تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ريپ ڪيسن ۾ ڪارروائي جلد مڪمل ڪري جوابدارن کي منطقي انجام تي پهچايو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ريپ ڪيسن لاءِ خصوصي عدالتون قائم ٿينديون، جوابدارن کي سخت سزائون ملنديون حڪومت پاران اهڙو آرڊيننس آڻڻ واري فيصلي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هن کان اڳ به اهڙا کوڙ قانون ٺهيا آهن ڪيترن ئي آرڊينسن جا بل پاس ٿيا آهن پر عمل ڪنهن تي ٿيو آهي؟ڳالھه قانون يا آرڊيننس جي ناهي پر اصل مسئلو ان قانون تي عمل ڪرڻ آهي، زيادتي ڪيسن جو واحد حل جوابدار کي موت جي سزا آهي، هفتي اندر ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي، جاچ ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ۽ جوابدار کي منطقي انجام تي پهچايو وڃي.سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته عدالتون قائم ٿيڻ سان گڏوگڏ انهيَ معاملي تي وفاقي صوبائي ۽ عدالتي نظام سنجيدا رھيو ته ڪو کڙ تيل نڪرندو، خادم گهراڻو لکيو ته پهرين زنا ڪندڙن جي خلاف قانون ٺاهيو وڃي جنهن ۾ڏوھ ثابت ٿيڻ تي يڪدم موت جي سزا ڏني وڃي، نورالدين سولنگي لکيو ته سخت کان سخت قانون لاڳو ڪيو وڃي ۽ ريپ ڪيسن ۾ نامزد جوابدارن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي، نديم بوزدار لکيو ته تمام بھترين فيصلو آھي، مصور گاڏهي لکيو ته قانون سخت بڻايو وڃي، پرويز علي لکيو ته درندن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، جاويد هڪڙو لکيو ته شريعت موجب فيصلا ڪيا وڃن، عبدالنبي شر لکيو ته اھڙا ڏکوئيندڙ ھاڃا روز ٿين ٿا واقعن ۾ ملوث وحشين کي جلد کان جلد سزائون ڏنيون وڃن، اويس راڄپر لکيو ته صرف ڳالهين سان مسئلو حل نه ٿيندو، حبيب مرکنڊ لکيو ته پاڪستان ۾ جيترا به قانون پاس ٿيا آهن يا جوڙيا ويا آهن انهن ۾ عدل ۽ انصاف نظر آيو آهي، صرف ڪجهه مهينن يا سالن تائين مجرم جيل ۾ رهي پوءِ آزاد ڪيا وڃن ٿا، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته تمام بھترين فيصلو آھي، رفيق احمد لکيو ته زيادتي ڪيسن جو واحد حل جوابدار کي موت جي سزا آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته ڇا ريپ ڪيسز بابت اڳ ۾ قانون موجود ناهي؟ پهريان توهان موجود قانون تي عمل ته ڪرايو، قمر الدين لکيو ته فيصلن ۾ ورهيه لڳي وڃن ٿا، نماڻو نوناري لکيو ته سخت قانون پاس ڪري عمل به ڪيو وڃي، وحيد ڄامڙو لکيو ته اھڙا قانون اڳ به پاس ڪيا ويا آھن پر ان تي عمل ناھي ٿي سگھيو. ريپ جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ بابت قانون پاس ڪري سخت کان سخت سزائون مقرر ڪيون وڃن، احسان مستوئي لکيو ته اسين حڪومت جي اھڙي زبردست فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، ضياءَالدين بلوچ لکيو ته اهيو حڪومت جو بھترين فيصلو آهي، هفتي اندر ڪارروائي مڪمل ڪري بهتر طريقي سان جاچ ڪري ان ڪارروائي جي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ۽ جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.منظور ڪنڀر لکيو ته قانون تي عمل گهڻي ڀاڱي ناهي ٿيندو، پيار علي چانڊيو لکيو ته حڪومت جي اھڙي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا ۽ جيڪڏھن عدالتون مثبت طريقي سان ريپ ڪيس اڪلائي مجرمن کي موت جي سزا ڏينديون ته ظلم ڪجهه گهٽجي ويندو، ساگر امير حيدر لکيو ته اصل ۾ قانون موجود آهي پر ان جون شقون اهڙيون آهن جنهن سبب مجرم آزاد ٿي وڃن ٿا يا وري ثبوت اڌورا يا وري شاهدن جي عدم دستيابي سبب رعايت حاصل ڪن ٿا، غلام محمد لکيو ته قانون پاس ڪرڻ کان پهرين تعليم تي توجهه ڏيڻ گهرجي، اي زيڊ لغاري لکيو ته اھڙا ڪيس خاص عدالتن ۾ هلايا وڃن ۽ جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي، غازي حسين حيدر لکيو ته خاص عدالتون ڇو لڳنديون، موجوده عدالتون جو آهن، مدثر کهڙو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، رزاق نهڙي، عبدالرزاق نندواڻي لکيو ته اسين حڪومتي فيصلي کي بهتر سمجهون ٿا، نديم شيخ لکيو ته اهڙي قسم جا آرڊر ۽ قانون پهريان به ٺاهيا ويا آهن پر ان تي عملدرآمد نه پيو ٿئي، فرمان چانڊيو لکيو ته ريپ ڪيس جي جوابدارن کي جلد کان جلد سزا ڏيڻ گهرجي، علي بخش شر لکيو ته ريپ ڪيسن جي جوابدار جي سزا جو ترت فيصلو ڪرڻ کپي، آفتاب چانڊيو لکيو ته ريپ ڪيسن لاءِ خاص عدالتون قائم ڪري ھڪ مھيني اندر عبرتناڪ سزا جو فيصلو ٻڌايو وڃي، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته ان قانون تي عمل ڪير ڪرائيندو؟، وقار حسين لکيو ته موجوده صورتحال ۾ اهڙا فيصلا بهتر نتيجو ڏيندا،دلشاد بلوچ لکيو ته ان آرڊيننس سان ملڪ ۾ ڪافي حد تائين سڌارو ايندو، فرمان علي شاهه لکيو ته ڪيس رولڙي جو شڪار ٿيندا آهن، حيدر بخش ساند لکيو ته انهي فيصلي تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۾ حڪومت کي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ کپي. شبير سهتو لکيو ته سزائون ڪڏهن به ڪونه ملنديون، امير حسن گشڪوري، رونق مغل، جي ايم سومرو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، وجهه الدين هنڱورو، مجنون سمون به حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪئي، عبدالله ميراڻي لکيو ته هن کان اڳ به اهڙا کوڙ قانون ٺهيا آهن ڪيترن ئي آرڊينسن جا بل پاس ٿيا آهن پر عمل ڪنهن تي ٿيو آهي؟ڳالهه قانون يا آرڊيننس جي ناهي پر اصل مسئلو آهي ان قانون تي عمل ڪرڻ آهي، زوار بنگلاڻي، ممتاز علي سميجو، سليم اختر، غلام سرور رند، فريد جروار، قربان لغاري، مير محمد نهڙي، محمد ابراهيم تنيو، ديپڪ باغي، نجاوت مغيري، رزاق ڍاٽي، فرمان علي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *