Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_990tau4ma14dp34ri8d4l0unob, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... عوام پاران سنڌ ۾ گئس ۽ سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ جو فيصلو رد - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... عوام پاران سنڌ ۾ گئس ۽ سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ جو فيصلو رد - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… عوام پاران سنڌ ۾ گئس ۽ سي اين جي اسٽيشنون بند ڪرڻ جو فيصلو رد

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گيس پيداوار ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ سياري جا 4 مهينا سي اين جي لاءِ گيس ڏيڻ کان جواب ڏنو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق پاران 4 مھينا گئس بندش ۽ سي اين جي اسٽيشن بند ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪريون ٿا، ملڪ ۾ گيس جي ڪل پيداوار مان 70 سيڪڙو گيس سنڌ ڏئي ٿي پوءِ به سنڌ جي عوام کي گيس کان محروم رکيو پيو وڃي، سي اين جي بندش سبب مزدور پڻ بيروزگار ٿيندا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪامران رستماڻي لکيو ته قدرتي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي، رياض سولنگي لکيو ته سنڌ جيڪا گئس پئيدا ڪري ٿي ان کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ هجي پاڻي معاملو هجي مختلف وقتن تي سنڌ سان ناجائزي ڪندي رهي آهي، غلام قادر لکيو ته سنڌ سان اھا نا انصافي آھي وفاق جي، علي مراد شاهه لکيو ته ظلم آهي، پرويز علي لکيو ته اهو سڀ ڪجھه اسان پيپلزپارٽي جي ڪري ڀوڳيون پيا، سڪندر بلوچ لکيو ته وفاق ھميشه سنڌ سان ماٽيلي وارو سلوڪ ڪندو رھيو آھي، وفاق پاران 4 مھينا گئس بندش ۽ سي اين جي اسٽيشن بند ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪريون ٿا. جاويد هڪڙو لکيو ته آئين تحت پيداواري وسيلن تي پهريون حق پيداواري صوبي جو آهي پر آئين جي خلاف فيصلا ڪيا پيا وڃن، بلاول احمد دايو لکيو ته وفاق پاران سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، عبدالسميع لکيو ته سنڌ حڪومت کي ايڪشن وٺڻ گهرجي، عصمت الله حسن لکيو ته سنڌ ۽ سنڌين سان ناانصافي بند ڪئي وڃي، محمد صديق خاصخيلي لکيو ته سياري جي موسم ۾ گيس لوڊشيڊنگ صرف پنجاب ۾ ٿيندي آهي، هي پهريون ڀيرو تبديلي جي نالي تي ايندڙ سرڪار سنڌ ۾ 4 مهينا لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪيو آهي ان جي سخت مذمت ڪريون ٿا، شنڪر باغي لکيو ته سنڌ حڪومت ڪرپشن جي ڪري وفاق وٽ يرغمال بنيل آھي ان ڪري وفاق پنهنجا من پسند فيصلا سنڌ تي مڙھي رهيو آھي، وحيد ڄامڙو لکيو ته وفاق ھميشه سنڌ سان ويساھ گھاتي ڪئي آھي جڏھن ته ملڪ ۾ گيس جي ڪل پيداوار مان 70 سيڪڙو گيس سنڌ ڏئي ٿي پوءِ به سنڌ جي عوام کي گيس کان محروم رکيو ويو آھي اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جا ماڻھون ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آھن 4 مھينا سي اين جي اسٽيشنيون بند ڪرڻ عوام سان وڏي زيادتي ڪئي آھي، عبدالله جروار لکيو ته سڌي سنئين سنڌ جي ماڻهن سان زيادتي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي ڀرپور احتجاج ڪري گئس جي سپلائي سياري ۾ بحال ڪرائڻ گهرجي. يار محمد هوت، ابراهيم خليل ۽ ڊاڪٽر نذير احمد ابڙو لکيو ته وفاق حڪومت جي انهي فيصلي تي انتهائي افسوس ٿيو ته سنڌ ۾ چار مهينن لاءِ سي اين جي اسٽينشز کي بند ڪيو پيو وڃي، سنڌ صوبو گئس ۽ تيل جي مد ۾ 70 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي، وفاقي حڪومت جو اھو فيصلو بلڪل غلط آھي، ذوالفقار ڀنڊ لکيو ته اسان سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز بند ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪريون ٿا، ضمير حسين ۽ آتش انقلابي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ظفر رند لکيو ته اسان حڪومت جي ان فيصلي کي رد ٿا ڪريون، اهو سنڌ جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، سڪيش ڪمار لکيو ته ڪو به حڪمران سنڌ جي ڀلي لاءِ ناھي سوچيندو، .مهاوير واسو لکيو ته حڪومت جي اهڙي فيصلي کي رد ڪريون ٿا، غلام نبي پيرزاده لکيو ته سنڌ سان وڏي ناجائزي ٿي رھي آھي سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ صوبي جي گئس بند ۽ ٻين صوبن جي گئس کليل رکي تبديلي سرڪار ڇا حاصل ڪرڻ چاھي ٿي؟. سليم اختر، اشوڪ سمراٺ، خادم گهراڻو لکيو ته چار مهينا سنڌ کي سي اين جي نه ڏيڻ سنڌ جي عوام سان دشمني آهي، بدين ٽنڊوالهيار مٽياري ٽنڊو ڄام ۽ ٻين جڳهن تان گيس ملي ٿي چار مهينا گيس نه ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟، مزدور طبقو جيڪو ھن سيڪٽر سان لاڳاپيل آهي انھن جو روزگار پڻ ختم ٿي ويندو ۽ سندن ٻچا بکون ڪاٽيندا، محبتي مڪيش، اسدالله هنڱورجو، شبير احمد سهتو، علي اعجاز لکيو ته حڪومت کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، وقاص ياسين، شهاب الدين سومرو، علي حسن، اسد عباس، نارائڻ سنڌي لکيو ته سنڌ جي وسيلن تي هميشه ڌاڙو لڳو آهي جڏهن ته گئس جا ذخيرا به سنڌ ۾ آهن ۽ محروم به سنڌين کي ڪيو وڃي، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته سنڌ صوبي سان سدائين ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، عبدالڪريم کهڙو، مزمل قادري، وسيم ويسر، امداد علي مگسي، تنوير گبول، عبدالحڪم لغاري پڻ سي اين جي بند ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. اويس احمد لغاري لکيو ته افسوس جو مقام آھي. جيڪو صوبو ستر پرسنٽ گيس فراھم ڪري ٿو ان صوبي کي گيس فراھم نه ٿو ڪيو وڃي. آزاد ڀٽو لکيو ته سنڌ سان ھي وڏي ناجائزي آھي متحد ٿي آواز اٿارڻو پوندو، حيدر بخش ساند، سائين بخش راڄپر، حافظ عيدل ڪنڀر لکيو ته سنڌ حڪومت هن وقت تائين ننڊ ستل آهي. سي اين جي بند ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪريون ٿا، عادل الاهي بخش لکيو ته وفاق ھميشه سنڌ سان ماٽيلي وارو سلوڪ ڪندو رھيو آھي، ايوب شر لکيو ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري، نذير احمد، حفيظ علي منگي، سردار عبدالقادر، نياز ڪلوئي، خواجه صدام، نوشاد خاصخيلي، انجنيئر معروف سلطاني لکيو ته سنڌ حڪومت کي سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور احتجاج ڪرڻ کپي، گيس جي بندش وارو فيصلو منظور ناهي، ايڊووڪيٽ ظفرالله جعفري، هزار خان، راشد مراد چانڊيو، تيمور خان، خادم رند، سڪندر انڙ، بشير رضا مهر، تنوير قريشي، شهباز ملاح، لکيو ته سنڌ ۾ سي اين جي بندش وارو فيصلو منظور ناهي، علي گل دايو، غلام حسين ڀٽي، گل حسن شر، تعمير حسين، صادق لاشاري، محمد پريل عباسي، عاشق حسين، ذاڪر احمد، علي مراد چانگ ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *