تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وزيراعظم کي مهانگائي جي خبر ناھي ته پوءِ ان عهدي تي ويهڻ جو ڪهڙو فائدو؟: عوام پاران عمران جي بيان تي ڪاوڙ ظاهر

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته “مهانگائي ناهي، اپوزيشن اجائي واويلا ڪري رهي آهي”، وزيراعظم عمران خان جي اهڙي بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي غريب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن پر وزيراعظم چئي رهيو آهي ته مهانگائي ناهي ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن پاڻ خريداري ڏسي ته کيس خبر پئجي ويندي ته ڪيڏي مهانگائي ٿي وئي آهي، وزيراعظم کي اهڙا بيان ڏيڻ بدران مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم جي بيان جي مذمت ڪجي ٿي، وزيراعظم کي جيڪڏهن مهانگائي جي خبر ناهي ته پوءِ عهدي تي ويهڻ جو ڪهڙو فائدو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته مهانگائي ماڻهن کي خودڪشين ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي جيڪي محلن ۾ رهن ٿا انهن کي ڪهڙي خبر ته غريب ڪيئن پيو زندگي گذاري، انجنيئر امان الله لکيو ته صحيح ته چوي پيو ته اپوزيشن کي عوام جي پرواھ ئي ناهي، سارنگ منير سومرو لکيو ته وزير اعظم جي ھي بيان به انهن بيانن جي ڪاپي پيسٽ آھي جن بيانن ۾ ھن ھڪ ڪروڙ نوڪريون پنجاھ لک گھر ۽ ٻاھران قرض وٺڻ تي خودڪشي جو چيو هو، پرويز علي لکيو ته وزيراعظم کي ڪا خبر ئي ناهي، گل حسن شر لکيو ته وزيراعظم کي اھا به خبر ناھي ته پوءِ ان عهدي تي ويهڻ جو ڪهڙو فائدو؟، اي ڊي لغاري لکيو ته وزيراعظم غلط ڳالهه ڪئي آهي، زبير احمد لکيو ته وزير اعظم کي ذميوار ٿي ڪري بيان ڏيڻ کپي مهانگائي عوام کي بي حال ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومت کي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، اسان وزيراعظم جي بيان جي مذمت ڪريون ٿا، زاهد علي ڀٽو لکيو ته وزيراعظم کان پڇو ته جيڪڏهن مهانگائي ناهي ته پوءِ اوهان مهانگائي گهٽ ڪرڻ جو بيان اڳ ۾ ڇو ڏنو هو؟ ان کانسواءِ مهانگائي وڌڻ جي تصديق به سرڪاري اداري شماريات ئي ڪئي آهي، فقير پرديسي لکيو ته وزيراعظم جو پنهنجو گذارو اڍائي لک پگهار مان به نٿو ٿئي ته پوءِ ٻئي عوام جو گذارو ڪيئن ٿيندو هوندو وزيراعظم کي ڪا خبر ئي نٿو پوي، غلام حسين ڪٽپر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، منظور ڪنڀر لکيو ته عوام وٽ رڙين کان سواءِ ڪجه بچيو ئي ناهي، غريب عوام هاڻ خودڪشين ڏانهن لاڙو ڪري پئي، قربان عالياڻي لکيو ته مانگهائي عوام کي روٽي روزي کسي ورتي آھي۔ريبن سان ٻٽو ظلم ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو ريٽ مقرر ڪري چڪين کي ڪڻڪ نه پئي ڏي، احسان مستوئي لکيو ته وزيراعظم اعظم شايد بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي ملڪ ۾ مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اپوزيشن سچ چئي رهي آهي سامي تنيو، نقاش علي، پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، غلام رضا بجير لکيو ته اپوزيشن ته واويلا پئي ڪري ته وزير اعظم توهان مارڪيٽن جي دورن تي نڪرو ته صحيح ته اوهان کي خبر پوي مھانگائي ڪيتري وڌي وئي آهي، وقاص ياسين لکيو ته عمران خان ناڪام ٿي ويو آهي، لياقت علي ملاح پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، راشد لکيو ته مھانگائي ناھي باقي سستائي؟ وزيراعظم کي عوام جون دانهون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن، نياز ڪلوئي لکيو ته سچ ته اھو آهي جو اسان غريب ماڻهو ھڪڙو ويلو به صحيح نموني نه ٿا کائي سگھون، زوار عبدالڪريم مغري لکيو ته عمران خان جي حڪومت به گذريل حڪومتن وانگر ڪم ڪري رهي آهي، احسان اصاز لکيو ته ان ڳالھـ جو مقصد اھو نڪري ٿو تـ تبديلي سرڪار ان کان بـ وڌيڪ مھانگائي جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، اعجاز بجير لکيو ته انهي بيان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. حڪومت ۽ اپوزيشن جي جهيڙي ۽ انا جي ڪري عوام ئي ڀوڳي رهيو آھي.فرمان چانڊيو لکيو ته سڄو ملڪ مھانگائي جون دانهون ٿو ڪري هن کي وري مھانگائي نظر نٿي اچي مھانگائي جو زميوار ئي پاڻ آهي وزيراعظم پاڻ اٽو ته وٺي ته خبر پويس، پٽاٽا وٺي ته خبر پويس ته ڪيڏي مهانگائي آهي، اشوڪ سمراٺ لکيو ته غريبن سان ظلم لڳو پيو آهي، الله ڏنو راهمون لکيو ته وزيراعظم سرڪاري خرچ تي گذارو پيو ڪري پنج راتيون ڪنھن غريب بستي ۾ رھي ڏسي ته ملڪ جي اصل حالت کان واقف ٿي ويندو، راسومل لکيو ته عمران خان جو بيان غير زميواراڻو آھي، سانگيڏانسنگھ راٺوڙ لکيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آھي هر روز شين جو اڳ وڌندو رهي ٿو.ذوالفقار علي لکيو ته افسوس جو مقام آهي ته وزيراعظم اقتدار سنڀالڻ کان وٺي اڄ تائين صرف غريبن تي مذاق مسخري ڪندو پيو اچي، ربنواز شر لکيو ته افسوس آهي اھڙي وزيراعظم تي جنهن کي مھانگائي جي خبر ناهي ، صدام بجير پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ديپڪ باغي لکيو ته عمران خان اڃا انتظار پيو ڪري ته، عوام ڪڏهن ٿي، الطاف حسين لکيو ته عمران خان کي ته سڀ مال سرڪاري ملي ٿو، سرفراز، قربان علي، علي مراد چانگ، رفيق جان، سيد افضل شاهه، بابو بخراڻي، سينگار علي جانوري پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، امين ٿهيم لکيو ته عمران خان کي انگ اکر ڏسڻ کپن ته کنڊ 55مان 100روپيه ڪلو اٽو 32مان 65 کان 70روپيه ڪلو وڪرو ٿئي پيو، رزاق ڍاٽي لکيو ته رڳو ڏوهه تبديلي جو ناهي،ھتان جي چونڊيل نمائيندا پنهنجو پاور ڏيکارين ته مانگھائي تي ڪنٽرول ڪرائي سگهن ٿا، ممتاز علي سميجو لکيو ته اقتدار م اچڻ کان اڳ پاڻ لاءِ مهانگائي هئي هاڻي ناهي ؟درشن لال، اسد علي سميجو، رميز حسين مري، نياز سومرو، رانا خانم محمد اسحاق لوهر، نثار لغاري، رحمان چانڊيو نسيم رند، محمد رفيق بروهي، عبدالله ميراڻي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، شھباز سومرو لکيو ته مهانگائي ماڻهن کي خودڪشين ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي،

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *