Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_tq4sqjuvsilvqgqlrjttcaor1k, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو: سنڌ حڪومت، پوليس ۽ سياسي ڀوتار ذميوار قرار - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو: سنڌ حڪومت، پوليس ۽ سياسي ڀوتار ذميوار قرار - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو: سنڌ حڪومت، پوليس ۽ سياسي ڀوتار ذميوار قرار

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿي ويو، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عوام جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيڻ جي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ذميوار آهي، سياسي ڀوتار به انهي صورتحال جا ذميوار آهن، چونڊيل نمائندن کي به ذميوار چئي سگهجي ٿو، پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ڪرائي وڃي، سفارش مقرريون بند ڪرايون وڃن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي لکيو ته جڏھن ٿاڻا وڏيرن جي اوطاق ۽ ڪرپٽ نااهل ڪوٽا ۾ ڀرتي ٿيل آفيسر هوندا اتي اهڙا ڪرائيم بند نه ٿي سگهندا، خادم گهراڻو لکيو ته جيڪڏهن اسان جي پوليس کي آزاد ڇڏي ان کي قانون موجب ڪاروائي ڪرڻ جو آرڊر ڏنو وڃي ته ڏوھه ختم ٿي ويندا، پرويز علي لکيو ته پرويز علي لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کان الله بچائي، گل حسن شر لکيو ته ذميوار سياسي ڀوتار آھن، رفيق بلوچ لکيو ته ڏٺو وڃي ته سڀني صوبن کان هرکجي اغوا وارن واقعن ۾ سنڌ صوبو پهرين نمبر تي آھي حڪومت ڀوتارن جي سپورٽ ڪري ٿي اڪثر ڌاڙيل ڀوتارن وٽ پناهه وٺندا آهن، شنڪر باغي لکيو ته سنڌ حڪومت جي بيڊ گورننس، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۾ ڇڪتاڻ وڏو ڪارڻ آهي، امين ٿهيم لکيو ته پوليس منشيات جي ڏيتي ليتي ۾ پوري آهي، ذميوار پوليس وارا آهن انهن جي ڪري ڀنگ لاءِ اغوا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جنم وٺن ٿا، ابراهيم بروهي لکيو ته اسان وٽ ڦر لٽ ۽ اغوا جا ذميوار انھن علائقن جا چونڊيل نمائندا ۽ سنڌ سرڪار آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس ذميوار آهي، محمد مٺل چانڊيو لکيو ته حڪمران ذميوار آهن.نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت ذميوار آهن، مهر قربان علي لکيو ته جيڪڏهن پوليس مان سياسي مداخلت ختم ٿي وڃي ته ڪو به ڏوھ نه ٿيندو جيڪڏهن ايس ايس پي به سفارش تي مقرر ٿيندا رهندا ته ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو، نياز سومرو، افسان علي سومرو ۽ عبدالحفيظ ملاح لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس ذميوار آهي، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته اغوا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي ذميوار اتان جي انتظاميا ايس پي پنهنجي ذميواري سمجهي حد جي ايس ايڇ اوز کي سختي سان هدايتون ڪري ته ڏوهه نه ٿيندا، نماڻو نوناري لکيو ته سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا به شيءِ ناهي، نقاش علي لکيو ته انهن ڏوهن ۾ هاڻي وري اضافو ٿي رهيو آهي ان ۾ پوليس جي نااهلي ڏسڻ ۾ پئي اچي، وحيد ڳاهو لکيو ته جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبو وڌيڪ غير محفوظ بڻجي ويو آهي، ڪراچي هجي يا سکر يا وري شڪارپور گهوٽڪي رڳو ڌرتي ڌڻي اغوا ٿي رهيا آهن، عاشق حسين لکيو ته اسان وٽ اغوا ۽ ڦرلٽ ۾ اضافو صرف بيروزگاري سبب ٿئي ٿو، خاموش خليل شر لکيو ته حڪومت ڪجهه ڪندي ڪونه پوءءِ ڇونه اغوا جون وارداتون ٿين، محمد الهيار لکيو ته آئيني طور عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، شبير سهتو لکيو ته وزيراعليٰ سنڌ کي نوٽس وٺڻ کپي، عادل الاهي بخش لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي، پوليس کي سياست کان الڳ رکيو وڃي ۽ ٿاڻا ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي، ٻلونت سنگهه لکيو ته سنڌ جي ٻهراڙيون اڳي ئي جهنگ جي قانون تحت هلن پيون، ظفر رند، مهاوير ٽيڪواڻي پڻ پوليس کي ذميوار قرار ڏنو، سڪيش ڪمار لکيو ته سنڌ جي حڪمرانن سان گڏ سنڌ جي پوليس به ڏوھارين سان مليل آھن، خادم رندي ۽ نارائڻ سنڌي لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي، سليم اختر لکيو ته اھو ھر شھري جو حق آهي ته هو پنهنجي علائقي ۾ پر امن زندگي گذاري پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت اهو تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ديدار بلوچ لکيو ته جيستائين پوليس ڊپارٽمينٽ مان سياسي اثر ختم نه ٿيندو تيستائين امن امان بهتر ٿيڻ مشڪل آهي، ڪانجهي ڀيل لکيو ته ذميوار سنڌ پوليس ۽ اسان جا نمائيندا آهن، مسرور شر لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي، راسو مل لکيو ته ذميوار پوليس آھي، آصف علي شر لکيو ته پوليس ايمانداري سان ڪم ڪري ته اهڙا واقعا پيش نه ايندا، حيدر بخش ساند، لياقت علي شيخ ۽ جنيد علي منگي لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، جميل شر لکيو ته پوليس ذميوار آهي، نياز ڪنڀر لکيو ته مسئلا ڪيئي آهن انهن جو حل صرف ۽ صرف بي روزگاري ختم ڪرڻ ۽ تعليم عام ڪرڻ آهي، نثار لغاري لکيو ته پراڻو جاگيرداري سسٽم انهي جو ذميوار آھي جيڪو سماج کي جمود جو شڪار ڪريو ويٺو آھي، علي گل دايو لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي، الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته جيڪو به ڏوهه ٿئي ٿو ان جا حڪمران ذميوار آهن، حافظ عيدل ڪنڀر پڻ ڪمينٽ ڪيو، سينگار علي لکيو ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته امن ڪرائي، وحيد مستوئي لکيو ته انھن واقعن جو سڌي ريت ذميوار سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس آھي، راشد مراد چانڊيو لکيو ته سنڌ جي موجوده حڪومت ۽ سنڌ اندر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ذميوار آھي، وقار حسين لکيو ته موجوده حڪومت ذميوار آهي، مهانگائي جو جڏهن طوفان ايندو ۽ غريب مسڪينن جو ڪوبه خيال نه هوندو ۽ تعليم تي ڪوبه ڌيان نه هوندو، بک بدحالي وڌندي، علم گهٽبو ته يقينن چور ۽ ڌاڙيل وڌيڪ پيدا ٿيندا جج ۽ ڊاڪٽر نه ٿيندا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *