تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… حڪومت ناڪام قرار: ٽائيگر فورس مهانگائي ڏسندي ته پوءِ ڪمشنر ۽ پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽيون ڇا لاءِ آهن؟ عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي وزيراعظم پاران شين جا اگهه جاچڻ ٽاسڪ ٽائيگر فورس کي ڏنو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي وڌڻ جي حڪومت پاڻ ذميوار آهي، عوام مهانگائي کان بيزار ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، حڪومت غريبن کان ماني گرهه به کسي ورتو آھي، سياست چمڪائڻ لاءِ ٽائيگر فورس کي ميدان تي لاٿو پيو وڃي، جيڪڏهن شين جا اگهه ٽائيگر فورس وارا ڏسندا ته پوءِ ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽيون ڇا لاءِ آھن ؟ حڪومت کي گھرجي ته منافعي خورن کي جيل حوالي ڪري، باقي اهڙا فيصلا ڪري صرف عوام کي بيوقوف نه بڻايو وڃي، ڪامورن کان ڪم ورتو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي بنيادي ضرورت اٽو به نٿو ملي ٽائيگر فورس وارو فيصلو صحيح آهي، گل حسن شر لکيو ته وزيراعظم جنھن شيءِ جو نوٽيس وٺندو آھي اھا عوام جي پھچ کان پري ٿي ويندي آھي، پرويز علي لکيو ته وفاقي حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، عطاءُالرحمان لکيو ته ٽائيگر فورس ڪجهه نه ڪري سگهندي، رضوان مجيداڻو لکيو ته عمران خان هاڻي بلڪل ناڪام ٿي چڪو آھي عوام مهانگائي کان بيزار ٿي چڪو آهي، ٽائيگر فورس ڪا به حڪومت جي مدد نه ڪري سگهندي، سرڪاري مشينري ناڪام ٿي وئي آهي، شنڪر باغي لکيو ته ٽائيگر فورس ڇا ڪندي، غلام حسين ڀٽي لکيو ته اگھن تي ڪنٽرول ڪامورا نٿا ڪرائي سگهن ٽائيگر فورس وري ڇا ڪري سگهندي؟، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته ٽائيگر فورس ڪا آسماني مخلوق ناهي، بس عوام کي ئي بي وقوف بڻايو پيو وڃي، اهڙي اعلان جي آسري عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيو پيسجندو، هزار خان لکيو ته اهڙا فيصلا ڪري صرف عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، قادر شر لکيو ته ڪامورن کان ڪم پڄي نٿو باقي ٽائيگر فورس وري ڪم ڪندي؟ رئوف شر لکيو ته مهانگائي وڌي وئي آهي، حافظ عيدل ڪنڀر لکيو ته ٽائيگر فورس کي ميدان لاهڻ وارو اعلان سياست چمڪائڻ آهي، علي گل دايو لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته منافعي خورن کي جيل حوالي ڪري، راشد ڪانڌڙو ۽ سليم اختر لکيو ته مهانگائي جي معاملي تي وزيراعظم کي سنجيدگي جو مظاھرو ڪرڻ گهرجي، سڪندر بلوچ لکيو ته ٽائيگر فورس مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگھندي، محرم علي شر لکيو ته اسان وزيراعظم جي ان فيصلي مان بلڪل مطمئن آهيون، ياسر خان لکيو ته حڪومت غريبن کان ماني گرهه ب کسي ورتو آھي، الاهي ايچ ايم، شبير جمالي ۽ مظفر بلوچ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، محمد جمن ساند لکيو ته پاڻ ئي مهانگائي ڪن ٿا وري پاڻ ئي مهانگائي گهٽائڻ وارا ڊراما ڪري رهيا آهن، محمد بچل شر ۽ مجيد رحمان پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، علي آصف بلوچ ۽ حبيب الله جمالي لکيو ته ٽائيگر فورس جو اهو ڪم ناهي، حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري زاهد علي مجيداڻو لکيو ته عمران خان هر شعبي ۾ ناڪام ويو آهي، جڏهن کان حڪومت آئي آهي بيروزگاري بدحالي ۽ مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي هاڻي ته عوام به اهو ٿو سوچي ته هن حڪومت مان جان الائي ڪڏهن ڇٽندي؟ نديم بلوچ لکيو ته افسوس آهي وزيراعظم جي ان بيان تي، وزير اعظم پاران مهانگائي ڪئي وئي آهي ڇا هاڻ هر مسئلي تي ٽائيگر فورس پهچهندي؟، مهاوير واسو لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، عادل الاهي بخش لکيو ته ٽائيگر فورس جي وس جي ڳالھه نه آهي، هتي وڏيون وڏيون مافيائون ملوث آھن حڪومت پاڻ ڪجھه نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ ٽائيگر فورس وارا ڇا ڪندا؟ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پاور ڏنا وڃن ۽ چيڪ ۽ بيلنس رکيو وڃي، جاويد هڪڙو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، نذير احمد ابڙو لکيو ته افسوص جي ڳالھه آھي ان ٽائيگر فورس جي موجودگي ۾ اٽي، کنڊ، گيھه، گوشت جي قيمت آسمان تي پھچي وئي .ھاڻي ھي ٽائيگر فورس مھانگائي تي ڪنٽرول ڪندا؟ اھڙي ڳالھه آھي ته ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽيون ڇا لاءِ آھن ؟ محمد عرس، احسن اياز، وحيد ڄامڙو، ايم شهباز، محمد حنيف خاصخيلي، هزار خان، غلام حسين ڀٽي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *