تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌ جا ٻيٽ ڪيئن بچائجن؟: عوام سنڌ سرڪار، سياسي ۽ سماجي ڌرين لاءِ مختلف تجويزون ڏئي ڇڏيون

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ٻيٽن واري معاملي تي سنڌ سرڪار ۽ سياسي سماجي ڌرين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ٻيٽن جي معاملي تي گڏيل لائحه عمل جوڙڻ گهرجي، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن انهي تي سياست کان هٽي ڪري گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي، سنڌ سرڪار اسيمبلي ۾ ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري، سياسي ۽ سماجي ڌرين کي گڏيل طور ان وقت تائين جدوجهد هلائڻ گهرجي جيستائين صدارتي آرڊيننس رد نٿو ٿئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته هي مسئلو سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي جدوجهد ڪرڻ گهرجي سنڌ سرڪار اسيمبلي مان اهو فيصلو رد ڪرائي. گل حسن شر لکيو ته قانوني جنگ ڪرڻ گھرجي عوامي مھم به هلائڻ گهرجي، جاويد هڪڙو لکيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ صدارتي آرڊيننس خلاف قرارداد منظور ڪئي وڃي، عبدالرحيم اوڳاهي لکيو ته سنڌ حڪومت وفاق خلاف احتجاج ڪري، علي مراد لاشاري لکيو ته سنڌ جي سالميت ۽ تحفظ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي، علي مراد چانگ لکيو ته ٻيٽن جي بقا لاءِ سياسي ۽ قومپرست ڌرين کي وفاق خلاف احتجاج ڪرڻ گهرجي، احسان مهر لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ قومپرست ڌرين کي اسلام آباد ۾ گڏيل احتجاج ڪرڻ کپي، ڪاشف صنم لکيو ته اهڙن مسئلن تي ڪو گڏيل لائحه عمل جوڙڻ گهرجي، خواجه صدام لکيو ته احتجاج ڪيو وڃي جيستائين آرڊيننس رد نٿو ڪيو وڃي، سنڌ سرڪار کي گھرجي ته ٻيٽن واري آرڊيننس کي رد ڪري، اسدالله هنڱورجو لکيو ته هن مسئلي تي سياست کان هٽي ڪري هر سنڌي ماڻهو گڏيل آواز اٿارن، ايوب شر لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن ۽ شھرن لا سوچيو وڃي، شنڪر باغي لکيو ته سنڌ سرڪار کي سنڌ جي ماڻھن سان گڏ بيهڻ کپي، ظفر حسين رند لکيو ته سياسي سماجي ڌرين کي گڏجي ٻيٽن وارو صدارتي آرڊينيس رد ڪرائڻو پوندو، نياز سومرو لکيو ته سنڌ سرڪار پنهنجو واضح موقف رکي ته ٻيٽن سان وفاق جو ڪجهه به نه وڃي، ٻيٽ صوبي جي ملڪيت آهن، سياسي ۽ سماجي ڌرين کي گھرجي ته ھو روڊن تي اچي احتجاج رڪارڊ ڪرائن. خاموش خليل شر لکيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وفاق اڃان به سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي، نثار پتافي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، جبار لغاري لکيو ته هي مسئلو سياسي نه بڻجڻ گهرجي سنڌ جي وسيلن ۽ ملڪيتن تي هر پارٽي قومپرست شاعر اديب ليکڪ ساڃاهه وند سميت هر طبقي جي ماڻهن کي گهرجي ته هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي پنهنجو موقف رکن. ابراهيم خليل لکيو ته هي مسئلو سياسي ئي آهي ان کي سياسي مزاحمت سان حل ڪري سگهجي ٿو، ايم سليم منگي لکيو ته سنڌ جي مالڪي جي معامري تي سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين کي ھڪ آوازبڻجڻ گهرجي، راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته منظم ٿي سخت موقف رکجي، حنيف رضا لکيو ته ان جو واحد حل اسيمبلي آهي پيپلزپارٽي کي گهرجي ته آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ بل پاس ڪري. ناز ربنواز شر لکيو ته ٻين مسئلن کي ھڪ پاسي ڇڏي ڪري ٻيٽن لاءِ آواز اٿارڻ گھرجي، سردار عبدالقادر لکيو ته سمورين ڌرين کي ميدان تي اچڻو پوندو، سنڌ حڪومت آرڊيننس کي اسيمبلي جي فلور تي رد ڪري، حسين بخش جمالي لکيو ته گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، مهاوير واسو لکيو ته ٻيٽن جي معاملي تي سمورين ڌرين کي متحد ٿيڻ گهرجي حبيب الله جمالي لکيو ته هن مسئلي تي سڄي سنڌ کي جاڳڻ گهرجي، ذاڪر احمد لکيو ته تحريڪ هلائڻ گهرجي، شهباز ملاح لکيو ته سنڌ سرڪار ڪجھه به نه ڪندي ھاڻ عوام کي ڪجھه ڪرڻو پوندو، راسومل لکيو ته سنڌ حڪومت وفاق خلاف قانوني ماهرن کان مدد وٺي، محمد حسين لکيو ته سنڌ جي ملڪيت تي صرف حق سنڌين جو آھي، ايم بي قادري لکيو ته گڏيل احتجاج ڪرڻ گھرجن، عبدالحڪيم لغاري لکيو ته جي يو آءِ ان معاملي تي مزاحمت ڪندي، محمد شريف ڄامڙو لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق طرفان شھر اڏڻ واري امڪان بعد گورنر سنڌ جو بيان سامهون اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي اين او سي سان ٻيٽن تي نيا شھر اڏڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، سنڌ جي ملڪيت تي سنڌ جو آئيني حق آهي، سليم اختر لکيو ته ھڪ ڀرپور موقف ڏيڻ کپي، رزاق ڍاٽي لکيو ته هن مسئلي تي سياست کان هٽي ڪري هر سنڌي آواز اٿاري. حافظ عيدل ڪنڀر لکيو ته هي مسئلو سياسي نه بڻجڻ گهرجي، احسان اياز لکيو ته اھو سنڌ جي ايندڙ نوجوان نسل جي حقن تي سراسر ڌاڙو آھي، راشد مراد چانڊيو لکيو ته سنڌي قوم متحد ٿي پنھنجي وسيلن جي مالڪي ڪري، سنڌ حڪومت ٻيٽن واري معاملي تي سياست پئي ڪرڻ چاھي، رضا راڄپر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *