Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_smnanoqo56qs7grd29tfjshbvc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... وفاق سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ چاهي ٿو، وزيراعليٰ مراد شاهه ڌمڪيون ڏيندڙن جا نالا ظاهر ڪري: عوام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... وفاق سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ چاهي ٿو، وزيراعليٰ مراد شاهه ڌمڪيون ڏيندڙن جا نالا ظاهر ڪري: عوام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وفاق سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ چاهي ٿو، وزيراعليٰ مراد شاهه ڌمڪيون ڏيندڙن جا نالا ظاهر ڪري: عوام

ڪراچي ۾ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري کانپوءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جا هڪ ٻئي تي الزام سامهون آيا آهن، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، وفاقي وزير شبلي فراز ۽ شهزاد اڪبر چيو آهي ته وزيراعليٰ سنڌ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، وزيرعليٰ ۽ آءِ جي سنڌ ڪراچي واقعي جي سازش ڪئي، ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار جا هڪٻئي تي الزام، اوهان ان صورتحال کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جون ڳالهيون به هلي رهيون آهن، وفاقي حڪومت ناڪامي طرف وڃي رهي آهي، ان ڪري اهڙيون حرڪتون ڪري رهي آهي، وزيراعليٰ سنڌ انهن ماڻهن جا نالا ظاهر ڪري جن حڪومت ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مسرور کهڙو لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت وائڙي ٿي وئي آھي اشوز کي منھن ڏيڻ ۽ مخالف ڌرين کي سياسي اخلاقي ردعمل ڏيڻ بدران عجيب حرڪتون ڪري رھيا آھن، خادم گهراڻو لکيو ته اهي خبرون گهڻن ڏينهن کان گردش ۾ آهن ته سنڌ حڪومت کي ختم ڪري گورنر راڄ لڳايو پيو وڃي شبلي فراز الزام هڻي رهيو آهي ته وڏو وزير ڪوڙ ٿو ڳالهائي وقت ٻڌائيندو ڪير سچو ڪير ڪوڙو آهي، علي عباس جمالي لکيو ته سنڌ حڪومت تڪڙي ختم ڪو نه ٿيندي ڇو ته پي ڊي ايم کان پوءِ عمران حڪومت گهر ڀيڙو ٿيندي نظر اچي ٿي. پرويز علي لکيو ته منهنجي خيال ۾ هاڻي پي ٽي آءِ حڪومت کي گهر وڃڻ گهرجي، عطاءُالرحمان لکيو ته وفاق جو سنڌ سان تعصب آهي ، شبير احمد ڪوري لکيو ته پي ٽي آءِ پاڻ به راضي آھي جيڪڏھن سنڌ حڪومت کي ختم ڪيو ويندو ته سنڌ ۾ اڃان به وڌيڪ انڌير نگري اچي سگھي ٿي، هڪڙو جاويد لکيو ته مراد علي شاهه کي ڌمڪيون ڏنيون ويون پر ان کي ڪجهه نه ڪيو، ڪيستائين ڪمزور حڪمراني سان سنڌ جو نقصان ٿيندو، توفيق لنڊ لکيو ته هن وقت ملڪ ۾ حالتون بدتر آهن، ديپڪ باغي لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار پنهنجي مفادن خاطر هڪٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا آهن، موهن لال لکيو ته ٻئي حڪومتون هڪجهڙيون آهن، رضوان احمد مجيداڻو لکيو ته حڪومت مڪمل طور ناڪامي طرف وڌي رهي آھي حڪومت کي صرف ئي صرف سنڌ سان آخر دشمني ڇو آھي؟ ٻلونت سنگهه لکيو ته شبلي فراز رڳو ڀڀڪيون ڏيندو آهي تعصب جي هر حد پي ٽي آءِ پار ڪئي آ هن سموري مسئلي ۾ ڪجھه ماڻھن پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته لڳي ٿو ته واقعي وفاقي سرڪار مراد علي شاھه کي ڌمڪي ڏني هوندي ڇو ته ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ سرڪار وفاق سان پهريان ها ڪئي پوءِ انڪار ڪيو، فقيرا لکيو ته سڀ عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، محمد عرفان لکيو ته ان طرح سان سنڌ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته وفاقي حڪومت مخالف ڌر جا جلسا ڏسي وائڙي ٿي وئي آهي، وزيراعليٰ ڌمڪين جي مذمت ڪجي ٿي، مجيد سنڌي لکيو ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وارن جي وڏي خواهش آهي حڪومت وڃي باقي اهو تمام ڏکيو آهي، رياض سولنگي لکيو ته وفاقي حڪومت ڪوڙا الزام لڳائي ٿي، عاشق حسين لکيو ته صوبي جي حاڪم کي ڪا حقيقت نظر آئي ھوندي تڏهن ته اهڙي وڏي ڳالھه منظرعام تي آندي آهي، نياز سومرو لکيو ته پي ڊي ايم اتحاد ٽوڙڻ لاءِ وفاقي حڪومت آخري حد تائين وڃي رهي آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو وفاق ۽ سنڌ گورنمينٽ عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، عبدالقدوس بلوچ لکيو ته سنڌي عوام جي مينڊيٽ سان روزاني مذاق ٿي رهيو آهي، عمران شر لکيو ته وفاق طرفان سنڌ حڪومت کي سوڙهو ڪيو ويو آهي لڳي ائين ٿو ته گورنر راڄ لڳندو، محمد مٺل چانڊيو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عرفان علي چانڊيو لکيو ته وفاق حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ٻئي هڪ جهڙيون آهن، محمد الهيار لکيو ته ٻيٽ صوبائي ملڪيت آھن سنڌ اسيمبلي ۾ ٺھراءُ پاس ٿيڻ کان پوءِ وفاقي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، وقاص ياسين لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، محمد جمن ساند لکيو ته پي ٽي آءِ وارن پهريان گورنر راڄ جون ڳالهيون ڪيون هيون، شبير احمد سهتو لکيو ته وفاقي حڪومت غلط حرڪت ڪئي هئي هاڻ ڳچي ۾ پئجي ويئي آھي، راسومل لکيو ته عوام کي بيوقوف پيا ڪن، الطاف حسين لکيو ته وفاق وارن کان کنڊ سستي ڪا نه ٿي سگهي وري حڪومت ڪيرائيندا. محمد آچر درس لکيو ته وڏو وزير صحيح ٿو چوي پر شبلي فراز واري حڪومت يوٽرن جي ماهر آهي، امان الله لغاري لکيو ته مراد علي شاھه کي کپي ته ھو انھن جا نالا کڻي جن ڌمڪيون ڏنيون، شفيق احمد، عبدالحڪيم لغاري، سليم اختر ۽ سليم ڪنڀر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، خان بلوچ، الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪامي طرف وڌي رهي آھي، سينگار علي لکيو ته لڳي ٿو ته واقعي وفاقي سرڪار مراد علي شاھ کي ڌمڪي ڏني هوندي، حافظ عيدل ڪنڀر لکيو ته وڏو وزير صحيح ٿو چوي پر شبلي فراز واري حڪومت يوٽرن جي ماهر آهي، عابد حسين لغاري لکيو ته بلڪل وفاقي سرڪار ئي سيد مراد علي شاھ کي ڌمڪي ڏني هوندي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *