Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_8bis5s4fpac54vui2hqkt1e0rk, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... سنڌين ٻيٽن تي احتجاج ڪري پيغام ڏئي ڇڏيو ته پنهنجي ملڪيت وفاق جي ٿيڻ نه ڏيندا: عوام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... سنڌين ٻيٽن تي احتجاج ڪري پيغام ڏئي ڇڏيو ته پنهنجي ملڪيت وفاق جي ٿيڻ نه ڏيندا: عوام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌين ٻيٽن تي احتجاج ڪري پيغام ڏئي ڇڏيو ته پنهنجي ملڪيت وفاق جي ٿيڻ نه ڏيندا: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاق جي والار خلاف ٻيٽن تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ مختلف ڌرين شرڪت ڪئي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق پاران ٻيٽن تي والار ڪرڻ کانپوءِ سمورا سنڌ واسي هڪ پليٽ فارم تي اچي ويا آهن جيڪو هڪ بهترين عمل آهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ان تي وفاق جي والار ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي، پر امن احتجاج ڪري وفاق کي اهو پيغام ڏنو ته اسان پنهنجي ڌرتي جي وک وک جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا،هي احتجاج سنڌ جي سجاڳي جو ثبوت آھي ته ھو ڪنهن به قيمت تي سنڌ جي ملڪيت وفاق جي ٿيڻ نه ڏيندا، ٻيٽن واري معاملي تي وفاقي حڪومت کي صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مظفر علي بلوچ لکيو ته جس لهن اهي سڀئي ماڻهو جن ٻيٽن تي وڃي پنهنجو پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ سان گڏ وفاق کي اهو پيغام ڏنو ته اسان پنهنجي ڌرتي جي وک وک جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي غيرقانوني قبضو برداشت نه ڪنداسين، جڏهن ته ٻيٽن ڏانهن ويندڙ ماڻهن جي رستا روڪ ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آھي، محمد رفيق بلوچ لکيو ته هاڻي سياسي اڳواڻن کي عملي قدم کڻڻ گھرجي ته جئين سنڌ جي ٻيٽن تي قبصو ڪندڙ وفاق وري اهڙو قدم نه کڻي، سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ جي سجاڳي جو ثبوت آھي ته ھو ڪنهن به قيمت تي سنڌ جي ملڪيت وفاق جي ٿيڻ نه ڏيندا، نديم علي چانڊيو لکيو ته بهترين عمل آهي، پرويز علي لکيو ته وفاق کي خبر پوي ته سنڌ ڇا آهي، علي عباس جمالي لکيو ته جڏهن به سنڌ مٿان ڏکيو وقت آيو آهي سنڌي ماڻهن پاڻ ملهايو آهي، گلزار ملاح لکيو ته زبردست عمل آھي، رضوان مجيداڻو لکيو ته سنڌ جي ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي، حبيب الله جمالي لکيو ته وفاق جي سازش قبول نه ڪئي ويندي، ٻيٽ بچائڻ لاءِ سنڌي ماڻهو سراپا احتجاج آهن، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته قافلي کي ته ڏنگي ٻيٽ تي وڃڻ جي اجازت ئي نه ملي، اتي ٻيٽن تي لکين مهاڻن جو روزگار آهي، ڀنڀو خان چانڊيو لکيو ته وفاق پاران ٻيٽن تي والار ڪرڻ کانپوءِ سمورا سنڌ واسي هڪ پليٽ فارم تي اچي ويا آهن جيڪو هڪ بهترين عمل آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف مختلف ڌرين جو هڪ آواز آهي، خان غفار خان لکيو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي مالڪي لاءِ جدوجهد ڪن پيا،بهرام لکيو ته ان سان گڏو گڏ ڪرپشن قبيلائي تڪرار لسانيت ڌاڙيل ڪلچر،اسڪول ۽ اسپتالن جي مسئلن تي به احتجاج ڪرڻ گهرجي،عالم پالاري لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي بھترين عمل پر وفاق بضد ته ٻيٽن تي ھر صورت ۾ شھر اڏيا ويندا ، ارڏو اترادي لکيو ته ‏جڏهن سنڌي سمنڊ جي ٻيٽن تي ھوا جي تازگي ۽ تمر جي وڻن جي خوشبو سنگھڻ لاءِ ٻيٽن تي وڃڻ جي اجازت ناھي ڪيئن يقين ڪريون ته ٻيٽن تي ٿيندڙ ترقي سنڌين لاءِ آھي، جاويد هڪڙو لکيو ته هاڻي پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻي پوندي، جمال الدين چنا لکيو ته سڀني قومپرست پارٽين ۽ عوامي پارٽين کي گهرجي ته سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وجهن ته ٻيٽن ۽ ٻي سرڪاري زمين تي پلاٽنگ ڪري سنڌ جي ماڻھن کي آسان قسطن ۾ الاٽ ڪن، عرفان مجيداڻو لکيو ته ٻيٽ سنڌ جي جاگير آھن سنڌ جا ٻيٽ جبل سامونڊ سنڌ جي سونهن آھن ۽ هميشه رهندا، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ڪن پيا، عرفان چانڊيو لکيو ته هي هڪ بهترين عمل آهي وفاق سنڌ جي ٻيٽن کي قبضو نه ٿي ڪري سگهو، عاشق حسين لکيو ته بھترين عمل آھي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي، مختيار جمالي لکيو ته بهترين عمل اوڏانهن وڃڻ سان خبر ته پئي ته اتي اڏاوتي ڪم جاري آهي، ايم عيدل بجير لکيو ته تمام سٺو قدم آھي هاڻي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي عوام کي پاڻ کي ڪرڻو پوندو، خير محمد جمالي لکيو ته سنڌ واسين جي جدوجھد کي سلام آهي ثابت ٿي ويو ته ٻيٽن جا وارث آهن، عبدالقدوس بلوچ لکيو ته ڪارونجھر کان ڪي ٽي بندر تائين ڪو به سنڌي وفاق جون سازشون برداشت نه ڪندو، شبير سهتو لکيو ته ريلي ڪڍڻ تي جس هجي، ظفر رند لکيو ته بهترين عمل سنڌ جو باشعور عوام ٻيٽن واري معاملي تي هڪ ٿي بيٺو آھي، انشاالله وفاق پويان پير ڪندو. فاروق احمد لکيو ته اهي پڪنڪ تي ويا هئا، سجاد علي، قدير احمد شر، غلام نبي، فرمان چانڊيو پڻ بهترين قدم قرار ڏنو، توفيق احمد، سينگار علي، ذاڪر شر، دليپ ڪمار پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ربنواز جان، وحيد علي خان، محرم قادر، پڻ بهترين قدم قرار ڏنو، ربنواز علي لکيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ان تي وفاق جو قبضو نا جائز ۽ ڏاڍ آهي، وفاقي حڪومت کي خبر به آهي ته سنڌي ماڻهو مرڻ قبوليندا پر ڌرتي جو سودو قبول نه ڪندا، سليم اختر لکيو ته بھترين عمل آهي پر ان ريلي کي روڪڻ درست ڪونهي، نياز ڪنڀر لکيو ته ڌرتي جي وارثن کي ڌرتي جي مالڪي ڪرڻي پوندي، لالا ضمير حسين لکيو ته سنڌ جي سجاڳي جو ثبوت آھي ته ھو ڪنهن به قيمت تي سنڌ جي ملڪيت وفاق جي ٿيڻ نه ڏيندا، نديم جاويد منگي لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور آھي وفاق کي اهڙي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي اسان وفاق جي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا، سنڌ جي سموري سياسي ، سماجي ، ادبي ۽ صحافتي تنظيمن پاران ڪيل احتجاج بهترين عمل آھي جنهن جي ڪري وفاق کي مجبور ٿي ان نا انصافي ڪرڻ واري عمل کان روڪي سگهجي ٿو . علي محمد کوسو لکيو ته وفاق پاران ٻيٽن تي والار ڪرڻ کانپوءِ سمورا سنڌ واسي هڪ پليٽ فارم تي اچي ويا آهن جيڪو هڪ بهترين عمل آهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ان تي وفاق جي والار ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *