تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو نامنظور: عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

وفاقي حڪومت سنڌ صوبي جي اعتراضن کي نظر انداز ڪندي ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو، اتي نوان شهر اڏاڻ لاءِ پاڪستان آئي لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري ورتي، جڏهن ته اٿارٽي جي قيام لاءِ صدارتي آرڊيننس ڳجهه ڳوهه ۾ جاري ڪيو ويو آهي، اهڙي معاملي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا تي ”سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو نامنظور“ واريون پروفائيل پڪچر رکيون ويون، ان کانسواءِ سنڌ جا ٻيٽ بچايو هيش ٽيگ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو. جڏهن ته ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ اٿارٽي قائم ڪرڻ واري عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ وارو فيصلو قبول ناهي، اٿارٽي جي قيام کي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي شروعات سمجهون ٿا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته وفاق ته سنڌ سان جيڪو ڪيو اھو تاريخ ۾ آھي پيپلز پارٽي جيڪو سنڌ سان ڪيو اھو ته دشمنن به سنڌ سان نه ڪيو آهي، انهن جو وس هلي ته سڄي سنڌ وڪڻي ڇڏيندا، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ جي هر هڪ ذري تي سنڌ جو حق آهي سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن انهن لاءِ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو وفاق جو فيصلو غلط آهي وفاق کي گهرجي ته پهرين انهن جي پرگهور لهي جيڪي تڪليفن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، پرويز علي لکيو ته سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ احتجاج ڪيا وڃن، باقي غلط فيصلو آهي، گل حسن شر لکيو ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻندڙ ڪٿي آهن؟ جاويد هڪڙو لکيو ته اهو سنڌ سان ظلم آهي، اسلم آزاد سمون لکيو ته سنڌ حڪومت وفاق جي ھر فيصلي تي اکيون پوري لبيڪ چئي رهي آھي جيڪو سندس حقِ حڪمراني جا پول کولڻ لاءِ ڪافي آھي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران شھر اڏڻ لاءِ قائم ڪيل اٿارٽي کي سنڌ دوست ڌرين پاران قانوني طور ڏسڻ جي ضرورت آھي باقي سنڌ حڪومت مان اميد رکڻ اجائي آھي. عرفان ڪريم مغل لکيو ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جي مالڪي لاءِ سنڌ سرڪار کي اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪرڻ گهرجي اهڙو ئي آواز اٿارڻ گهرجي جيڪو اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم لاءِ اٿاريو پيو وڃي، سنڌ جي گهڻ گهرن ٿوڙي قومپرست پارٽين کي پڻ سگهاري تحريڪ هلائڻ گهرجي، ابراهيم خليل لکيو ته اها سنڌ خلاف گهري سازش آهي جنهن ۾ پ پ کي ڀائيوار سمجهون ٿا، علي زاهد لکيو ته وفاقي حڪومت هڪ طرفي ڪارروائي ڪري صوبائي حقن کان انڪار ڪيو آهي، سليم اختر لکيو ته سياسي حوالي کان ھٽي ڪري ڏٺو وڃي ته اھو سٺو فيصلو آهي، جاني بليدي لکيو ته ‏سنڌ اسمبيليءَ ۽ حڪومت ۾ويٺل وڏيرن کي خبرآهي ته سنڌ وڪڻي ڇڏي اٿن، امداد علي، ايم شهباز، احسان مهر، نويد عباسي، سرمد ملاح پڻ ٻيٽن تي قبضي کي رد ڪيو، سينگار علي لکيو ته اهو بهتر فيصلو آهي جمال الدين چنا، لکيو ته سنڌ مان فائدو ته هر ڪوئي کڻڻ ٿو چاهي پر سنڌ کي ڪوبه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي اهو ظلم هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. يارمحمد مڱريو لکيو ته اهو بهترين فيصلو آهي ابرابر شر لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن بابت سوديبازي ڪندڙ ڌريون سنڌ دشمن آهن، فقير سجاد چانڊيو، محبتي مڪيش، پڻ اهو فيصلو رد ڪيو، شاهنواز ڪيريو ظفر حسين بهتر فيصلو قرار ڏنو، افتخار ڪيريو، ظفر رند لکيو ته پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻايو آهي، ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ جي مذمت ڪريون ٿا ان کانسواءِ محمد پريل عباسي، عاشق حسين، علي مراد چانگ، محمد اسحاق لوهار، عمران ڀيو، سڪيش ڪمار، جنيد ٿيٻو، ارسلان سولنگي، نماڻو نوناري، اياز احمد، عبدالستار سهرياڻي، سردار احمد، لالا عرفان ساسولي، عبدالوهاب انصاري، محمد مصطفيٰ ڪورائي، اويس احمد لغاري لکيو ته انتھائي افسوس ناڪ دل ڏکوئيندڙ سنڌ دشمنيءَ تي ٻڌل فيصلو آھي. اسان ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ان تاريخي بدترين فيصلي تي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جي خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي. ڌرتي ڌڻين کي ان فيصلي تي شديد ردعمل ڏيڻ گهرجي، سڪندر بلوچ، عبدالحڪيم لغاري، ايم بي قادري، عميد فاروقي، احسان سنجراڻي، نياز محمد سومرو، عالم پالاري، اسلم هنڱورجو، اي جي کوکر، ذوالفقار علي ڪولاچي، محمد قادر بلوچ، ذاڪر احمد، راشد مراد، نياز ڪلوئي شبير سهتو پڻ سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري فيصلي کي رد ڪيو ۽ چيو ته وفاق پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ٻيٽن تي قبضو نامنظور آهي، خان بلوچ ۽ سرفراز لکيو ته اهو سٺو ڪم آهي. ان کانسواءِ ٻيٽن واري معاملي تي فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي وڏي انگ ۾ پوسٽون شيئر ڪندي سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي کي رد ڪيو ويو ان سلسلي ۾ نورالهديٰ شاهه لکيو ته حملو ڪندڙ لشڪر وانگر سنڌ جي زمين بطور مال غنيمت هڙپ ڪري وڪرو ڪرڻ جي وڌيڪ تياري، هاڻي ٽڪرا ٽڪرا زمين وڪڻي وفاق جو پيٽ ڀريو ويندو، سنڌ سان عمومي تعصبي رويو في الحال تماشبين آهي پر هڪ ڏينهن ايندو جڏهن پاڪستان جي زمين تي پير رکڻ جي جاءِ نه ملندي جتي پير رکندا اها غيرن کي وڪڻجي چڪي هوندي. عرفانه ملاح لکيو ته اهو ڪهڙو قانون آهي جنهن تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن تنهن ڪري انهي وفاقي قبضاگيري خلاف ڪالاباغ ڊيم وانگر هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي. فاروق سومرو لکيو ته پ پ حڪومت ٻيٽن جي معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ڏوھاري بڻجي چڪي آهي. باقي جنھن به خاموشي اختيار ڪئي اھو به سنڌ جو ڏوھاري ھوندو. اچو ته جنگ جوٽيون حرامخور شوم سان. اشفاق آذر لکيو ته سوال اهو آهي ته سنڌ جي جن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ لکين ماڻهو ڏهاڪن کان بدترين زندگي گذاري رهيا آهن، اتي ترقي ڇونه؟ انهن لاءِ ڪا اٿارٽي ڇونه ٿي ٺهي؟ سوال اهو آهي ته تباهه حال انفرااسٽرڪچر جي بحالي، تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ بنيادي سهولتون ميسر ڪرڻ واري آئيني ذميواري پوري ڪرڻ کان اڳ غيرقانوني ۽ غير آئيني طور اٿارٽي ڇو ٺاهي وئي آهي؟ سوال اهو آهي ته پ پ جي سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي انڌيري ۾ ڇو رکيو، ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ سندس ڪهڙي منشور ۾ شامل آهي؟رئيس جي سرڪار جيتري هاءِ گهوڙا اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو نه ملڻ تي ڪري پئي، ٻيٽن جي معاملي تي گونگي ڇو آهي؟ ڪجهه ته ڳالهايو ! بيرسٽر ضمير گهمرو لکيو ته قانون آپشنز پهريون سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي ٻئي ٻيت آرڊيننس مان خارج ڪرڻ لاءِ لکي سگهي ٿي، ٻيو سنڌ اسيمبلي قرارداد پاس ڪري، ٽيون حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري چوٿون آپشن مقامي يوسي جتي ٻيٽ آهن اها پڻ هاءِ ڪورٽ وڃي سگهي ٿي. رخسانه هاليپوٽو لکيو ته سنڌ جي سمنڊ تي قبضو نامنظور، ٻيٽن بابت جوڙيل اٿارٽي کي غيرآئيني سمجهون ٿا. عاجز جمالي لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن خلاف خاموشي ۾ آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي چيئرمين جي مقرري لاءِ اشتهار به جاري ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر سعديا ڪمال لکيو ته قانون اختيارن تحت آرڊيننس مان ٻنهي ٻيٽن کي خارج ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکڻ لاءِ مقامي يوسي جنهن ۾ ٻيٽ واقع آهن اهي هاءِ ڪورٽ وڃي سگهن ٿا. ڊاڪٽر فاطمه سولنگي لکيو ته سنڌ جا ٻيٽ وفاق جي اختيار ۾ آخر ڇو؟ سنڌ جي ٻيٽن تي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني صدارتي آرڊيننس ذريعي قبضو قبول ناهي. نازيه ميمڻ لکيو ته هي روز نوان آرڊيننس آڻي نواز قانون ٺاهي سنڌ جي دريائن ۽ ٻيٽن تي قبضو ڪندا پيا وڃن مالڪي ڪندئو يا ستا پيا هوندئو؟ امير ڀنڀرو لکيو ته سنڌ سان ڏاڍ آهي سنڌ جا ٻيٽ صرف سنڌ جي ملڪيت آهن پر انهن تي قبضي لاءِ وفاقي حڪومت غيرآئيني ۽ غيرقانوني صدارتي آرڊيننس ذريعي اٿارٽي جوڙي ڇڏي آهي سنڌ جو عوام اهڙي قدم کي قبول نه ڪندو. مجاهد حسين سيد لکيو ته سنڌ حڪومت لڪ ڇپ ۾ سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ وفاق کي کپائي ڇڏيا ان ڪري ته خاموش آهي، وفاق اٿارٽي جو آرڊيننس به جاري ڪري ڇڏيو. انيل حب علي لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضو ۽ پي پي حڪومت جي خاموشي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پي پي ڪنهن خاص ڊيل تحت سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪيا آهن. سوڀ قمر ڀٽي لکيو ته سنڌ کي مال غنيمت سمجهي وفاق سنڌ جا ٻيٽ هڙپ ڪرڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو آهي، سنڌ جي مالڪي ڪرڻي پوندي. علي رند لکيو ته پيپلزپارٽي ڪٿي آهي؟ ان جي وفاقي حڪومت جي سنڌ جي ٻيٽن بابت نوٽيفڪيشن جي وضاحت ترديد يا تصديق ڇو نٿي اچي؟ نصير ميمڻ لکيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي کي حلال ڪرڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت غيرآئيني غيرقانوني اٿارٽي قائم ڪئي آهي. ذوالفقار قادري لکيو ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ۽ سنڌ سرڪار جي خاموشي قابل مذمت آهي.سنڌ دوست ڌرين کي ان معاملي تي گڏ ٿيڻ گهرجي. گلشن لغاري لکيو ته ٻيٽن واري معاملي تي هر پارٽي پنهنجو موقف واضح ڪري، سنڌ حڪومت سنڌ جي قومي مفادن جو تحفظ نٿي ڪري سگهي ته استعيفا ڏئي سنڌي قوم جي احتجاج ۾ شامل هئي، ايم ڪيو ايم وانگر هر حال ۾ حڪمراني جي پاليسي ختم ڪري. عرفان عالماڻي لکيو ته ڇا سنڌ اسيمبلي ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو ٻيٽن جي معاملي تي آواز اٿاري؟ امر سنڌو لکيو ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي نه وفاق جي قبضاگيري قابل قبول هوندي نه وري سنڌ حڪومت جي سهولتڪاري وارو ڪردار قبول آهي. غازي جهنڊير لکيو ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي قبضي لاءِ وفاق پاران ڳجهه ڳوهه ۾ ٺاهيل اٿارٽي سنڌ جي آئيني حقن تي ڌاڙي برابر آهي. قاضي آصف لکيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اهو صدارتي آرڊيننس صوبائي خودمختياري خلاف آهي. گلبدن جاويد مرزا لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي صرف سنڌ جو حق آهي. بشير آريسر لکيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخي وجود ۽ جاگرافي خلاف وفاقي سازشون ٿي رهيون آهن، خليل انصاري لکيو ته سليڪٽرن صدارتي آرڊيننس ذريعي آئلينڊ اٿارٽي جي نالي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ سنڌي قوم جو خاتمو آهي جنهن ۾ زرداري جو راضپو شامل آهي. الاهي بخش بڪڪ لکيو ته سنڌ جي غيرتمند پٽن کي سنڌ جا ٻيٽ صدارتي حڪم تي مرڪز حوالي ڪرڻ خلاف ميدان تي اچڻو پوندو. ممتاز بخاري لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن بابت آيل معاملي کانپوءِ ڪنهن جي خلاف رعايت سامهون آئي ته ڳالهه وڌيڪ پٽين پڌري ٿي ويندي ته سنڌ ڪنهن لاءِ ڇا آهي. ايوب کوسو لکيو ته سنڌ تي ڌاڙو نامنظور، سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ڪنهن به ريت قبول ناهي. محسن رند لکيو ته اسان سمجهون ٿا ته وفاق سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي جيئن ٻيٽن تي لکين ماڻهو آباد ڪري سنڌ جي آبادي جي توازن ۾ بدلاءُ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *