Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_08mic9nu8jbcen1ke6ft21ifrl, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... ”مهانگائي وڌي ته سمجهو حڪمران چور آهن“: عوام بجلي مهانگي ڪرڻ تي عمران خان کي پنهنجو جملو ياد ڏياري ڇڏيو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... ”مهانگائي وڌي ته سمجهو حڪمران چور آهن“: عوام بجلي مهانگي ڪرڻ تي عمران خان کي پنهنجو جملو ياد ڏياري ڇڏيو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ”مهانگائي وڌي ته سمجهو حڪمران چور آهن“: عوام بجلي مهانگي ڪرڻ تي عمران خان کي پنهنجو جملو ياد ڏياري ڇڏيو

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ماضي ۾ وزيراعظم عمران خان پاڻ چيو هو ته ملڪ ۾ مهانگائي ٿئي ته سمجهو حڪمران چور آهن پر هاڻ پاڻ وري بجلي مهانگي ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ دوائن جا اگهه وڌايا هئا، گيس مهانگي ڪئي وئي، ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، حڪومت بجلي جا اگهه وڌائڻ وارو فيصلو واپس وٺي نه ته عوام روڊن تي به اچي سگهي ٿو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محمد صديق خاصخيلي لکيو ته هڪ اڳواڻ چيو هيو ته جڏهن مهانگائي وڌي وڃي ته سمجهو ته حڪمران چور آهن ۽ ان ساڳئي اڳواڻ بجلي جا بل ڦاري سول نافرماني جو اعلان ڪيو هيو، اسان به بل نه پيارڻ جو اعلان ڪريون ٿا، خادم گهراڻو لکيو ته بجلي مهانگي ڪرڻ نئين ڳالهه نه آهي بجلي اگهه وڌڻ سان هر شي مهانگي ٿيندي، پرويز علي لکيو ته جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ ايندي آهي اها صرف مهانگائي ڪندي آهي، محمدحسين لکيو ته مسلسل عوام سان ظلم جاري آھي ڪڏهن دائون ته ڪڏهن پيٽرول ته ڪڏهن وري اٽو ۽ ڪڏهن وري بجلي مهانگائي ڪئي وڃي ٿي، شنڪر باغي لکيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻ ڪنٽينر تي تقرير ڪندي چيو هو ته بجلي مهانگي آھي ۽ ھن بجلي جا بل ڦاڙيا هئا بل ادا ڪرڻ کان روڪيو هو هاڻ وري پاڻ بجلي جا اگهه وڌائي رهيو آهي؟، جاويد هڪڙو لکيو ته مهانگائي ڪري وڌيڪ عوام کي نپوڙيو پيو وڃي رحمت الله ميراڻي لکيو ته بجلي جا اگھه وڌائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، رضوان احمد مجيداڻو لکيو ته حڪومت وٽ ڪو به تجربو ناهي اڳ ئي ڪورونا جي سبب عوام مالي طور پريشان آهي ٻن ويلن جي ماني لاءِ ماڻهو پريشان آهن حڪمرانن ويتر بجلي به مهانگي ڪري ڇڏي آهي، گل حسن کٽياڻ لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته غريب مزدور جي مزدوري به وڌائن، وحيد ڄامڙو لکيو ته حڪومت بجلي في يونٽ 83 پيسا مھانگي ڪري عوام مٿان مھانگائي جو بار وڌائي ڇڏيو موجوده حڪومت عوام کي رليف نه ڏئي سگھي آھي ائين نه ٿئي جو عوام حڪومت خلاف روڊن تي نڪري اچي، احسن اياز لکيو ته جيڪڏھن حڪومت بجلي مھانگي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي اهو عوام لاءِ هڪ قسم جو عذاب آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته موجوده وفاقي سرڪار کي عوام دشمن سرڪار چئجي ته غلط نه ٿيندو ملڪ ۾ هر شيءِ مهانگي آھي،مهاوير واسو لکيو ته حڪومت بجلي مهانگي ڪري عوام مٿان بار وڌو آهي، ساجد حسين سيال لکيو ته هن حڪومت ۾ مھانگائي عروج تي آهي حڪومت کي گھرجي ته ھاڻي مھانگائي کي ڪجهه گھٽ ڪري، جهانزيب لکيو ته هنن سياسدانن کي صرف عوام کي بيوقوف ٺاهڻ اچي ٿو، الاهي بخش سومرو لکيو ته ‏‎‎‎‎جڏهن کنڊ مهانگي ٿئي جڏهن اٽو مهانگو ٿئي جڏهن بجلي مهانگي ٿئي گيس مهانگي ٿئي ته پڪ سمجهو ته چورن جي حڪومت آهي، نياز ڪلوئي لکيو ته جس ھجي پنهنجي اخبار کي جيڪا سنڌ جي اھم مسئلن تي آواز اٿاري رھي آهي، بجلي مهانگي ٿيڻ سان هاڻ عمران خان جي حڪومت کي ڇا چئجي چور يا تبديلي پسند؟ ابومحمود لکيو ته اسان ان عمل کي خراب ٿا سمجهون، نياز سومرو لکيو ته ‏تبديلي حڪومت کي عوام جو ڪو احساس نه آهي، عوام کي ھاڻ حڪومتي پاليسين خلاف روڊن تي اچڻو پوندو، خواجه صدام سنڌي لکيو ته عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ عوام مٿان مھانگائيء جو بار وڌو پيو وڃي غريب ھڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آ ھي، هزار خان لکيو ته عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي، حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ گھرجي، آفتاب علي ۽ مظفر بوزدار پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته بجلي مهانگي ٿئي يا سستي اسان جي ان عوام تي ڪو اثر نه پوندو، جبار لغاري لکيو هر شيءِ مهانگي ڪئي وئي آهي، انعام الله قاضي لکيو ته حڪومت عوام سان سراسر ظلم پئي ڪري، فرمان چانڊيو لکيو ته اها ته بجلي آهي حڪومت سموريون شيون مهانگيون ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، فيصل عزيز منگواڻو ۽ الاهي بخش چانڊيو لکيو ته اٽو مهانگو، دوائون مهانگيون، سبزيون مهانگيون، کاڌ خوراڪ جون شيون مهانگيون، گئس مهانگي ۽ هاڻ بجلي به مهانگي ڪئي وئي آهي؟ حبيب الله جمالي لکيو ته هن حڪومت عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، روشن داس لکيو ته حڪومت مان ٻئي اميد ڪهڙي رکي سگهجي ٿي، عبدالحڪيم ڇٽو لکيو ته نا اهل حڪمران طبقو پاڪستان مٿان مسلط ڪيو ويو آهي، يارمحمد هوت، راسومل، مسرور شر ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، نعمت الله ساند لکيو ته ڪھڙي شئي سستي آهي؟ سڪندر بلوچ لکيو ته ھن حڪومت عوام مٿان مھانگائي جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آھن دوائون کنڊ اٽو بجلي سميت ھر شي مھانگائي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آھي عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آھي. ابو محمود، محمد شرف ڄامڙو، علي گل دايو، جگملداس لکيو ته حڪومت بجلي مھانگي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي حڪومت بجلي مهانگي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي حافظ عيدل ڪنڀر، عبدالحڪيم لغاري، فاروق احمد، ، راشد مراد چانڊيو ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *