Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_mvuo46qh9b33atesfmkppv64f9, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ملازمن کان بجلي جا خرچ وٺي غريب شاگردن کي فيس ۾ رعايت ڏئي: عوام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ملازمن کان بجلي جا خرچ وٺي غريب شاگردن کي فيس ۾ رعايت ڏئي: عوام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ملازمن کان بجلي جا خرچ وٺي غريب شاگردن کي فيس ۾ رعايت ڏئي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته شاگردن کان ڳريون فيس وٺندڙ سنڌ يونيورسٽي جا ملازمن جي بجلي بلن تي ساليانو 18 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ٿا وڃن ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران جيترو خرچ ملازمن کي بجلي فراهم ڪرڻ تي ڪيو پيو وڃي اهو خرچ انهن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري غريب شاگردن تي خرچ ڪيو وڃي ان سان ڪيترائي غريب شاگرد پڙهي پوندا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته جيترو خرچ ملازمن کي بجلي فراهم ڪرڻ تي ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن ايترو خرچ غريب شاگردن تي ڪيو وڃي ته ڪيترائي شاگرد پڙهي پوندا، ڳرين فيسن جي ڪري غريب شاگرد پڙهي ئي نٿا سگهن، گل حسن شر لکيو ته ملازمن کي ته صرف بجلي فري آھي وڏن آفيسرن کي گاڏيون ۽ پيٽرول به فري م ملندو آھي، ان جي مد ۾ ٿيندڙ سالياني خرچ جا انگ اکر به جاري ڪيا وڃن. عطاءُالرحمان لکيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان نا انصافي ڪئي وئي آهي، اهي ڪروڙين رپيا غريب شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪيا وڃن.سرمد ملاح لکيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان نا انصافي ڪئي پئي وڃي، غريب طبقي جا شاگرد پريشاني جو شڪار ٿين ٿا، پٺتي پيل شاگردن جي واهر ڪئي وڃي ڳرين فيسن کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، جاويد هڪڙو لکيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن کان بجلي جا بل پورا ورتا وڃن ۽ جيڪا رقم انهن جي بلن تي خرچ ڪئي پئي وڃي اها غريب شاگردن جي فيس تي خرچ ڪئي وڃي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته يونيورسٽي جي ملازمن جا ڪروڙين رڳو بجلي جا بل ته ٻين مدن جي صورت ۾ ڪيتري نه رقم خرچ ٿيندي هوندي، مسڪين ۽ غريب شاگردن داخلا في نه هئڻ سبب يونيورسٽي پڙهي نٿا سگهن، راسومل لکيو ته اهڙن ملازمن تي جيترو به خرچ ٿيو آھي اهو انهن ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري شاگردن جون فيسون گهٽايون وڃن ته غريبن جا ٻار يونيورسٽي ۾ پڙھي سگهن، نقاش علي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جي اها شاگردن سان نا انصافي آهي، بجلي جي بل جي چٽي ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي وڃي. جيڪي شاگرد پڙهڻ لاءِ اچن ٿا انهن ۾ اڪثر ڪري غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ آهن رقم انهن تي خرچ ڪئي وڃي.قائم الدين خشڪ لکيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان انتظاميا انصاف ڪيئن ڪندي.شنڪر باغي لکيو ته سڄو نظام ئي ڪرپٽ آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته ھن سال ته يونيورسٽيون ڪورونا سبب بند ھيون پوءِ به ايترو بل ان مان صاف ظاھر آھي ته يونيورسٽي جي ملازمن ۽ آفيسرن بجلي استعمال ڪئي آھي ملازمن ۽ آفيسرن جي پگھارن مان ڪٽوتي ڪئي وڃي شاگرن سان فيس ۾ رعايت ڪئي وڃي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته اهو قوم سان ظلم آهي جيترو خرچ ملازمن جي بجلي تي ڪيو وڃِي ٿو جيڪڏهن اهو خرچ غريب شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ته ڪيترائي غريب شاگرد تعليم پرائڻ کان محروم نه رهجندا، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جيترو خرچ بجلي يا گيس وغيره ملازمن جي سهولتن لاءِ ڪيو وڃي ٿو بهتر آهي ته تعليم تي ڪيو وڃي شاگردن جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪيو وڃي، غوث بخش ملڪ لکيو ته اھا حڪومت جي نااھلي آھي، مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته ھر ڪوارٽر تي الڳ ميٽر لڳايو وڃي انھن جابل ملازمن کان ورتا وڃن انھن ڪوارٽرن ۾ چار چار اي سي لڳل ھوندا آھن اھو بلن جو بار به مادر علمي تي آهي. سليم اختر لکيو ته آفيسرن جي گھرن ۾ اي سي هوندا آهن، انتظاميا ڳريون فيس وٺڻ باوجود شاگردن کي ڪا سهولت نٿي ڏئي، عرفان علي چانڊيو لکيوته اهو وڏو ظلم آهي، منير جمالي لکيو ته ايترو پئسو ملازمن کي بجلي تي خرچ ڪرڻ بدران شاگردن تي لڳايو وڃي، اسد خاصخيلي لکيو ته شاگردن سان ظلم ڪرڻ ۾ حڪومت ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، بشير رضا مهر لکيو ته انڌير نگري آهي، سڪيش ڪمار لکيو ته قانون سڀني لاءِ برابر ھجڻ گھرجي اگر غريب شاگردن کان فيون ڳريون وٺو ٿا ته ملازمن کان بل پورو ورتو وڃي.عبدالحفيظ شر لکيو ته پئسا رڳو زيان ڪن پيا ذيان شاگردن تي خرچ ڪيا وڃن، اشوڪ سمراٺ لکيو ته ظلم جي انتها آهي، امان الله لغاري لکيو ته شاگرد ست مھينا اسڪول يا يونيورسٽي ناھي ويو ان جون غير قانوني فيس وٺن پيا . ان جي قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،مير رحمان چانڊيو لکيو ته اهڙن ملازمن تي جيترو به خرچ ٿيو آھي اهو انهن ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري شاگردن جون فيسون گهٽايون وڃن ته غريبن جا ٻار يونيورسٽي ۾ پڙھي سگهن. سينگار علي لکيو ته جيترو خرچ ملازمن جي بجلي ڪم آڻڻ تي آهي جيڪڏهن اهو خرچ غريب يتيمن تي ڪيو وڃي ڪيترائي غريب پڙهي پوندا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *