تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… اپوزيشن پارٽين جي اتحاد جي سربراهي مولانا فضل الرحمان کي ڇو ڏني وئي؟ عوام ڇا ٿو چوي؟

اپوزيشن اتحاد پاران حڪومت خلاف تحريڪ جو اعلان ڪندي جلسن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي قيادت جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪري رهيو آهي، ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اپوزيشن اتحاد جي سربراهي مولانا فضل الرحمان کي ڏني وئي آهي اوهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي مان اميد نٿي رکي سگهجي، مولانا فضل الرحمان وٽ ڪارڪنن جو وڏو انگ هجڻ ڪري کيس پي ڊي ايم جي قيادت ڏني وئي آهي، اپوزيشن جي اتحاد جي تحريڪ سان حڪومت ختم نه ٿيندي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محمد صديق خاصخيلي لکيو ته نواز ليگ سربراهه نواز شريف جي تجويز تي مولانا فضل الرحمان کي اپوزيشن پارٽين جي اتحاد جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آھي، جيڪو وفاقي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿو، پرويز علي لکيو ته ڪنهن به سياسي جماعتن کان ڪا به اميد نٿي رکي سگهجي، خادم گهراڻو لکيو ته مولانا هڪ پراڻو سياستدان آهي، علي عباس جمالي لکيو ته مولانا فضل الرحمان تي ڪو به ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، گلزار ملاح لکيو ته نواز شريف ٻاهر آهي شهباز شريف جيل ۾ آهي، مريم نواز جي گرفتاري جا امڪان آھن، ٻيو تازو فضل الرحمان اسلام آباد ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھو گڏ ڪيا. سرتاج احمد لکيو ته مولانا فضل الرحمان سان عوام جي طاقت آھي، گل زيب ساند لکيو ته هي سڀ اسان عوام کي بيوقوف پيا ٺاهين عمران خان هجي يا مولانا سڀ هڪجهڙا آهن، الاهي بخش سومرو لکيو ته مولانا فضل الرحمان ۾ سياسي بصيرت آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته مولانا فضل الرحمان جو به حق آهي پهرين احتجاج ان ڪيو، عبدالرحيم اوڳاهي لکيو ته پ پ وارن بيوفائي نه ڪئي ته حڪومت جا ڪجهه ڏينهن هوندا، عصمت الله حسن لکيو ته اهو بهترين عمل آهي، عبدالله جروار لکيو ته مولانا فضل الرحمان وٽ ڪارڪن گهڻا آهن جهانزيب لکيو ته پاڪستان کي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين ڪيتريون ئي پارٽيون ٺهيون پر هي سڀ ڊرامائي آهن حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو، ايم شهباز لکيو ته اھڙو اتحاد ڪجھه ڏينھن ھلندو.اسان سياستدانن جي ھٿن ۾ کيڏڻ ڪڏھن بند ڪنداسين. حڪومت 5 سال مڪمل ڪندي ۽ ڪرڻ به گھرجن. ابراهيم خليل لکيو ته فيصلو سٺو ضرور آهي ليڪن مولانا سان هلڻ گهٽ ۾ گهٽ مشڪل ترين مرحلو آهي ڇو ته پ پ ن ليگ ۽ جي يوآئي ۾ سياسي اختلاف رهندا پيا اچن، محمد مٺل پڻ راءِ جو اظهار ڪيو خادم رند لکيو ته مولانا فضل الرحمان ڪو روشن خيال ۽ جمهوريت پسند اڳواڻ ته ناھي پر غريب کٿابين جي صورت ۾ ڪارڪنن جو ھڪ منظم جٿو وٽس ضرور موجود آھي. شايد انڪري ئي مخالف ڌر جي پارٽين کيس اڳواڻ چونڊيو آھي. شڪر باغي لکيو ته سياسي پارٽين خاص ڪري پ پ ۽ ٻين پارٽين وٽ نظرياتي سياست نه هجڻ ڪري اسٽريٽ پاور نه آھي، عرفان علي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، رحمت سومرو لکيو ته مولانا فضل الرحمان کي اڳواڻي ڏيڻ جو مطلب آھي ته ساڄي ڌر کي سياسي واڳ ڏيڻ. فخر الزمان سومرو لکيو ته مولانا فضل الرحمان کي اپوزيشن اتحاد جي سربراهي ڏيڻ جو مطلب ته هي تحريڪ بغير ڪنهن دٻاءُ جي هلائي ويندي، آفتاب مهر لکيو ته پاڪستان جي حڪومت ڪيئن ٺاهبي آهي ۽ ڪيئن ڊاهبي آهي اهي گر مولانا فضل الرحمان ڄاڻي ٿو، توفيق لنڊ لکيو ته مولانا فضل الرحمان کي جيڪي صدر چونڊي رهيا آهن اهي سينئر نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ۾ خوش ڪئين هوندا بس پنهنجي مفادن لاءِ ڪجھه به ڪري سگهن ٿا، ان کانسواءِ محبتي مڪيش، ثناءُالله کوسو، ايم عيدل بجير، نياز محمد خواجه، ابراهيم خليل، راسومل، آغا الائودين، بشير منگي، اصغر سنڌي، نعيم الله، شهباز ملاح، محرم قادر بلوچ، نعمت الله ساند، حبيب الله جمالي، لال محمد رند، ياسين شر، اسلم انصاري، عبدالحڪيم لغاري، منظور سولنگي، خان بلوچ، اويس احمد لغاري، اي جي خان چاچڙ، نياز ڪنڀر، سينگار علي، وحيد مستوئي، حافظ صديق لغاري، ابومحمد ٻرڙو، عابد ڪيريو، اسحاق حسين لاکو، محمد حنيف، رحمت الله ميراڻي، شبير احمد سهتو، ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *