تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سوال/سروي …. نيٺ ٿيندو ڇا ؟… سنڌ ۾ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ بابت حڪومتي ڪارڪردگي “زيرو” آهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ بابت حڪومتي ڪارڪردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ٻارن جي حقن ۽ تحفظ بابت حڪومت جي ڪارڪردگي زيرو آهي، صرف ڪاغذن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، هن وقت به سنڌ ۾ ڪيترائي ٻار جبري پورهيو ڪري رهيا آهن ڪيترائي ٻار اسڪولن ۾ اڃا تائين داخل ئي ناهن ٿيا پر حڪومت ان حوالي سان ڪي به قدم نه کنيا آهن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ ۾ ٻارن جي حقن تي ڪوبه عمل نه آهي ٻارن کان جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو. حڪومت کي ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، علي عباس جمالي لکيو ته حقيقت اها آهي ته وفاقي سرڪار هجي يا سنڌ گورنمينٽ پر سنڌ ۾ ٻارڙن کان جبري پورهيو روڪرائڻ لاءِ ٻنهي قدم ناهن کنيا، پرويز علي لکيو ته سنڌ حڪومت مڪمل فيل آهي، گلزار ملاح لکيو ته حُڪومتي ڪارڪردگي زيرو آھي، مدرسن توڙي اسڪول سان گڏ گهٽي روڊ رستي تي ٻارڙن تي تشدد ٿيندو رهي ٿو، هاڻي ته ٻارڙن سان زيادتي جا واقعا به وڌندا پيا وڃن، جاويد احمد لکيو ته حڪومت ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته حڪومت جو ان معاملي تي ڪو به ڌيان ناهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ سرڪار کي ٻارڙن جي حقن ۽ سندن تحفظ بابت جوڙيل قانون تي عمل ڪرڻ گهرجي، سنڌ اندر ٻارڙن سان جنسي زيادتيون، جبري پورهيو، ننڍي عمر ۾ شاديون ۽ ٻيا ڪافي مسئلا ٿين ٿا، وحيد ڳاهو لکيو ته ٻارڙن جي ڀلائي جي سلسلي ۾ حڪومت پنهنجا واعدا پاڙي ڪونه سگهي آهي.عبدالحفيظ شر لکيو ته گذريل ڪيترن ئي عرصي ۾ ٻارڙا جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيا آهن پر حڪومت ڪو ايڪشن نٿي کڻي، فاروق احمد کوسو لکيو ته حڪومت ڪي به قدم ناهن کنيا، احسان مستوئي لکيو ته سنڌ ۾ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ بابت حڪومتي ڪارڪردگي پوري طرح زيرو آهي ٻارڙن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان سنڌ ۾ کوڙ ساريون تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن پر انهن جي به عملي طور ڪارڪردگي ڪا به ناهي، نياز سومرو لکيو ته سنڌ ۾ ٻارن کان اصل تعليم وارو حق به کسيو ويو آهي، اسد انڍڙ لکيو ته سنڌ جي ٻارن کي تعليم ڏياريو، ممتاز علي سميجو لکيو ته ٻارن جي حقن جي حوالي سان حڪومتي ڪارڪردگي زيرو آهي اڄ به ٻار روڊن تي پينو فقير جي روپ ۾ نظر اچن ٿا، محمد عمر لکيو ته سنڌ ۾ ٻارن جي حقن متعلق حڪومت ڪي به اپاءَ ناھن ورتا سنڌ جا معصوم ٻارڙا بک بدحالي جو شڪار آهن، راشد لطيف لکيو ته ٽنڊوميرعلي جي آس پاس ۽ ٻين ڪيترن ئي شھرن ۾ معصوم ٻارڙا بٺن تي ڪم ڪري رھيا آھن ڪي وري ھوٽل تي ڪم ڪري رھيا آھن پر ڪير ايڪشن نٿو کڻي. رحيم خان لکيو ته حڪومتي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي.ڪيترن ئي شھرن ۾ معصوم ٻارڙا ٻنين تي ڪم ڪري رھيا آھن، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته قانون ٺهن ٿا پر ٻارن جي حقن لاءِ انهن قانونن تي عمل نٿو ٿئي، نجاوت خان لکيو ته حڪومت ٻارن لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، اسلم آزاد سمون لکيو ته حڪومتي ڪارڪردگي صرف ڪاغذي ڪارروائين تائين نظر اچي ٿي، عبدالقدوس بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ ٻارڙن جي حفاظت لاءِ قانون نالي ڪا شي ناهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته ملڪ اندر ٻارڙا غير محفوظ آھن، نقاش علي لکيو ته ٻارن ۽ عورتن جي حق لاءِ صرف لکت ۾ بل پاس ڪيا وڃن ٿا. ديدار بلوچ لکيو ته سنڌ سرڪار ٻارن جي تحفظ ۽ انهن جي حقن خاطر ڪيئي بل اسيمبلي مان پاس ته ڪرايا آهن پر عمل ناهي ٿيو، مسرور شر ۽ مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته حڪومت ڪي اپاءَ ناهن ورتا رڳو ڪاغذي ڪم ڪيو آهي، راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته حڪومتي ڪارڪردگي زيرو آهي، سڪيش ڪمار لکيو ته حڪومت جي ڪا رٽ ناهي، جرئت علي چانڊيو لکيو ته ٻار محفوظ ناهن، راسومل لکيو ته قانون تي عمل ڪونهي، اويس ملاح لکيو ته حڪومتي ڪارڪردگي بلڪل نه هجڻ برابر آهي، محمد شريف ڄامڙو لکيو ته سنڌ حڪومت ٻارن کي تعليم جو حق به نه ڏيئي سگهي آهي، ذوالفقار کوسو لکيو ته سنڌ حڪومت جي ڪا به ڪارڪردگي ناهي، ساگر امير حيدر لکيو ته ٻارن سميت اسان جي ملڪ ۾ سڀ انسان مڙني انساني بنيادي حقن کان محروم آهن، جمال الدين چنا لکيو ته سنڌ حڪومت ٻارن جا ڪهڙا مسئلا حل ڪندي پهرين سنڌ جي غريب عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي ، ساگر آفتاب لکيو ته حڪومت رڳو حوالن تي هلي ٿي، ظفر رند لکيو ته اسان کي سنڌ ۾ ڪٿي به ٻارن جي حقن لاءِ ڪو به ادارو نظر نه پيو اچي، عبدالحفيظ شر لکيو ته سنڌ حڪومت ڪي به قدم ناهن کنيا، ممتاز علي مهر لکيو ته ٻارن سان زيادتي توڙي بيدردري سان قتل ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن، خميسو ڀيل لکيو ته سنڌ ۾ ٻارن جو بنيادي حق سڀ کان پهرين تعليم آهي اهو حق ئي ناهي ڏنو ويو، خميسو ڀيل، مهراڻ مل ميگهواڙ، عرفان علي، محمد رفيق، عبدالحئي ساوند، سليم اختر، مير رحمان چانڊيو، عبدالحفيظ شر، نياز ڪنڀر، اصغر حسين، وحيد مستوئي، عابد حسين شر، خير محمد ڇٽو، سينگار علي، راشد لطيف، احمد رضا، دليپ ڪمار ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *