Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_fb8tshd9mefmf4h9frga11krtl, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي: عوام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي: عوام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ٻيهر اضافو ٿيو آهي، مهانگائي جي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت مهانگائي وڌڻ جي ذميوار آهي، مهانگائي جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز علي لکيو ته گذريل 2 مهينن کان ٽماٽن جو اگھه آسمان سان ٿو ڳالهائي، خادم گهراڻو لکيو ته عام شين جي اگهن ۾ واڌ عوام کي بي حال ڪري ڇڏيو آهي، سارنگ منير سومرو لکيو ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪار جي نا اھلي ناڪامي آھي، جاويد هڪڙو لکيو ته مهانگائي جي ڪري عوام جون مشڪلاتون وڌي ويون آهن، اي ڊي لغاري لکيو ته مهانگائي ته هر دور ۾ ٿيندي آهي، محمد ملوڪ عباسي لکيوته مهانگائي سبب عوام جي چيلھه چٻي ٿي وئي آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته ملڪ اندر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي پرائيز ڪنٽرول اٿارٿي مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل نا ڪام ٿي ويون آھن، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته تبديلي سرڪار مهانگائي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته مهانگائي موجوده حڪومت جو عوام کي ڏنل اهڙو تحفو آهي عطاء الله سومرو لکيو ته موجودہ حڪومت ۾ صرف عام واھپي جون شيون نه پر ھر شي مهانگائي ڪئي وئي آهي، عاشق ڦلپوٽو لکيو ته مھانگائي جي ڪري پورهيت طبقو گهڻو پريشان آهي، عبدالغفار اوڳاهي لکيو ته غريب ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، عبدالودود سنڌي لکيو ته هر روز مهانگائي ۾ واڌ جي ڪري غريب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي حڪومت کي گهرجي ته کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻي.نجاوت مغيري لکيو ته غريب پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن، حنيف بلوچ لکيو ته هٿرادو مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، عاشق حسين لکيو ته مھنگائي عروج تي آھي، پر صرف نوٽيس ورتو وڃي ٿو، ديدار بلوچ لکيو ته وفاقي سرڪار هجي يا سنڌ سرڪار مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن، مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته ھر شي مھانگي ٿي وئي آهي اٽو کنڊ ڀاڄيون دوائون سڀ ڪجهه مهانگو ٿي ويو آهي، پرويز حسين لکيو ته حقيقت اها آهي ته موجوده حڪومت غريب مسڪين ماڻھن جي چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي آهي، جنيد زرين لکيو ته مهانگائي وڌي وئي آهي، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته هن وقت عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن، ٻيو ته واپاري توڙي دڪاندارن کان ڪو پڇڻ وارو ئي ناهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته هڪ بيروزگاري ٻيو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، هزار خان لکيو ته مافيا ھٿان حڪومتون بيوس نظر اچن پيون، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته حڪومت کي اپيل ٿي ڪجي ته مهانگائي تي ضابطو آڻي، زاهد علي ڀٽو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، راجا رميش لکيو ته مهانگائي ڪرڻ عوام سان ظلم آهي، جيسا رام ڀيل لکيو ته غريب مزدور ڪمائي ٣٠٠ روپيا ٿو جنهن جو گهر جو گاڏو هلڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ماجد پلهه، وقاص ياسين، مسرور شر، حنيف خاصخيلي، ساگر آفتاب، اسد خاصخيلي، ممتاز لاکو، جميل شر، مدد علي، حفيظ شر، الله رکيو سيال، سليم اختر، اياز پتافي، عبدالحئي ساوند، مختيار علي ڏاهاڻي، مير رحمان چانڊيو، سينگار علي، شوڪت علي مغيري، احسان مستوئي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، هنن چيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽين جو ڪٿي نالو نشان نظر نٿو اچي، ڪامورا به ڪارروائي نٿا ڪن، هنن چيو ته حڪومت مهانگائي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *