تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ايندڙ سال چونڊون نه ٿينديون، وزيراعظم تبديل ٿي سگهي ٿو: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ايندڙ سال چونڊن جو آهي مريم نواز جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مريم نواز سميت ٻيا به مخالف ڌر جا اڳواڻ ايندڙ سال چونڊن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر في الحال اهڙي صورتحال نظر نٿي اچي، ايندڙ سال چونڊون ممڪن نٿيون لڳن، باقي ايئن ٿي سگهي ٿو ته وزيراعظم تبديل ٿئي، مخالف ڌر احتجاج ۾ تيزي آندي ته عمران خان جي حڪومت به ختم ٿي سگهي ٿي، چونڊون به ٿي سگهن ٿيون. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته مريم نواز اهڙيون ڳالهيون ڪري ڪارڪنن ۾ اميد پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، خادم گهراڻو لکيو ته ڪنهن کي عوام جو فڪر نه آهي اليڪشن سان ڇا عوام جي حالت تبديل ٿيندي مهانگائي ختم ٿيندي، لياقت علي ميمڻ لکيو ته موجوده صورتحال ۾جيڪڏهن مخالف ڌر عوام کي بيچيني جي صورتحال مان نه ڪڍي سگھي ته مهانگائي، بيروزگاري غربت سبب عوام پاڻ ئي روڊن تي ايندو ۽ حڪومت جو وڃڻ يقيني ھوندو، جمال الدين چنا لکيو ته هنن کي عوام جو فڪر ناهي هنن کي صرف پنهنجا مفاد عزيز آھن پنهنجن مفادن خاطر هڪ ٿيا اليڪشن ٿئي به ته عوام جو فائدو نه ٿيندو، محمد شريف ڄامڙو لکيو ته جڏهن به ڪا اپوزيشن پارٽي اليڪشن ۾ شڪست کائيندي آهي ته پوءِ حڪمران جماعت سان ھر مسئلي تي مھاڏو اٽڪائيندي آهي، مريم نواز کان پھرين به مختلف پارٽين جي سربراهن ھر نئين ايندڙ سال کي اليڪشن جو سال قرار ڏنو آهي اسانکي اليڪشن ٿيندي نظر نٿي اچي، نياز سومرو لکيو ته مريم نواز چيو آهي ته چونڊون ٿي به سگهن ٿيون، ملڪي سياست ۾ ڪا به شيءَ ناممڪن ناهي، آزاد لال حسين لکيو ته چونڊون ممڪن ناهن، ايندڙ سال حڪومت مشڪل وڃي پر ڇڪتاڻ ضرور ٿيندي، راسول مل لکيو ته هي سياسي بيان آھن ڪا اهميت ڪونهي، رضا راڄپر لکيو ته اسان کي نٿو لڳي ته ايندڙ سال چونڊون ٿينديون باقي وزيراعظم مٽجي سگهجي ٿو، اسلام الدين ميتلو لکيو ته چونڊون نه ٿينديون، ممتاز علي سميجو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. تنها سجاد شورو لکيو ته عمران خان جو تختو اونڌو ٿيڻ جو خدشو آهي، ديدار بلوچ لکيو ته ايندڙ سال چونڊن جو ته ناهي پر وزيراعظم تبديل ضرور ٿيندي نظر اچي پيو اپوزيشن جي اها جدوجهد جاري رهي ته اليڪشن به جلد ٿيندي، بشير رضا مهر لکيو ته لڳي ٿو ته اپوزيشن کي اهڙو آسرو مليو آهي، اويس ملاح لکيو ته ڏسڻ ۾ نٿو اچي ته ايندڙ سال چونڊون ٿينديون، ديپڪ باغي لکيو ته عمران خان جو تختو اونڌو ٿئي يا نه پَر وري به عوام جي ساڳئي حالت هوندي جيڪا يا هينئر آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته موجوده وفاقي سرڪار مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ڪنهن سهاري تي هلي پئي ممڪن آهي ته مريم نواز جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿئي ۽ ايندڙ سال اليڪشن جو سال ٿئي، ساگر آفتاب علي بجير لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته چونڊون ٿين ڇو ته اپوزيشن جا احتجاج وڌن پيا انڪري عمران جو تخت اونڌو ٿي سگهي ٿو، سڪيش ڪمار لکيو ته ٿي سگهي ٿو پي ڊي ايم وارن کي ڪٿان آسرو مليو ھجي ته عمران خان کي گهر موڪلڻو آهي ۽ ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وينديون، عبدالحفيظ شر لکيو ته ڪنهن به حڪومت کي عوام جو فڪر ناهي سڀ پنهنجا کيسا ڀريندا، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته اپوزيشن اگر پنهنجي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪندي ته ممڪن آهي ته اڳيون سال چونڊن جو هجي پر اهڙي سست رفتاري سان ممڪن ناهي، ٻئي طرف عوام به هن وقت وفاقي سرڪار مان بيزار نظر پيو اچي، عبدالحفيظ شر لکيو ته تنها جان لکيو ته چونڊون نه ٿينديون، سجاد علي ڦلپوٽو لکيو ته چونڊون ممڪن ناهن، عبدالحئي ساوند لکيو ته مونکي نٿو لڳي ته ايندڙ سال چونڊون ٿينديون، عبدالرحمان ميمڻ لکيو ته جيئن پي پي ۽ مسلم ليگ نواز پنج سال پورا ڪيا ايئن پي ٽي آئي پنھنجا پنج سال پورا ڪندي باقي ٿي سگھي ٿو وزيراعظم تبديل ٿي وڃي، سينگار علي لکيو ته مخالف ڌر جي احتجاج ۾ تيزي سان عمران خان جي حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي، چونڊون به ٿي سگهن ٿيون، وحيد مستوئي لکيو ته اسان سمجھون ٿا ته چونڊون نه ٿينديون وري به سليڪشن ۽ ڳالھين ذريعي حڪومت جوڙي ويندي باقي چونڊن واري صورتحال ناھي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *