Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_n0993mtki73tq9i91qnghik87s, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... سنڌ حڪومت بيوس قرار: ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري بابت حقيقتون سامهون آنديون وڃن: عوام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... سنڌ حڪومت بيوس قرار: ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري بابت حقيقتون سامهون آنديون وڃن: عوام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌ حڪومت بيوس قرار: ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري بابت حقيقتون سامهون آنديون وڃن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي تي وزيراعليٰ سنڌ پاران جاچ ڪاميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هر شئي جي خبر هجڻ باوجود جاچ ڪاميٽي اجائي آهي، ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري مان ظاهر آهي ته سنڌ حڪومت بيوس آهي، جاچ ھلي هلي فائلن ۾ بند ٿي ويندي پي ڊي ايم ۾ ڏار ڪراچي مان شروع ٿي ويا آهن، سنڌ حڪومت جاچ جو اعلان ڪيو آهي اهو سٺو عمل آهي، سنڌ حڪومت کي پنهنجي ساک برقرار رکڻ لاءِ سڄي معاملي کي ظاهر ڪرڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ ۾ جاچ ڪاميٽين جي تاريخ کي ڏسجي ته اسان کي جواب ملي ويندو ته جاچ ڪاميٽيون ھونديون ئي معاملي کي ٽارڻ لاءِ آهن، علي عباس جمالي لکيو ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي، پرويز علي لکيو ته سنڌ سڄي مهمان نواز آهي، مهمان سان وفاق بدتميزي ڪئي آهي. سيد مراد شاھه جو صحيح فيصلو آهي. خادم گهراڻو لکيو ته صفدر سنڌ جو مهمان هو جن جي سنڌ ۾ حڪومت آهي اهي گڏ آهن جاچ ڪميٽي ٺاهڻ بهتر عمل آهي، گل حسن شر لکيو ته منهنجي خيال ۾ جاچ جي ضرورت ناھي، ماجد سمون لکيو ته هر شئي جي خبر هجڻ باوجود جاچ ڪاميٽي اجائي آهي، جن خلاف جاچ ڪندا انهن خلاف ڪارروائي جي سگهه ته رکن، صاحب خان لکيو ته پ پ پ وارا ن ليگ سان چالاڪي ٿا ڪن سمجھڻ وارا سمجھي به ويا، وحيد ڄامڙو لکيو ته رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر مٿان داخل ڪيل ڪيس جا پيرا پي ٽي آئي سرڪار ڏانھن وڃن ٿا، ڪيس جي شفاف جاچ ٿيڻ گھرجي، محمد صديق خاصخيلي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، نوشاد خاصخيلي لکيو ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري مان ظاهر آهي ته سنڌ حڪومت بيوس آهي، سنڌ سرڪار جي جڙندڙ جاچ ڪاميٽي جو ڪو مقصد حاصل نه ٿيندو، عاشق ڦلپوٽو لکيو ته جاچ ڪاميٽي ڪاغذي آهي اھا ڪجھه به نه ڪري سگھندي،بشير رضا مهر لکيو ته صفدر کي گرفتار ڪرڻ جا سبب ھي ٿي سگھن ٿا هڪ ته ن ليگ جي ليڊرشپ کي ڊيڄارڻ ٻيو پ پ ۽ نواز ليگ وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ هو، جاچ شفاف ٿيڻ گھرجي، خادم رند لکيو ته ان ڳالھه ۾ ڪو شڪ ناهي ته رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي اصل واڳ ڌڻين جي ھدايت تي گرفتار ڪيو ويو آھي پر خواري جو کارو سنڌ حڪومت مٿان ضرور آيو آھي. مراد علي شاھه پڄي نٿو سگهي بس ڪاميٽي ٺاھي ماڻهن کي اجائي آسري ۾ رکيو اٿس. فخر الزمان سومرو لکيو ته شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي اهو سٺو فيصلو آهي سنڌ حڪومت کي پنهنجي ساک برقرار رکڻ لاءِ سڄي معاملي کي ظاهر ڪرڻ گهرجي، ايم سليم منگي لکيو ته جاچ ھلي هلي فائلن ۾ بند ٿي ويندي پي ڊي ايم ۾ ٽٽڻ جا ڏار ڪراچي مان شروع ٿي ويا، عاشق حسين لکيو ته وفاق حڪومت ناڪام ڪوشش ڪري رھي آھي ته پي ڊي ايم ۾ اختلاف پيدا ٿين ، عادل الاهي بخش لکيو ته جاچ جي ضرورت ناھي وفاقي حڪومت سنڌو سئنو ملوث آھي اصل ۾ پ پ پ ۽ ن ليگ کي ورهائڻ جي شازش هئي، مدثر کهاوڙ لکيو ته صفدر قائداعظم جي مزار مٿان بيهي نعرا هنيا اها پهريان ڳڻتي ڪنهن کي ڪونه هئي ۽ جلسي جي خلق ڏسي پي ٽي آءِ وارا پريشان ٿي ويا پوءِ کيس گرفتارڪرايو ، پ پ پ وارن کي سموري معاملي جي خبر آھي. هزار خان لکيو ته ڪاميٽي ٺھڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو، هادي لکيو ته شفاف جاچ ٿيڻ گھرجي موهن لال لکيو ته اسان جو مطالبو آهي جي آئي ٽي جوڙي وڃي، حافظ عيدل ڪنڀر لکيو ته صرف اکين ۾ ڌوڙ نه وڌي وڃي شفاف جاچ ڪئي وڃي، نجاوت مغيري لکيو ته چور چورن کي بچائڻ ۾ رڌل آھن، شنڪر باغي لکيو ته بلڪل جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن به غيرقانوني عمل ڪيو آھي ان خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، ديپڪ باغي، سردار غوث بخش ملڪ، خميسو ڀيل پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. پرهياڙ مجيد لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، سڪيش ڪمار لکيو ته سنڌ حڪومت کان ڪجهه ڪونه ٿيندو، نياز سومرو لکيو ته وزيراعليٰ جي پريس بريفنگ ۾ آءِ جي جو ذڪر نه ڪيو ويو؟، ممتاز ٿري لکي ته لڳي نٿو ته شفاف جاچ ٿيندي، حبيب الله جمالي لکيو ته جاچ عوام جي سامهون پڌري ڪئي وڃي، مدثر علي مهيسر، شفقت زئنور، پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، سليم ڪنڀر لکيو ته ڪاميٽي ٺھڻ کان اڳ ڪو ٻيو ممڻ مچي ويندو، مهراڻ مل ميگهواڙ، مقصود چانڊيو، ظفر رند پڻ چيو ته ڪاميٽي ٺهڻ ۽ جاچ ٿيڻ سٺو عمل آهي، شبير جماليلکيو ته سڄو ڊرامو آهي، عبدالحئي ساوند لکيو ته وزير اعليٰ صوبي جو چيف آهي کيس هر معاملي جي خبر هئڻ گهرجي، ميان جاويد انڍڙ لکيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي پي ڊي ايم جي ڪامياب جلسي کان پوءِ بوکلائجي وئي آهي ۽ سياسي انتقام تي لهي آئي آهي، وحيد مستوئي لکيو ته اھو ھڪڙو ٽريلر ڏيکاريو ويو آھي، بادشاهه جان لکيو ته ان جاچ ڪاميٽي جي معاملي تي ٻه چار ڏينهن ميڊيا تي زبردست تبصرو ٿيندو. ”پي ڊي ايم“ اتحاد طرفان واکاڻ به ٿيندي. ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي اها جاچ ڪاميٽي به منظرعام تان غائب ٿي ويندي، صفدر چانڊيو لکيو ته حڪومت آخري پساهن ۾ آھي وفاق جي مداخلت هئي ته هرڀرو به گرفتاريون ڪريو، عبداللطيف جوڻيجو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *