تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… حڪومت غريب دشمن قرار: سي اين جي ۽ صنعتي شعبي لاءِ گيس مهانگي ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت سي اين جي سيمت مختلف شعبن لاءِ گيس مهانگي ڪري ڇڏي آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هي حُڪومت هيٺئين طبقي جي دشمن ثابت ٿي آھي، گئس سميت هر شي جا اگھه آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن، حڪومت سي اين جي، پاور سيڪٽر ۽ صنعتي شعبي لاءِ گيس مهانگي ڪري ڇڏي آهي، ان سان اڃا مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو، حڪومت اهڙو غلط فيصلو آهي جيڪو واپس ورتو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته حڪومت ٻن سالن ۾ گيس بجلي جا اگھه ايتراوڌايا آهن جو ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، سي اين جي جا مهينو اڳ اگھه وڌايا ويا وري وڌائي عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، فقير صادق لاشاري لکيو ته اڳ ئي مهانگائي آهي مٿان وري گيس به مهانگي ڪئي وئي آهي، پرويز علي لکيو ته بس اها دعا ٿا ڪريون ته انهن سڀن حڪمرانن مان صرف الله ئي جان ڇڏائي، گل حسن شر لکيو ته حڪمرانن کي عوام جو ڪو به احساس ڪونهي، گلزار ملاح لکيو ته هي حُڪومت هيٺئين طبقي جي دشمن ثابت ٿي آھي، گئس سميت هر شي جا اگھه آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن، عبدالله جروار لکيو ته هنن ظالمن کي خدا جو خوف ڪونهي عوام جو رت چوسي ڇڏيو اٿن.جاويد هڪڙو لکيو ته گيس مهانگي ڪري عوام کي پيغام ڏنو ويو ته واپس ماضي واري دور ۾ وڃو، اشوڪ سمراٺ لکيو ته نااهل اسان جو مالهي آهي، احد رضا لکيو ته صوبائي حڪومت سان گڏ وفاقي حڪومت پڻ مهانگائي ڪرڻ جي زميوار آهي. وقاص ياسين لکيو ته گيس مهانگي ڪرڻ تمام غلط فيصلو آهي، شنڪر باغي لکيو ته جيڪڏھن اهي حڪمران اڃا به وڌيڪ عرصو رهيا ته انسان جي ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس لڳائيندا، نقاش علي لکيو ته اصولن هئڻ ائين گهرجي ته هر صوبي ۾ معدنيات پنهنجي پنهنجي استعمال هيٺ آندي وڃي. جهانزيب لکيو ته اسان ته پهرين کان ئي مهانگائي جي ور چڙهيل آهيون، ڪرم چانڊيو لکيو ته وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ هٿرادو مهانگائي ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي معدني وسيلن سان مالامال سنڌ سميت بلوچستان جي اهي علائقا جن مان گيس ۽ تيل نڪري ٿو اهي به گيس ۽ تيل کان محروم آهن، نياز لکيو ته حڪومت ڇڏيو ڇا آهي عوام لاءِ سڀ ڪجهه مهانگو ڪيو ويوآهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته هن حڪومت مهانگائي کان سواءِ عوام کي ڏنو ڇا آهي؟ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، عرفان علي چانڊيو لکيو ته هڪ ته مهانگائي جو آزار وري حڪومت عوام جي مٿان سي اين جي جي ريٽ وڌائي ٿي، اويس الله لکيو ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، رضا راڄپر لکيو ته وفاقي حڪمرانن سنڌ سان ٻه اکيائي شروع ڪري ڇڏي آھي گئس سنڌ مان نڪري ٿي سنڌ کي نٿي ملي، مهاوير ٽيڪواڻي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته هنن نئين پاڪستان جي چڪر ۾ پراڻي پاڪستان به لاهه ڪڍي ڇڏيا آه، موسيٰ لغاري لکيو ته سي اين جي ۽ صنعتي شعبي لاءِ گيس مهانگي ڪرڻ سان عوام تي وڌيڪ مهانگائي جو بار پوندو، جاسم بلوچ لکيو ته هي نا اهل حڪومت آهي، راسول مل لکيو ته عوام سان ناانصافي ڪندڙ حڪمرانن کي خدا جو خوف ڪرڻ گهرجي، عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي، رضوان مجيداڻو لکيو ته ڪرڪيٽ جي رانديگر کي جيڪڏهن بادشاهه جي ڪري ڪرسي ملندي ته ائين ئي عوام تباه ٿيندو، وقار حسين لکيو ته موجوده حڪومت عوام کي ڪوبه رليف فراهم ناهي ڪري سگهي، هن دور ۾ هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، انتها ته اها آهي ته اڄ جي دور ۾ غريب ماڻهو نه اٽو ٿو وٺي سگهي، نه سبزي، ئي وري نوڪرين جي اميد آهي، محمد جمن ساند لکيو ته حڪومت هر شئي مهانگي ڪئي آهي، مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته نا اھل حڪمرانن لوڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڇڏيو آهي، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته حڪومت غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته حڪومت عوام کي ائين پئي پيڙهي جئين ڪنمد جو جوس ڪڍڻ لاءِ ڪمند کي پيڙھيو ويندو آهي، ذاڪر احمد لکيو ته هي حڪومت ڇا ٿئي چاهي ڪابه خبر ناهي، ديپڪ باغي لکيو ته مسلسل ايئن ٿيندو رهيو آهي، سلطان علي سومرو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، سليم اختر لکيو ته غلط فيصلو آهي اھيو فيصلو واپس ورتو وڃي، اصغر حسين لکيو ته اسان ته پهرين کان ئي مهانگائي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، حڪومت عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏنو، ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌندي پئي وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *