تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… حڪومت ميڊيڪل اسٽاف جا مطالبا مڃي، ڊاڪٽر هڙتال ڪري مريضن جي زندگين سان نه کيڏن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ٻئي ڏينهن به او پي ڊي بند رکي وئي آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڊاڪٽرن کي اهو نٿو ٺهي ته او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري غريب مسڪين ماڻهن جي حياتي سان کيڏن، انهن کي حڪومت سان قانوني ويڙھه وڙھڻ گھرجي. عملي جي ھڙتال بيمار ماڻھن جي اھنجن ۾ ويتر واڌارو ٿي آڻي، اسٽاف کي کپي ته ٻيو ڪو احتجاجي رستو اختيار ڪن، حڪومت کي به ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ احتجاج ڪندڙ عملي جا مطالبا مڃيا وڃن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته حڪومت پاڻ الائونس ڏنو وري بند ڪيو، اهو سسٽم آهي وڌڻ مهل خوش ٿبو آهي ڪٽڻ مهل احتجاج ڪبو آهي، حڪومت الائونس ھنن کي ڏي ائين نه ٿئي جو انساني جانيون ضايع ٿي وڃن، ڊاڪٽرن هيلٿ عملي جو ڪم زندگي بچائڻ آهي، سارنگ منير سومرو لکيو ته ڊاڪٽر ته لاپرواھه آھن پر حيرت ته اسان جي حڪمرانن ۽ صحت کاتي تي آھي جن جي صوبي ۾ ٻن ڏينهن کان اسپتالن کي تالا لڳل آھن ۽ ھزارين مريض دربدر آھن، پرويز علي لکيو ته نقصان ته غريب مريضن جو ٿو ٿئي امير ته پرائيويٽ اسپتال هليا ويندا، گل حسن شر لکيو ته هي سرڪاري ڊيوٽي ڪھڙي ايمانداري سان ادا ڪن ٿا جو الائونس لاءِ ايڏيون رڙيون ٿا ڪن. عطاءُالرحمان قادري لکيو ته غريب مريضن سان ظلم آهي انهن کي وقت تي علاج ڏيڻ گهرجي، شنڪر باغي لکيو ته سرڪار جي بيڊ گورننس جو واضع مثال آھي، ڪورونا اڃا ختم ناهي ٿيو رسڪ الائونس بند ڪيو ويو آهي، صحت کاتي جي ملازمن جي احتجاج جي ڪري غريب مريض پريشان ٿين ٿا، عبدالحليم ڇٽو لکيو ته حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، ڊاڪٽرن کي الائونس ته ملي پر هيٺين طبقي جي عوام لاءِ به حڪومت کي ڪجهه ڪرڻ کپي، گل محمد مجيداڻي لکيو ته افسوس اهڙي حڪومت ۽ ڊاڪٽرن تي جيڪي پنهنجي مفاد خاطر انساني جانين سان ٿا کيڏن حڪومت کي گهرجي ته ڊاڪٽرن جا جائز مطالبا مڃي، رضوان احمد لکيو ته هي تمام غلط عمل آھي غريب مريضن سان ظلم آھي ڊاڪٽرن جو ڪم انسان جي خدمت ڪرڻ آھي، زاهد علي لکيو ته حڪومت جي ھٺ ڌرمي جي ڪري ويچارو عوام رلجي ويو، او پي ڊي بند ڪري عوام جي اهنجن ۾ اضافو نه ڪيو ويو آهي، رضا راڄپر لکيو ته ٻين صوبن ۾ ڊاڪٽرن کي رسڪ الائونس ملي رهيو آھي ته پوءِ سنڌ حڪومت به ڏئي، سرڪار ۽ ڊاڪٽرن جي وچ ۾ غريب عوام پريشان آھي مريض اسپتالن جي ٻاهران تڙپندا رهيا پر ڊاڪٽر احتجاج ۾ مصروف رهيا. ظفر حسين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالله جروار لکيو ته حڪومت نه رڳو ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري پر اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن کي به حل ڪري، مهاوير واسو لکيو ته سنڌ حڪومت الائونس وڌائي يا نه پر اسپتالن جي بجيٽ ضرور وڌائي ته جيئن عوام کي علاج جي سهولت ملي، ظهير لغاري لکيو ته حڪومت کي اهو الائونس ڏنو ڇو هو؟ عبدالرزاق پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ظفر رند لکيو ته ڊاڪٽر مسيحا هوندا آھن ، ڊاڪٽرن کي اهو نٿو ٺهي ته او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري غريب مسڪين مارئڙن جي حياتي سان کيڏن.رحمت سومرو لکيو ته حڪومت سان قانوني ويڙھه وڙھڻ گھرجي. عملي جي ھڙتال بيمار ماڻھن جي اھنجن ۾ ويتر واڌارو ٿي آڻي. احسان مهر لکيو ته ڊاڪٽر جو ڪم زندگي بچائڻ آهي پنهنجي مفاد جي ڪري مريضن جي زندگي کي داءَ تي نه لڳائين، عرفان مجيداڻي ۽ اشرف هنڱورجو پڻ راءِ جو اظهارڪيو، اويس لکيو ته سرڪار جي ناهلي جي ڪري غريب عوام سخت پريشان آهي، ڊاڪٽرن اوپي ڊيز بند ڪري ڇڏيون آهن، امان الله لغاري لکيو ته سنڌ ۾ او پي ڊي ۾ دوا نٿي ملي حڪومت ان معاملي تي ڌيان ڏئي، عمران عمراڻي لکيو ته سٺو ڪم آهي محمد جمن ساند لکيو ته مطالبا مڃيا وڃن، سليم اختر لکيو ته غلط عمل آهي ھن عمل سان عام ماڻهو کي سخت تڪليف ٿي رھي آهي اسٽاف کي کپي ته ٻيو ڪو احتجاجي رستو اختيار ڪن، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته ڊاڪٽر مسيحا هوندا آهن انهن کي نٿو جڳائي ته انساني زندگين سان کيڏن مريض اسپتالن ۾ تڙپي رهيا آھن، حافظ عيدل ڪنڀر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، راجا رميش لکيو ته حڪومت سان قانوني ويڙھه وڙھڻ گھرجي. ھڙتال بيمار ماڻھن جي اھنجن ۾ ويتر واڌارو ٿي آڻي. رجب رحمي لکيو ته سنڌ حڪـومت کي اهڙو نظام جوڙڻ گهرجي جنهن سان عوام کي رليف ملي سنڌ جي اسپتالن جي بجيٽ وڌائي وڃي، عمران علي لکيو ته ڊاڪٽر مسيحا ان ڪري سڏيا ويندا آهن ته اهي زندگي بچائيندا آهن، پر اڄ او پي ڊيز بند ڪري بيمار ماڻهن کي پريشان ڪيو پيو وڃي. خبرون آهن ته گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ ٻئي ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ رهيو، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص سوڌو ٻين شهرن ۾ او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب مريض رُلي ويا، گمبٽ ۾ او پي ڊي جي بائيڪاٽ دوران علاج لاءِ پهتل گهوٽڪي واسڻ رضيه خاتون اسپتال ٻاهران تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، عمرڪوٽ، نئون ڪوٽ، نصير آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ هيلٿ عملي جي بائيڪاٽ سبب مريض دربدر ٿي ويا، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ ٻئي عملي طرفان هيلٿ ملازمن جو رِسڪ الائونس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *