Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ep97atf5c2p1a7p6pb1m48mgl5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... حڪومت عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي وارا واقعا روڪڻ لاءِ سخت قانون جوڙي، ڌار عدالتون قائم ڪري جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن: عوام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... حڪومت عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي وارا واقعا روڪڻ لاءِ سخت قانون جوڙي، ڌار عدالتون قائم ڪري جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن: عوام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… حڪومت عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي وارا واقعا روڪڻ لاءِ سخت قانون جوڙي، ڌار عدالتون قائم ڪري جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن: عوام

                         ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ زيادتيون وڌي رهيون آهن جنهن جو سبب اهو آهي جوابدارن کي سخت سزا نه پئي ملي هن وقت جيڪي عليشا سان ظلم ٿيو آهي، اھڙي مجرمن خلاف سخت قانون جوڙي، الڳ عدالتون قائم ڪيون وڃن ۽ بروقت عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن، تڏهن ئي گھٽتائي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اڪثر ماڻهن ان قسم جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته عورتن ۽ ٻارن سان ٿيندڙ زيادتيون وڌي رهيون آهن جنهن جو سبب اهو آهي جوابدارن کي سخت سزا نه پئي ملي هن وقت جيڪي عليشا سان ظلم ٿيو آهي اهڙي جوابدارن کي گولي هڻي مارڻ واري سزا ڏيڻ جو قانون پاس ڪرڻ گهرجي، اظهار الحق لکيو ته ڏينھو ڏينھن زيادتين جا واقعا وڌندا پيا وڃن معصوم ٻار ڪٿي به محفوظ ناھي رھيو، آخر ڪيستائين اسان پنھنجي معصومن سان ظلم برداشت ڪنداسين حڪومت اهڙن جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏئي.نورالدين سولنگي لکيو ته حڪومت کي سخت کان سخت قدم کڻڻ گهرجي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، سارنگ منير سومرو لکيو ته رياست سياست پوليس ۽ قانون صحيح نموني ڪم ڪن ته اھڙن واقعن کي ٻنجو اچي سگھي ٿو، پرويز علي لکيو ته سڄي رياست ٿرٿلي ۾ هئي جڏهن پنجاب موٽروي تي عورت سان ريپ ٿيو.  ۽ هتي ته معصوم نياڻي ۽ ماءُ سان ريپ ٿيو آهي پر ڪو ايڪشن نظر نٿو اچي، عليشا سان انصاف ڪيو وڃي،فقير صادق لاشاري لکيو ته عورتن ۽ ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙن کي تڪڙي ۽ سخت سزا ڏجي، ممتاز راهمون لکيو ته اهڙن جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته حڪــومت کي گھرجي ته عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين کي روڪيو وڃي ۽ ان ڏوھارين کــي ڪڙي سزا ڏني وڃي، اسان وٽ اڪثر رڳو ڪيس داخل ٿيندا آهن پوءِ ڏوهاري ڏيتي ليتي ڪري آزاد ٿي ويندا آهن نتيجي ۾ ان قسم جا واقعا وڌي رهيا آهن. منظور ڪنڀر لکيو ته اهڙا واقعا ئي پيش نه اچن جيڪڏهن حڪومت اهڙن معاملن کي سيريئس وٺي پر حڪومت ۽ اسان جا چونڊيل نمائندا نه چاهيندي به اهڙين ڳالهين کان بي خبر بڻجي ويندا آهن تنهنڪري ئي اھڙا واقعا روز به روز جنم وٺن ٿا معصوم ٻارن کي تحفظ ڏيڻ پوليس جو ڪم آهي، نثار پتافي لکيو ته اهڙن جوابدارن کي سرعام چوڪ تي ٽنگيو وڃي، نجاوت خان مغيري لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته عورتن ۽ ٻارڙن سان ڪيل ناجائزي واري شخص کي سري عام گولي هڻي ماري، جاويد احمد لکيو ته حڪومت کي پنهنجي قوم کي تعليم ڏيڻ گهرجي، راشد لطيف لکيو ته زيادتي ڪندڙ جوابدار کي سزا نٿي ملي انجي ڪري واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آھن .اھڙن ماڻھن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، نقاش علي لکيو ته اڄ تائين جيڪي به ٻارن عورتن سان زيادتي ٿي آهي. حڪومت اڄ تائين ڪا به حڪمت عملي جوڙي ان سنگين مسئلي کي حل ناهي ڪيو. بابوجان ،لکيو ته جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، ممتاز جمالي لکيو ته قانون موجود آھي پر ان تي عمل ٽڪي جو نٿو ٿي، سالن جا سال ڪيسز ھلن ٿا. ڊي اين اي رپورٽون مھينن کان پوءِ اچن ٿيون. جيستائين انصاف وقت سر نه ٿيندو ڀلي ڪيتري به قانون سازي ڪيو ورندو ڪجھ به نه، حاڪم چانڊيو لکيو ته قانون جي حڪمراني قائم ڪري ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ عدالتن کي به تڪڙي ڪيس اڪلائڻ لاءِ ھدايتون ڏنيون وڃن ان سان ڏوھ ختم ته نٿا ٿي سگهن پر گهٽجي ضرور سگهن ٿا، وڪيل جمالي لکيو ته جوابدارن کي شهر جي چوڪ تي سرعام سنگسار ڪري مارڻ جو قانون رائج ڪيو وڃي، رياض سولنگي لکيو ته معصوم ٻارن سان زيادتي ڪندڙن وحشين کي کلي عام ڦاهي ڏني وڃي سرمد ملاح لکيو ته سرڪار کي گھرجي ته معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ڪندڙ وحشين کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن، نياز محمد خواجه لکيو ته اھڙي مجرمن خلاف سخت قانون جوڙي، الڳ عدالتون قائم ڪيون وڃن ۽ بروقت عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن، تڏهن ئي گھٽتائي ممڪن ٿي سگهي ٿي، امجد برهماڻي لکيو ته سرعام ڦاهي ڏني وڃي، ذاڪر احمد لکيو ته اهڙو ڏوهه ڪندڙن کي ڦاهي ڏني وڃي، جمال الدين چنا لکيو ته حڪومت کي اهڙن درندن خلاف سخت قانون پاس ڪرڻ گهرجي ۽ ان قانون ۾ صرف انڪائونٽر هجي نه ٽرائل هجي نه ئي هنن کي جيل جو منهن ڏيکارجي پر ڇا ڪجي ڇو ته اهڙن جوابدارن تي وڏن ماڻھن جو هٿ هوندو آهي، نديم احمد شيخ لکيو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون ته موجود آهي پر ان تي عملدرآمد نه پيو ٿئي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جوڙيل قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ سان گڏوگڏ جوابدارن کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي، موهن لال لکيو ته جنسي زيادتي ڪيسن جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کنيا وڃن، وڪرم ڪمار لکيو ته جوابدارن کي موت جي سزا ڏني وڃي، نورالدين جوکيو لکيو ته اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جنهن ۾ اهڙي  ملزم کي سرعام ماريو وڃي، بلال احمد، صوفي منصور پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالوحيد چنا ۽ سڪيش ڪمار لکيو ته حڪومت قانون ۾ ترميمون ڪري جيڪي درندا معصوم ٻارن ۽ عورتن سان زنا ڪن ٿا انهن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، صاحب جمالي لکيو ته موت جي سزا ڏني وڃي، اعجاز جان بجير لکيو ته جيستائين حڪومت جوابدارن کي ڦاهي جي سزا نه ڏيندي تيستائين ڏوهه گهٽ نه ٿيندا، علي رضا، امن راڄپر، ممتاز علي لاکو، الطاف حسين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو حفيظ قريشي، زاهد علي کوکر، آزاد راءِ، ضياءَ سنڌي، قربان عالياڻي، منيب علي سنجراڻي پڻ سخت سزائن جي گهر ڪئي، عبدالله ميراڻي لکيو ته معصوم ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ اهڙو قانوني بل پاس ڪيو وڃي جنهن ۾ ملوث جوابدار کي بنا ڪنهن صفائي ڏيڻ جي ڦاسي تي ٽنگيو وڃي، رجب رحمي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالنبي شر لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته عورتن ۽ ٻارڙن سان ڪيل ناجائزي واري شخص کي سرعام ماري ڇڏي، امير حسن گشڪوري لکيو ته جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، عبدالحفيظ کوسو، آر جي ذاڪر شر، رزاق ڍاٽي، نياز ڪنڀر، عبدالحفيظ ملاح، دليپ ڪمار، محمد رحيم چوهاڻ ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *