ پيش آيل هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ 18 مان 12 سياح ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. چار ماڻهن کي زنده بچايو ويو، جڏهن ته ٽن گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي. خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري پاران 50 لک رپين جي امداد جو اعلان ڪيو ويو. حادثي ۾ فوت ٿيلن جي خاندانن لاءِ هر هڪ کي 15 لک رپياڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب هٿ آيل لاشن ۾ پنج عورتون، 2 ٻار ۽ هڪ مرد شامل آهن. فوت ٿيلن جو تعلق سيالڪوٽ ۽ مردان سان هو.

سوات درياءَ مان مردان جي رهواسي دانيال جو لاش به مليو آهي. هينئر تائين، درياءَ مان ٻارنهن ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.

واقعي کانپوءِ سوات انتظاميا رات جو دير سان ڪارروائي ڪئي ۽ ان هوٽل کي سيل ڪيو جتي متاثر سياحن ناشتو ڪيو هو. هوٽل انتظاميا ۽ شهرين مزاحمت ڪئي، جنهن جي ڪري علائقي ۾ سخت احتجاج ٿيا.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته حادثي کان اڳ انتظاميا کي بار بار آگاهه ڪيو ويو هو، پر ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي. هاڻي پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

واقعي کانپوءِ صوبائي حڪومت لاپرواهي جي الزام ۾ چار سرڪاري عملدارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. آفيسرن موجب وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جيڪڏهن غفلت ثابت ٿي ته وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

مردان ۾ فوت ٿيل فرمان ۽ نوجوان عشال جي جنازي نماز نوان ڪلي رستم ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي دوران ماحول آهون ۽ سڏڪن سان سوڳوار ٿي ويو.

فوت ٿيل جي مائٽ روحل امين چيو ته ٻار درياهه جي ڪناري تي وڃڻ تي زور ڏئي رهيا هئا. ڪجهه دير کان پوءِ، ٻوڏ جو پاڻي آيو ۽ سڀني کي گهيرو ڪري ڇڏيو. اسان مان ڪجهھ معجزاڻي طور تي بچي ويا.

سيالڪوٽ ۾ 8ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

سيالڪوٽ ۾ متاثر خاندان جي اٺن ميمبرن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. 41 سالن جي روبينا بي بي ۽ سندس ٻن ڌيئرن جي جنازي نماز ڊسڪا ڪلان ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته 3 ورهين جي ايان ۽ 12 ورهين جي آئمه جي جنازي نماز سمبڙيال روڊ تي عيدگاهه ۾ ادا ڪئي وئي. ٽنهي ڀينرن، عجوا، ميراب ۽ مشعل جي جنازي نماز پڻ ادا ڪئي وئي.

جنازي نماز ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، هر اک ڳوڙهن سان ڀرجي آئي ۽ سڄو علائقو سوگ ۾ ٻڏي ويو.

خيبر پختونخواهه جي چيف سيڪريٽري جو هنگامي دورو

خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري شهاب علي شاهه سوات جو هنگامي دورو ڪيو ۽ مينگوره بائي پاس جي ويجهو سوات درياءَ ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي واري هنڌ جو معائنو ڪيو. هن واقعي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن لاءِ هر هڪ کي 15 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو.

چيف سيڪريٽري موجب حادثي دوران سوات درياءَ ۾ 85 ماڻهو ڦاٿل هئا، جن مان 58 کي زنده بچايو ويو، جڏهن ته هاڻي تائين 11 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن. باقي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي.

شهاب علي شاهه چيو ته شروعاتي جاچ ۾ غفلت ثابت ٿيڻ کان پوءِ انتظامي آفيسرن ۽ ضلعي ريسڪيو آفيسر کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ جاچ ڪميٽي واقعي جو مڪمل جائزو وٺي رهي آهي. هن يقين ڏياريو ته رپورٽ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ لاپرواهي ڪندڙ ماڻهن کي سخت سزا ڏني ويندي.

چيف سيڪريٽري چيو ته خراب موسم ۽ وقت جي کوٽ سبب، هيلي ڪاپٽر بچاءُ آپريشن دوران موقعي تي نه پهچي سگهيو، تنهن هوندي به، زمين تي موجود سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته سوات درياءَ ۾ هر قسم جي کوٽائي تي پابندي لڳائي پئي وڃي  ۽ تجاوزات خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ سياحن جي تحفظ لاءِ سڀ ضروري ايس او پي جاري ڪيا ويا آهن.

چيف سيڪريٽري شهاب علي شاهه چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت هن افسوسناڪ واقعي تي غمزده خاندانن سان گڏ آهي ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • آمريڪي جي پرڏيهي ترجمان جو عمران بابت سوال جو سرڪاري طور تي جواب ڏيڻ کان انڪار

  • سنڌ حڪومت جي سخاوت، پنجاب بعد مالا ڪنڊ ۾ هنري سکيا لاءِ هڪ ارب رپين جي منظوري

  • وفاقي وزارتن ۾ مالي بي ضابطگيون، 1100 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان

  • ڪراچي:5 ماڙ عمارت ۾ دٻجي ويلن جو انگ 27: فوتين لاءِ 10-10 لک رپين جو اعلان