Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ltqdspjg5gkp360dr3uqs2bip6, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... رليف لاءِ ڪڻڪ جو امدادي اگهه گھٽائي زرعي دوئون سستيون ڪيون وڃن: عوام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... رليف لاءِ ڪڻڪ جو امدادي اگهه گھٽائي زرعي دوئون سستيون ڪيون وڃن: عوام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… رليف لاءِ ڪڻڪ جو امدادي اگهه گھٽائي زرعي دوئون سستيون ڪيون وڃن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي اگهه تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار آمهون سامهون آهن، ڇا ڪڻڪ جي 2 هزار رپيا في مڻ واري امدادي اگهه کي گهٽ ڪرڻ گهرجي؟ اهڙو وفاق جو مطالبو آهي. جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪڻڪ جو وڌيڪ مقرر ٿيڻ اٽو مهانگو ٿيندو، ان جو بهتر حل اهو آهي ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه گهٽ مقرر ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي ۽ ڀاڻ توڙي زرعي دوائون سستيون ڪري آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي.سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته ڪڻڪ جو جيڪو ٻه هزار رپيا اگھه مقرر ڪيو ويو آهي ان حساب سان اٽو وڃي سٺ ستر رپيا ڪلو ٿيندو غريب اٽي جي ماني کائڻ لاءِ پريشان ٿيندو، ان ڪري ڪڻڪ جو اگهه گهٽائڻ گهرجي، سارنگ منير سومرو لکيو ته ڪڻڪ جي ريٽ ۽ زخيرا اندوزي پويان سنڌ سرڪار ۽ وفاق جي نا اھلي آهي، صادق لاشاري لکيو ته آبادگارن کان ڪڻڪ تيرنهن سئو ۾ خريد ڪري ساڳي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ ٻه هزارن ۾ کپائي ٿي وڃي. ڪلر ٻج مهانگو ٿي ويو آهي آبادگارن جو خرچ به نٿو نڪري، گل حسن شر لکيو ته بلڪل 2000 ھزار رپيا مڻ ھجڻ گھرجي خرچ تمام گھڻاآھن، بابر وساڻ لکيو ته عوام وٽ کائڻ لاءِ ٻن ويلن جي ماني به ناهيم جاويد هڪڙو لکيو ته خرچ نه نڪرڻ سبب آبادگار پريشان آهن، عبدالطيف شر لکيو ته ڪڻڪ جو اگھه 2 هزار مڻ مقرر ڪرڻ لاءِ عوام لاءِ نقصانڪار آهي، عبدالحميد ڏيپر لکيو ته سڀ ماڻھو اھو ٿا چون ته ڪڻڪ جو اگهھ گھٽ ڪيو وڃي پر ڪير اھو نٿو چوي ته ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن، ھن وقت DAP ڀاڻ جي ٻوري 4000 کان وڌي وئي آهي يوريا ڀاڻ جي ٻوري 2000 کان مٿي آھي ٽريڪٽر جو ڪلاڪ 1200 رپيا آھي ٻج جو 50 ڪلو وارو ڪٽو 4000 رپيا آھي ٿريشر ۽ مزدوري الڳ آھي، احسان مستوئي لکيو ته عوام لاءِ هر شئي مهانگي ڪئي وئي آهي ڪڻڪ جو اگھه وڌڻ سان وچولي طبقي مٿان تمام گهڻو بار وڌيو آهي، راشد لطيف لکيو ته ڪڻڪ جو 2 هزار امدادي اگهه وڌيڪ آهي ان سان آبادگارن کي ته فائدو ٿيندو پر باقي عوام لاءِ پريشاني ٿيندي، راسومل لکيو ته ڪڻڪ جو اگھه گهٽ ڪري عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي، محمد شريف ڄامڙو لکيو ته ڪڻڪ جو 2000 رپيا اگھه مناسب آهي آبادگارن کي ان ريٽ ۾ کائڻ لاءِ ڪڻڪ بچندي، حفيظ ملاح لکيو ته بلڪل ڪڻڪ جو امدادي اگهھ 2000 کان گھٽ هجڻ گھرجي، نور علي جمالي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، علي زاهد لکيو ته بلڪل به گهٽ نه ڪرڻ گهرجي، نقاش علي لکيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي خبر ئي نٿي پوي ته ڪهڙو ڊرامو رچايو اٿن، ايس ڪي پهوڙ لکيو ته ڪڻڪ جو امدادي ريٽ جيترو گهٽ ڪندا اڳتي اٽي جو ريٽ به گهٽ ٿيندو ، نجم عباسي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالوحيد چنا لکيو ته بلڪل گھٽ ڪرڻ گھرجي، هزار خان لکيو ته ڪڻڪ جي اگهه تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، خالد ڀرڳڙي لکيو ته ڪڻڪ هوئين به مارڪيٽ ۾ ٻه هزار کان مٿي ٿي هلي، علي جاويد لکيو ته ھارين کان ڪڻڪ سستي خريد ڪري ۽ ھينئر گورنمينٽ پاڻ ئي مھانگي ٿي ڪري، رفيق احمد لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ڪڻڪ جي امدادي رقم ۾ ڪجهه گهٽتائي ڪري، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ڪڻڪ جو اگهه گهٽ ڪيو وڃي، خير محمد جمالي لکيو ته ڪڻڪ جي وڌندڙ قيمت سبب اٽو ۽ اٽي مان ٺھندڙ شيون مهانگيون ٿينديون، جمال الدين چنا لکيو ته ڪڻڪ جو اگھه گهٽ ڪرڻ گهرجي ڇو ته غريب عوام ۽ ڏهاڙيدار مزدور ماڻھو مهانگو اٽو خريد نه ڪري سگهندا ، عبداللطيف شر لکيو ته پھريائين غريب عوام مھانگائي ۾ سٽجي ويو آهي، آفتاب احمد پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، سڪيش ڪمار لکيو ته ڪڻڪ جو اگھه 2000 کان گھٽ ھجڻ گھرجي، نجاوت خان مغير لکيو ته هرگز گهٽ نه ڪرڻ گهرجي، علي گل دايو لکيو ته ڪڻڪ جو اگهه 1600 ڪيو وڃي، غلام حسين سومرو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، سرفراز، شبير سهتو، صدورو ڪالو، مسرور شر، فياض چانڊيو، امان الله لغاري، لياقت علي، ڀورو ساگر، خدا بخش، رياض ڪولاچي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، سليم اختر لکيو ته ڪڻڪ جو اگهه گھٽ ڪرڻ کپي، افضل ڪلهوڙ لکيو ته اگهه گهٽ نه ڪرڻ گهرجي، شمس الدين رند لکيو ته اگهه گهٽ ڪرڻ گهرجي، عبدالحئي ساوند لکيو ته اگهه نه گهٽائڻ گهرجي ڇو ته آبادگارن سان هر ڀيري ظلم ٿيندو رهيو آهي، اسلم آزاد سمون لکيو ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگھه ٻه هزار روپيا في مڻ کان وڌڻ گھرجي، مير رحمان چانڊيو لکيو ته ڪڻڪ جو اگهه صحيح مقرر ڪرڻ گهرجي، سينگار علي لکيو ته ھارين کان ڪڻڪ سستي خريد ڪري ۽ ھينئر گورنمينٽ پاڻ ئي مھانگي ٿي ڪري، وحيد کوسو، سانگيڏانسنگ راٺوڙ،عبدالحميد سولنگي، منان ميمڻ، سردار غوث بخش ملڪ، ڀنڀو خان چانڊيو، لياقت شيخ ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو،

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *