Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_54pfs09cgdrhp2mlfvibrklk4d, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟ ... حڪومت پاران تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو: عوام پاران ساراهه سان گڏ تنقيد - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟ ... حڪومت پاران تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو: عوام پاران ساراهه سان گڏ تنقيد - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟ … حڪومت پاران تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو: عوام پاران ساراهه سان گڏ تنقيد

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد حڪومت في الحال تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ وارو سٺو فيصلو ڪيو آهي پهريان به ڪورونا وائرس جي ڪري تعليم کي گهڻو نقصان پهتو آهي، بهتر اهو آهي ته اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، ته ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري ٻارن جي صحت کي نقصان پهچي سگهي ٿو ان ڪري اسڪول بند ٿيڻ گهرجن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي نواز سميجو لکيو ته تعليمي ادارا بند ڪرڻ بجاءِ ماسڪ، سينيٽائيزر سميت گهربل سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن، پرهيار مجيد سنڌي لکيو ته سياسي پارٽين جي جلسن جلوسن ۾ اگر ڪورونا نٿي وڌي اميد آهي ته اسڪولن ۾ نه وڌندي، سلمان علي لکيو ته وفاق جو فيصلو درست آهي، خير محمد جمالي لکيو ته تعليمي نظام اڳي ئي بيماري ۾ ورتل آھي۔ اسڪولن کي بند ڪري تعليم کي تباھ ڪرڻ نه گھرجي، رضوان احمد مجيداڻو لکيو ته اڳ ئي تعليم جو گهڻو نقصان ٿي ويو آھي حڪومت جي فيصلي کي بهتر سمجهون ٿا، نديم احمد شيخ لکيو ته حڪومت جو بهترين فيصلو آهي پر تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، عمار راجپوت لکيو ته حڪومت جو اهو تمام بهترين فيصلو آهي، مظفر علي گلال پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، نماڻو نوناري لکيو ته سٺو فيصلو ڪيو ويو آهي، افسان علي لکيو ته بهترين فيصلو آهي پر اهو اٽل فيصلو شايد نه هجي.ڇا ڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن ۾ ڪورونا گهڻو نقصان ڪيو آهي، عنايت بروهي لکيو ته اسڪول بند ٿيڻ نه گھرجي، آفتاب چانڊيو لکيو ته ايس او پيز تحت مارڪيٽون، شادي ھال،پارڪ وغيره کليل آھن ته تعليمي ادارن ۾ به تعليم جاري رکي وڃي سنڌ جي تعليم جو ھڪ سال ته ضايع ٿي ويو آھي، دائود لغاري لکيو ته وفاق جو هي فيصلو درست آهي ڪورونا وائرس اڃا ختم نه ٿيو آهي، راشد لطيف لکيو ته اسڪول بند ٿي ويا ته تعليم تباھ ٿي سگھي ٿي، علي رضا لکيو ته بس ايس او پي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، راشد علي سندراڻي ۽ عبدالمجيد لکيو ته وفاقي حڪومت سٺو فيصلو ڪيو آهي، عاشق حسين لکيو ته اسڪول بند ڪرڻ سان تعليم جو نقصان ٿيندو ، نريش تملاڻي لکيو ته ھن واري حڪومت سٺو فيصلو ڪيو آھي اگ ۾ به ٻارن جي پڙهائي جو ٻيڙو ٻڏي ويو آھي، نياز ڪلوئي لکيو ته صحيح فيصلو ڪيو ويو آهي، محمد شريف ڄامڙو لکيو ته ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ جي ضرورت آهي باقي ھاڻي 7 مھينا اڳ اسڪول بند رھڻ سان به شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي آهي، چانڊيو فرمان لکيو ته سنڌ جي تعليم اڳ ۾ ئي تباھ لڳي پئي آهي هاڻي جي اسڪول بند ڪن ها ته وڌيڪ تعليم متاثر ٿئي ها، گل حسن خان شر لکيو ته صحيح فيصلو آھي ٻارن جو ٽيمپريچر چيڪ ڪرڻ لاءِ مڪينزم جوڙيو وڃي، اشفاق علي پنهور لکيو ته حڪومت ۽ اسڪول انتظاميا کي گهرجي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائين جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي، شاهنوار مري لکيو ته ايس او پيز تي شاگرد عمل نٿاڪن ان ڪري اسڪول بند ڪيا وڃن. محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته بلڪل حڪومت سوچي سمجهي فيصلو ڪيو آهي پهرين به لاڪ ڊائون سبب تعليم تي ڪافي اثر پيو هو، سليم اختر لکيو ته اسڪول بند ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، ساجد علي لکيو ته حياتي ھوندي ته اسڪول پيا ھلندا، اسڪول بند ٿيڻ کپن، حبيب الله رحمان لکيو ته اسڪول نه بند ڪيا وڃن، اياز لغاري لکيو ته وفاقي حڪومت جوسٺو فيصلو آھي، اسڪول بند ڪرڻ سان غريب ۽ بي پھچ شاگردن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي، هڪڙو جاويد جان لکيو ته 3 مهينن لاءِ اسڪول بند ڪيا وڃن، جمال الدين چنا لکيو ته حڪومت کي سختي سان ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ کپي اسڪول هجن يا مارڪيٽون هجن، صدام بجير لکيو ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا بند ٿيڻ گھرجن ڇو ته يونيورسٽين کان وٺي اسڪولن تائين ڪٿي به احتياطي تدبيرن تي اپاءُ نه پيا ورتا وڃن. ٽرانسپورٽ کان وٺي فيڪلٽين اندر شاگردن جي رش آهي، منظور ڪنڀر لکيو ته پهرين ئي تعليمي ادارا بند هجڻ ڪري تعليم تمام گهڻي متاثر ٿي آهي، غلام رضا بجير لکيو ته ڪورونا جي ٻي لھر به پاڪستان ۾ زور وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترائي تعليمي ادارن ۾ ڪرونا جا ڪيس سامهون اچڻ سبب انهن کي بند ڪيو ويو آهي، عبدالصمد بلوچ لکيو ته حڪومت ۽ اسڪول انتظاميان کي گهرجي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائين، آنند ميگهواڙ لکيو ته اسڪول بند نه ڪرڻ گهرجن، خادم حسين گهراڻو لکيو ته ٻارن جي تعليم کي ڇهه مهينا اسڪول بند هئڻ سبب ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، اعجاز ڀنڀرو لکيو ته اسڪول بند ٿي ويا ته تعليم تباھ ٿي سگھي ٿي، علي نواز سميجو لکيو ته ايس او پيز تي ڪٿي به عمل نه ٿي رهيو آهي. ايڊوڪيٽ دائود لغاري لکيو ته وفاق جو هي درست فيصلو آهي، نهال چنڊ لکيو ته بهتر فيصلو ڪيو ويو آهي، عزيز الله شر لکيو ته اسڪول بند ڪيا وڃن ٻارڙن جي صحت سڀ کان اول ترجيح هئڻ گهرجي، غلام مصطفيٰ لکيو ته ھڪ استاد جي حيثيت سان منھنجي راءِ آهي ته حڪومت تمام بھترين فيصلو ڪيو آهي. مظفر شبير بوزدار لکيو ته پهريون ڀيرو سٺو فيصلو ڪيو ويو آهي، دلدار بلوچ، مسرور شر، مهراڻ ميگهواڙ، اي زيڊ لغاري، ايم سليم ڪنڀر، غلام رضا، ذوالفقار وسير، احسن اياز، حبيب مرکنڊ، سجاد جروار، صدام بجير، ضمير جتوئي، اشفاق پنهور، نظير احمد، شهاب الدين ٽالپر، سليم اختر، نجاوت مغيري، عمران خان، علي بخش شر، ايم صالح جاڙيجو پڻ فيصلي کي بهتر قرار ڏنو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *