تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو مقابلو جعلي قرار: ڌاڙيل پاڻ ۾ وڙهيا يا پوليس ماريا جاچ ڪرائي وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته 5 ڏينهن اڳ خيرپور ۽ لاڙڪاڻو پوليس ڪنگري تعلقي جي ڪچي ۾ 6 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ هئي هئي، پوليس جو اهو مقابلو جعلي هو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پوليس جا مقابلا سدائين شڪي رهيا آهن، ان واقعي بابت به هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي ته ڌاڙيل پاڻ ۾ وڙهيا هئا جنهن ۾ هو مارجي ويا پر پوليس ان کي مقابلو ڄاڻايو آهي ان کانسواءِ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جي بيانن ۾ پڻ تضاد آهي، ان واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نديم بوزدار لکيو ته پوليس جي پت وائکي ٿي وئي آھي، پوليس جا سمورا مقابلا شڪي ئي رهيا آهن، ھي ڏوھارين جي ٻن ٽولي ۾ جھيڙي ۾ مارجي ويا آھن، پرويز علي لکيو ته ڏٺو وڃي ته ڪوڙو ڊرامو ٿو لڳي ڇو ته فوٽيج مان اهو صاف ظاهر آهي، خادم گهراڻو لکيو ته هن واقعي جي عدالتي تحقيقات ڪئي وڃي،گل حسن شر لکيو ته ھر ڀيري پوليس مقابلا جعلي ناھن ھوندا ٿي سگهي ٿو ھن ڀيري پوليس بھتر حڪمت عملي سان ڪم ڪري ڌاڙيل ماريا ھجن، سارنگ منير سومرو لکيو ته بلڪل ڪوڙو مقابلو ھو جنهن جي اعليٰ سطحي جاج ٿيڻ گھرجي، اورنگزيب لغاري لکيو ته جيڪا ويڊيو وائرل ٿي ان ۾ رب رکيو ناريجو چوي ٿوته پوليس مقابلو ڪوڙو آھي، اھو ڏٺو وڃي ته جڏھن ڌاڙيلن وٽ ايترا جديد ھٿيار ھوندي به پوليس جو ڪو به ماڻھو زخمي نه ٿيو آھي ۽ نه ئي ڪو ٻيو نقصان پھتو آھي؟ ڀنڀو خان چانڊيو لکيو ته اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي سنڌ پوليس نوڙي مان نانگ ٺاهڻ خوب ڄاڻي ٿي، رفيق ٿهيم لکيو ته اڄ تائين جيڪي به پوليس مقابلا ٿيا آهن سڀني تي سوال اٿندا رهندا آهن اهي ڌاڙيل پنهنجا پاڻ ۾ وڙهي مريا آهن، جاويد هڪڙو لکيو ته اڪثر پوليس جعلي مقابلا ڪندا انعام حاصل ڪرڻ لاءِ، اظهر ابڙو لکيو ته پوليس جون سڀ دعوائون ڪوڙ تي ٻڌل هونديون آهن، محبوب نبي ڀٽي لکيو ته پوليس جو مقابلو نقلي هو يا اصلي پر جيڪي مارجي ويا اصل ۾ڌاڙيل هئا، نوشاد خاصخيلي کيو ته پوليس غريب ۽ بيڏوهي شهرين کي گرفتار ڪري ٿاڻي مان ٻاهر ويراني ۾ کڻي جعلي مقابلو ڪري ماريندي آهي، نديم بلوچ لکيو ته پوليس سڄو هٿرادو ڊرامو ڪيو هو، ظفر رند لکيو ته پوليس پنهنجو ڪريڊٽ ٺاهڻ لاءِ اھڙن موقعن مان فائدو کڻندي آهي، عادل الاهي بخش لکيو ته بڪل جعلي مقابلو آھي، نياز سومرو لکيو ته مقابلو جعلي لڳي رھيو آهي، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جي بيانن ۾ به وڏو تضاد هو، حيدر ٿيٻو لکيو ته سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ھڪ به پوليس وارو زخمي ناھي ٿيو، شبير سهتو لکيو ته پنهنجي جهڙي ۾ ڌاڙيل مارجي ويا آھن، ديپڪ باغي لکيو ته پوليس ڌاڙيلن کي پاڻ ۾ ويڙهائي سرڪار آڏو مڃتا ماڻڻ چاهي ٿي. اياز احمد لکيو ته اسان ته پھريان ئي چيو ھيو ته ڪو مسئلو ضرور آھي جنھن کي ھڪ ڌاڙيل طرفان وائکو ڪيو ويو، ديدار بلوچ لکيو ته لاڙڪاڻو پوليس جو مقابلو ڪنهن حد تائين سچو به آهي، غلام قادر لکيو ته جعلي مقابلو ھو، شنڪر باغي لکيو ته جڏھن ڌاڙيلن جي ٽولي جي هڪ همراهه وڊيو وائرل ڪئي ته سڀ ڪجهه ظاهر ٿيو، خميسو ڀيل، الطاف پرويز ڀٽو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، حنيف رضا بلوچ لکيو ته 70 سيڪڙو پوليس مقابلا جعلي هوندا آهن، جرئت علي چانڊيو ۽ مير جاسم بلوچ، اويس راڄپر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، جاويد کوسو لکيو ته جيڪڏهن پوليس مقابلو ڪري ڏوھاري ماري ھا ته پوليس کي به ضرور نقصان پھچي ھا، مهاوير ٽيڪواڻي، مهراڻ مل ميگهواڙ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ايم حسن کوسو لکيو ته شڪ پھريائين به ھو ته جعلي مقابلو هوندو، نعمت الله ساند لکيو ته هن ملڪ ۾ سڀ ڪم پوليس ڪندي آهي، محمد الياس لکيو ته ڌاڙيل ماڻ ۾ وڙھيا ھئا پوليس 6 ڪلاڪ دير سان پهتي، سليم اختر لکيو ته بلڪل جعلي مقابلو ھيو، ظهير شر لکيو ته پوليس سڄو ڊرامو ڪيو آهي، سينگار علي، اصغر حسين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ذاڪر احمد لکيو ته پوليس هميشا فلمي سين وانگر آخر ۾ اچي صرف ڪريڊٽ وٺندي آهي، راشد مراد چانڊيو لکيو ته پوليس شھرن اندر امن ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، عابد حسين شر لکيو ته پوليس مقابلو اصلي به ٿيندو آھي ڇا ؟محمد عالم بروهي لکيو ته اھي ڌاڙيل اگر پوليس ماريا آهن ته به غلط ڪيو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *