تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌ پوليس سياسي مداخلت خلاف ايئن متحد ٿي پنهنجو وڃايل وقار بحال ڪرائي: عوام

نواز شريف جي ناٺي ۽ مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو هو پر ان بحث ۾ان وقت سان تيزي اچي وئي جڏهن سنڌ پوليس جي آفيسرن موڪلن لاءِ درخواستون ڏيڻ شروع ڪيون، ان بعد سوشل ميڊيا تي جتي سنڌ پوليس جي حمايت ۾ ٽرينڊ هلايو ويو اتي ان معاملي ۾ مختلف سوال پڻ اٿاريا ويا. ان حوالي سان ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ پوليس احتجاج ڪيو آهي، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ پوليس جي احتجاج کان اڳ وزير اعلي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهربو هو، اڄ کانپوءِ پوليس ڪنھن ڪاموري، سياستدان، جاگيردار۽ وڏيري جي دٻاءَ ۾ به نه اچي، پوليس کي سوچڻ گھرجي ته ھو جڏهن ساڳئي حالت عام ماڻهو سان ڪندا آهن ته انهن جا به جذبا ايئن ئي مجروح ٿيندا آهن!، اميد آهي ته هاڻي سنڌ پوليس سياسي مداخلت خلاف ايئن متحد ٿي پنهنجو وڃايل وقار بحال ڪرائيندي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مسرور کهڙو لکيو ته آءِ جي جي تذليل واري واقعي تي پوليس آفيسرز ڊيوٽي تان بائيڪاٽ ڪيو موڪل جون درخواستون ڏئي پنھنجو ھڪ احتجاج رڪارڊ ڪرايو، خادم گهراڻو لکيو ته جيئن اخبارن جون خبرون اچن پيون پوءِ پوليس جو احتجاج صحيح آهي پوليس کي مضبوط ڪيو وڃي، ضمير آرڊيننس لکيو ته عوام نه اٿيو پوليس لاءِ اهي اٿيا جيڪي سياسي پارٽين سان وابستا آهن.گل حسن شر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، گلزار ملاح لکيو ته سنڌ پوليس احتجاج ڪريو جيڪو اثرائتو به ثابت ٿيو. پر سنڌ پوليس جي احتجاج کان اڳ وزير اعلي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهربو هو، محمد حنيف خاصخيلي لکيو ته سنڌ پوليس جي سڀ کان اعلي عهديدار جي تذليل جي سخت مذمت ڪجي ٿي، هالار حسين لکيو ته سنڌ پوليس جو اھڙو قدم غلاميءَ کان آزادي ڏانھن پھريون قدم آھي، اڄ کانپوءِ پوليس ڪنھن ڪاموري، سياستدان، جاگيردار۽ وڏيري جي دٻاءَ ۾ به نه اچي، موهن لال لکيو ته سنڌ حڪومت طرفان مالڪي نه ٿيڻ سبب سنڌ پوليس جي سموري ڪمان احتجاجن طور موڪل جو اعلان ڪيو، رفيق احمد لکيو ته سنڌ پوليس کي ھاڻي ھن مسئلي کان پوءِ پروفيشنل ٿيڻو پوندو، فخر الزمان سومرو لکيو ته سنڌ پوليس جهڙي طرح پنهنجي اداري جي ساک برقرار رکڻ لاءِ انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ جهڙي طرح سنڌ جي عوام انهن جو ساٿ ڏنو اهو سٺو سنوڻ آهي پر پوليس کي به هاڻي عوام جو ڀرجهلو ٿيڻ گهرجي، رحمت سومرو لکيو ته سنڌ پوليس کي پنھنجي اختيار ۽ قانوني بالادستي لاءِ بيھڻ گھرجي. عاشق حسين لکيو ته پوليس عملدارن بھترين قدم کنيو آھي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ پوليس کي پنهنجي مرضي موجب هلايو ويندو آهي سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن تي پوليس اهڙو ردعمل نه ڏيندي آهي، ظفر جتوئي لکيو ته سنڌ پوليس پنھنجي اداري جي عزت لاءِ زبردست قدم کنيو، صدام ڪنڀر لکيو ته سنڌ پوليس غريب بي ڏوهي ماڻھن سان ڀوتارن جي اشارن تي گھٽ ڪو نه ڪئي آهي ھاف فراءِ فل فراءِ ڪيا آهن، ديپڪ باغي لکيو ته سنڌ پوليس احتجاج ڪيو آهي، رضوان مجيداڻو لکيو ته احتجاج مان ڇا ٿيندو، حبيب الله جمالي لکيو ته سنڌ پوليس هڪ ٿي ڏيکاريو آهي، شبير ڪوري لکيو ته اڪثر سنڌ پوليس غريب مسڪين ھارين ۽ عام شھرين تي ڪنھن وڏيري جي چوڻ تي اکيون پوري ڪيس داخل ڪندي آھي هاڻي پاڻ سان ڪجهه ٿيو اٿن ته رڙيون پيا ڪن، پير احسن، امين چانڊيو، حنيف رضا بلوچ، برڪت سولنگي ۽ علي اڪبر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ايم موسيٰ لغاري لکيو ته سنڌ پوليس آفيسرن بهتر ڪيو، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته سنڌ پوليس جي آفيسرن اداري جي ساک بچائڻ لاءِ سٺي ڪوشش ڪئي، اقبال انصاري لکيو ته پوليس کي ذميوارن کي سزا تائين بيهڻ گهرجي، محبتي مڪيش لکيو ته احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، عبدالمجيد لکيو ته پوليس سان گڏ آهيون، راسومل لکيو ته فيصلو درست ڪيو آھي، ذاڪر احمد لکيو ته پوليس کي سياست کان پاڪ ڪري خودمختيار ادارو بڻايو وڃي، مجيد سنڌي لکيو ته بهتر ٿيو، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته پوليس بهتر قدم کنيو، هادي بخش ساند لکيو ته پوليس سدائين وڏيرن جي ونگاري رهي غريبن تي ظلم ڪيا آهن، پر غريب عوام اداري خاطري سنڌ پوليس جي حمايت ڪري ان جو ساٿ ڏنو، الهڏنو راهمون لکيو ته شاندار طريقو هو، سارنگ هليو لکيو ته سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم هئڻ کپي، محرم قادر بلوچ لکيو ته آجي کي خودمخيار ڪيو وڃي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته پوليس سٺو قدم کنيو، جنسار احمد لکيو ته ڪاش سنڌ پوليس جا آفيسر پنهنجي جوانن جي لاءِ به احتجاج ڪن ۽ انهن جو جائز مطالبو اسڪيل ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺن، ايم بي قادري لکيو ته انھي مسئلي تي صاف شفاف جاچ ٿيڻ گھرجي، محمد پريل عباسي لکيو ته قانون جي بالادستي لاءِ پوليس بھترين قدم کنيو آھي، حافظ عيدل ڪنڀر لکيو ته اداري جي حيثيت بچائڻ ۽ رٽ کي قائم لاءِ پوليس جي اعلي عملدارن بھترين قدم کنيو آھي، علي گل دايو لکيو ته سنڌ پوليس جي احتجاج کان اڳ وزير اعلي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، اصغر حسين لکيو ته پوليس عملدارن بھترين قدم کنيو آھي، ٻلونت سنگهه سوڍو لکيو ته سڀئي ادارا وطن جي خدمت ڪندا آهن، نياز سومرو لکيو ته پوليس کي سوچڻ گھرجي ته ھو جڏهن ساڳئي حالت عام ماڻهو سان ڪندا آهن ته انهن جا به جذبا ايئن ئي مجروح ٿيندا آهن!، پوليس کي سياسي بجاءِ عوامي ھجڻ گھرجي!، راشد مراد چانڊيو لکيو ته احتجاج سندن جو حق آهي، عابد حسين لغاري لکيو ته سنڌ پوليس اداري جي ساک برقرار رکڻ لاءِ انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ عوام ساٿ ڏنو، نثار لغاري پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي اسان سنڌ پوليس سان گڏ آهيون ۽ سنڌ پوليس کي عزت ڏيو هيش ٽيگ ٽرينڊ سوشل ميڊيا تي هلايا ويا، بلاول ڀٽو زرداري آءِ جي سنڌ سان ملاقات واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته آئون يڪجهتي طور سنڌ پوليس گڏ آهيان، ڇا اوهان به گڏ آهيو؟ ڪامران خان ٽوئيٽ ڪيو ته پي ڊي ايم ۾ اندروني راند شروع ٿي وئي آهي، مريم نواز اڳتي سنڌ اچڻ جي دعوت سوچي سمجهي قبول ڪري، ذريعن موجب آءِ جي سنڌ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي ۾ پنهنجي سينيئر اهلڪارن سان گڏ رهيو اغوا وغير جي ڪهاڻي مريم نواز جي تسلي لاءِ آهي جنهن تي ري ٽوئيٽ ڪندي، نورالهديٰ شاهه لکيو ته مريم بي بي لاءِ سنڌ ۾ اها محبت جنم وٺي چڪي آهي جنهن جو خواب عمران خان کي نٿو اچي سگهي سنڌ جا ماڻهو آمريت خلاف مزاحمت ڪرڻ وارا ماڻهو آهن، مريم جي آمد تي جيڪا حرڪت ڪئي وئي ان خلاف احتجاج ۾ پوري سنڌ بلاول/سنڌ پوليس سان گڏ آهي، صوبائي خودمختياري تي ان حملي جو ردعمل سنڌ ۾ وڏا اثر ڇڏي چڪو آهي. حامد مير ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سنڌ جا پوليس جا ننڍا وڏا آفيسر موڪلن جون درخواستون ڏئي رهيا آهن ايئن لڳي رهيو آهي ته پوليس خاموش هڙتال طرف وڃِ رهي آهي سڀ ڄاڻن ٿا ته اها هڙتال ڪنهن جي خلاف ڪئي پئي وڃي، هاڻي انڪوائري جي ضرورت ناهي پر انڪوائري مڪمل ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. شفا يوسفزئي لکيو ته اي ڊي خواجه جو معاملو هجي يا سنڌ هاءِ ڪورٽ تي حملي جو يا پوءِ رائو انوار جو ڪيس هجي يا ڪليم امام جو مسئلو، سنڌ پوليس جي هڪ تاريخ رهي آهي ته اها استعمال ٿي آهي. شهباز گل لکيو ته مزار قائد جي توهين کان وٺي غريب هارين سان ٿيندڙ ظلمن تائين ان وقت ڪنهن توهين ڇو محسوس نه ٿي؟ جبار حبيباڻي لکيو ته سنڌ پوليس جهڙي نموني غير اخلاقي ۽ غير آئيني عمل خلاف ٻڌي جو مظاهرو ڪيو آهي اميد ته هاڻي سنڌ پوليس سياسي مداخلت خلاف ايئن متحد ٿي ڪم ڪندي ۽ پنهنجو وڃايل وقار بحال ڪرائيندي.ايڊووڪيٽ الطاف علي لکيو ته اهو سڄو ڊرامو هو جيڪو رات جو ئي ختم ٿي ويو هاڻي ٻي قسط اچڻ واري آهي. برڪت جهنڊير لکيو ته پوليس کي عزت ڏيو، ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري کانپوءِ دٻاءُ تحت تقريبن سنڌ پوليس موڪل جي درخواست ڏني پوليس کي ڊي مورلائيز ڪرڻ بدران ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي.ناز خان لکيو ته ووٽ کي عزت ڏيو کانپوءِ پوليس کي عزت ڏيو جو نعرو سامهون آيو آهي. حيات تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هينئر پوليس جهڙي طرح سان همٿ جو مظاهرو ڪيو آهي جيڪڏهن اهڙي همٿ ۽ جرئت کي مستقل بنيادن تي قائم رکندي سياسي وڏيرن، ميرن، پيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جي غلامي ۽ جي حضوري کان به انڪار ڪري ته سندن عزت ۽ شھرت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. جنهن تي منظور مگسي لکيو ته بلڪل صحيح ٿا چئو. شاهد ميراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ پوليس اڳتي سياسي دٻاءُ ۾ اچي عام ماڻهن سان ظلم به بند ڪري، ايس ايس پي وردين ۾ ڀوتان جي بنگلن تي جوتا لاهي اندر ويندا آهن سنڌ پوليس پنهنجو معيار پاڻ ڪيرايو آهي، ايس ايچ او پنهنجي حد جا ملڪ هجن ٿا وردين ۾ ڀوتارن جي گاڏين جا در کوليندا آهن ته هٿ ٻڌي به بيهندا آهن پنهنجو معيار ڪيرائڻ جا پاڻ ذميوار آهن. خليل انصاري لکيو ته صفدر تي ايف آءِ آر داخل هئي آءِ جي ان کي گرفتاري کان انڪار ڪري سياست ڪرڻ سان گڏ ڊيوٽي ۾ لاپرواهي ڪئي ان جي خلاف ڊسيپلين مطابق ڪارروائي ٿيڻ گهرجي پئي پر انهن موڪل جو ڊرامو ڪري پاڻ کي قانوني ڪارروائي کان بچايو آهي. حسين منصور لکيو ته سڄي معاملي جو نوٽيس حڪومت يا رياست جي سربراهه کي وٺڻ گهرجي ها. امتياز چانڊيو لکيو ته سنڌ پوليس جي موڪلن جي درخواست ڏيندڙ آفيسرن جي فهرست تيار، ملڪي ۽ غيرملڪي اثاثن جي ڇنڊڇاڻ، آمدني جي ذريعن ۽ ڪرمنل رڪارڊ جي به جاچ ٿيندي. گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻيٽن تي ويندڙن کي روڪڻ جي مون کي ڄاڻ نه هئي، صفدر جي گرفتاري جي مون کي ڄاڻ نه هئي، ٻيٽن جي اين او سي بابت به مون کي ڄاڻ نه پئي، بي اختيار وزيراعليٰ سنڌ پوءِ ويٺا ڇو آهي استعيفا ڇو نٿا ڏيو. جنهن تي عائشه ڌاريجو لکيو ته ڄاڻ سڀ هئي پر سڄو ڊرامو هلي پيو. مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آرمي چيف جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان فون تي رابطو ٿيو، آرمي چيف جو آءِ جي سان به رابطو ٿيو، بلاول ۽ مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ وٽ پهتا، کيس درخواست واپس وٺڻ تي راضي ڪري ورتو، ٿورو ته خيال رکن ها. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ پوليس پنهنجي درخواستن ۾ اهو ڇو نه لکيو ته ووٽ کي عزت ڏيو نه ڏيو توهان جي مرضي پر وري کي عزت ڏيو. آءِ جي سنڌ پنهنجي موڪل 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي ٻين کي به ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سرفراز ابڙو لکيو ته عوام پوليس سان گڏ هوندو. روميصه ملڪ لکيو ته هتي وردي وارو هجي يا عام ماڻهو ڪير به محفوظ ناهي، اسان سنڌ پوليس سان گڏ آهيون. رحمت الله ماڃوٺي لکيو ته سنڌ ۾ عزت نفس صرف پوليس جي ٿيندي آهي هاف فراءِ فل فراءِ ٿيندڙن جي نه، علي ڪامران سهتو لکيو ته پوليس پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ سٺو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، آءِ جي سنڌ جي ان فيصلي جي حمايت ڪجي ٿي. آءِ جي سنڌ موڪلن وارو فيصلو ملتوي ڪيو، سنڌ پوليس جي موڪل دوران وفاقي حڪومت جو وس پڄي ها ته ٽائيگر فورس کي ٿاڻا ڏئي ڇڏي ها.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *