تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… حڪومت هجي يا مخالف ڌر، ٻنهي ۾ جهيڙو ڪرسي لاءِ آهي، ملڪ لاءِ ڪير به نٿو سوچي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڇڪتاڻ: ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڇڪتاڻ سان ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچندو، حڪومت پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي چڪر ۽ اپوزيشن وارا ڪرسي ماڻڻ جي لالچ ۾ آهن اها ڇڪتاڻ رڳو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ آهي، عوام ۽ ملڪ لاءِ ڪير به نه پيو سوچي، ھميشه اپوزيشن گوڙ ڪندي آهي حڪومت کي ڪس کائڻي پوندي آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز علي لکيو ته سڀ ڊرامو آهي.خادم گهراڻو لکيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڇڪتاڻ سٺو عمل نه آهي ان سان ملڪ جي عوام ۽ معيشيت کي نقصان پهچندو، جلسا ٿيندا شهر بند ٿيندا عوام پريشان ٿيندو ان ڇڪتاڻ کي ڳالهين وسيلي ختم ڪجي، فقير صادق لاشاري لکيو ته انهي ڇڪتاڻ دوران ٿي سگهي ٿو حڪومت عوام لاءِ ڪجهه سوچي، محمد رفيق بلوچ لکيو ته جيستائين حقيقي جمهوريت قائم نه ٿيندي تيستائين ملڪ ڪڏھن به ترقي نه ڪندو، ارڏو اترادي لکيو ته عوام کي اشوز جي سياست ۾ ڦاسائي وفاق قدرتي وسيلا، ٻيٽ، زمينون، درياهه ۽ شهر والاري رهيو آهي.عبدالله جروار لکيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هڪ طرف غربت ، مهانگائي، بيروزگاري عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو ٻئي طرف سياسي ڇڪتاڻ آهي.نياز سومرو لکيو ته ملڪ انارڪي طرف وڃي رھيو آهي، ھميشه اپوزيشن گوڙ ڪندي آهي حڪومت کي ڪس کائڻي پوندي آهي، شنڪر باغي لکيو ته عوام جي مسئلن سان ڪنهن جو به ڪم ناهي، عمران کي ڪرسي کپي ۽ ٻين کي رليف سان گڏ ڪرسي به کپي، باقي هينئر اپوزيشن کي اها خبر پئي آھي ته جيستائين صوبن جي حقن جي ڳالهه نه ڪنداسين ته اسانکي اقتدار مليو تڏھن به سک سان حڪومت نه ڪري سگهنداسين ان ڪري به اپوزيشن کي ڀرپور موٽ ملي رهي آھي.سڪيش ڪمار لکيو ته حڪومت پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي چڪر ۽ اپوزيشن وارا ڪرسي ماڻڻ جي لالچ ۾، جنهن ۾ نقصان ملڪ جو ٿي رهيو آهي، ڀنڀو خان چانڊيو لکيو ته اها ڇڪتاڻ رڳو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ آهي ٻئي ڌريون ڪرسي لاءِ وڙهي رهيون آهن عوام ۽ ملڪ لاءِ ڪير به نه پيو سوچي،محمد علي شر لکيو ته اپوزيشن احتساب جو عمل تيز ٿيڻ تي دانهون ٿي ڪري اپوزيشن جن ڪيسن ۾ ڀوڳي رهي آھي اهي ڪيس هنن ئي هڪ ٻئي مٿان داخل ڪرايا آھن سڀ ڪرپٽ چور آھن، عاشق حسين لکيو ته سياستدان پنھنجي مرضي جا بيان ڏئي عوام کي بي وقوف بڻائڻ ٿا، حنيف رضا بلوچ لکيو ته پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سياست دان سياست ڪن ٿا، غلام قادر لکيو ته ڪجھه ٿيندي نظر ته نه پيو اچي، عوام لاءِ نواز ليگ جي حڪومت سٺي رهي آهي، پيار علي چانڊيو لکيو ته ملڪ جي موجوده سياسي گرما گرمي واري صورتحال ۾ حڪومتي ڌر پنھنجن فيصلن تي بضد آھي جڏھن ته مخالف ڌريون ھن وقت صرف پنھنجو دفاع ڳولھي رھيون آھن، جمال الدين چنا لکيو ته ملڪ جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته حڪمران هن وقت پنهنجي ضد ۽ هوڏ تي قائم آهن ۽ اپوزيشن صرف بيان بازي تائين محدود آهي، سنيل ميگهواڙ لکيو ته ھر دور ۾ ائين ٿيندو آهي، هزار خان لکيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڇڪتاڻ ۾ عوام جي ڀلائي جي ڪا ڳالهه ناهي، عرفان رند لکيو ته هي سڀ حڪومت جو ناٽڪ آهي، علي محمد لغاري پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالحميد مگسي لکيو ته سڄو ڊرامو ڪيو پيو وڃي، ضياءَالدين بلوچ لکيو ته پاڪستان جو سياسي ماحول ڪافي خراب ٿي ويو آهي، ظفر رند لکيو ته فلحال ته ڪجھه ٿيندي نظر نه پيو اچي، جاسم بلوچ لکيو ته پي ڊي ايم جا جلسا ڏسي ڪو خاص فرق نه ٿيندو، الهڏنو راهمون پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، لياقت علي شيخ لکيو ته حڪومت پنھنجو مدو پورو ڪندي، عرفان چانڊيو لکيو ته سڀ پاڻ ۾ ٺهيل آهن، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته اها ڇڪتاڻ رڳو عوام کي ڏيکارڻ لاءِ آهي، ديپڪ باغي لکيو ته عوام کي سياست ۾ منجهايو ائين ٿو وڃي، راجا ظهير لکيو ته پاڪستان جو سياسي ماحول خراب ٿي چڪو آھي سياسي جهيڙي ۾ غريب عوام پيڙهجي رهيو آھي، خادم رند لکيو ته مخالف ڌر جيڪڏهن نواز شريف واري بيانيي يا مؤقف تي ڄمي بيٺي ۽ ڪنھن مصلحت جو شڪار نه ٿي ته حالتون بهتري طرف وينديون.رفيق جان پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، نياز ڪلوئي لکيو ته اهو سياسي ڊرامو آهي، شبير سهتو لکيو ته حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آھي، عبدالحفيظ شر لکيو ته حڪومت پنهنجومدو پورو ڪندي، عبدالحفيظ شير لکيو ته حڪومت مدو پورو ڪندي، ارشاد جتوئي لکيو ته حڪومت هجي يا اپوزيشن ڪير به صحيح ناهي، مظفر بوزدار پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، علي گل دايو لکيو ته هنن کي ملڪ جي پرواهه ئي ناهي، آصف علي شر لکيو ته اها ڇڪتاڻ هلندي رهندي عمران حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، سينگار علي لکيو ته اها ڇڪتاڻ رڳو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ آهي، مير رحمان چانڊيو لکيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڇڪتاڻ سٺو عمل نه آهي، نياز ڪنڀر لکيو ته سڄي معاملي ۾ نقصان عام عوام جو آهي، محبت علي لکيو ته هي سڀ جيل ۾ وڃن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *