تازا ترين
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وفاق پاران سنڌ جي آفيسرز کي نظرانداز ڪرڻ سان انهن ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته هڪ خبر سامهون آئي آهي جنهن موجب وفاق طرفان سنڌ جي بيورو ڪريسي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، وفاقي حڪومت 20هين گريڊ جي مقرري لاءِ تربيتي پروگرام مان سنڌ جي آفيسرز کي آئوٽ ڪري ڇڏيو ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي حڪومت جو رويو انتهائي افسوسناڪ آھي،وفاقي حڪومت جو سنڌ جي آفيسرن کي نظرانداز ڪرڻ سٺو عمل ناهي سنڌ جي بيورو ڪريسي کي نظر انداز ڪرڻ سان سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي، حڪومت پنهنجن اهڙن فيصلن تي نظرثاني ڪري. واضح رهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن تربيتي پروگرام لاءِ 118 آفيسرز جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، پروگرام لاءِ تجويز ڪيل سنڌ جي 8 آفيسرز جا نالا نظرانداز ڪيا ويا، پروگرام ۾ سنڌ کانسواءِ ٻين سمورن صوبن کي نمائندگي ڏني وئي، بيوروڪريٽس جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو سنڌ جي آفيسرز کي تربيتي پروگرام ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، اُن سان آفيسرز جون ترقيون متاثر ٿي سگهن ٿيون، جڏهن 20هين گريڊ جا آفيسر نه هوندا ته ٻين صوبن مان آفيسر گهرائي سنڌ ۾ مقرر ڪيو ويندو، ڪامورن وفاقي سرڪار جي فيصلي کي سنڌ جي بيوروڪريسي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ھن حڪومت جي غلط فيصلن ڪري احساس محرومي پيدا ٿيندي، شاهنواز ڪيريو لکيو ته فيصلو ته غلط آهي سنڌ جي ڪرپٽ آفيسرن لاءِ اهو قدم گهٽ آهي، عبدالرحيم اوڳاهي لکيو ته هر کاتي ۾ وفاق جون ناجائزيون هلن پيون، شجاعت جلباڻي لکيو ته وفاق سنڌ سان اختلاف رکي قابض ٿيڻ چاهي ٿو، ابراهيم خليل لکيو ته اهڙي عمل پٺيان سنڌ سرڪار جو ڪردار آهي ڇوته ڪراچي ڪاميٽي هجي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ هجن يا کڻي پوليس آفيسرن جون بدليون انهي ۾ ان جو ڪردار رهيو، سنڌي آفيسر نظرانداز ٿين ٿا ان جي مذمت ڪريون ٿا، يارمحمد هوت لکيو ته وفاقي حڪومت جو رويو انتهائي افسوسناڪ آھي،وفاقي حڪومت جو سنڌ جي آفيسرن کي نظرانداز ڪرڻ سٺو عمل ناهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته موجوده وفاقي سرڪار مسلسل سنڌ سان هر معاملي تي غلط رويو رکيو آهي، ٻٽي معيار جي مذمت ڪجي ٿي، زبير احمد لکيو ته وفاقي سرڪار پاران 20هين گريڊ جي مقرري لاءِ تربيتي پروگرام مان سنڌ جا آفيسرز آئوٽ ڪرڻ کي اسين بلڪل مذمت جوڳو عمل سمجهون ٿا، احسن اياز لکيو ته وفاق جيڪڏھن سنڌ جي 20 گريڊ جي مقرري لاءِ تربيتي پروگرام مان سنڌ جا آفيسر ڪڍڻ جي اعلان مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته هو سنڌ کي آفيسرز کي ان معاملي ۾ پوئتي رکڻ چاهين ٿا، مهاوير واسو لکيو ته سنڌ جي آفيسرن کي تربيتي پروگرام ۾ شامل نه ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا، مظفر شبير لکيو ته وفاق سنڌ کي ائين پيو ڏسي جئين ڪو پاڙيسري ملڪ دشمن هجي، سنڌ حڪومت خاموشي اختيار ڪري ويٺي آهي؟ عاشق حسين لکيو ته اھا وڏي زيادتي آھي سنڌ جي بيورو ڪريسي سان ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ، اهڙي فيصلي سان سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي ۽ بيورو ڪريسي جو فقدان پيدا ٿيندو، ظفر رند لکيو ته اهو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، شبير سهتو لکيو ته وفاق جو رويو افسوسناڪ آھي انهي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، راسومل لکيو ته هي وڏي زيادتي آھي، اهڙو عمل قبول ناهي، رضوان احمد لکيو ته سنڌ کي هميشه نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، ايم عيدل بجير پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ايم سليم منگي لکيو ته وفاق صوبائي حڪومتن کي سوڙھو ڪري ارڙھين ترميم جو خاتمو چاھي ٿو، علي مراد شاهه پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، صوفي امين چانڊيو لکيو ته اڃان به اسان جا سنڌي ڀائر وفاقي حڪومت جي واکاڻ ۾ رڌل آهن. حبيب الله جمالي لکيو ته وفاق هر قسم جي سنڌ سان ناانصافي ڪري رهيو آهي، نارائڻ سنڌي لکيو ته سنڌي ۽ سنڌي عوام کي وفاق هميشه نظرانداز ڪيو آهي، فردوس سنڌي لکيو ته اسان جي سنڌين کي ڪا تربيت جي پرواهه ناھي، علي مراد چانگ لکيو ته اسان جا اڳواڻ سنڌ سان سچا نه آھن، ڪريم پنهيار پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ايم بي قادري لکيو ته سنڌ سان نا انصافي بند ڪئي وڃي، عبدالحئي ساوند لکيو ته سنڌ جي آفيسرن کي آئوٽ ڪرڻ واري عمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته وفاقي سرڪار سنڌ ۽ سنڌ واسين سان غلط ورتاءُ رکيو آهي، سليم اختر لکيو ته سنڌ حڪومت وفاق سان ڳالهائي. عبدالحفيظ ملاح لکيو ته سنڌ مان 20 گريڊ جا آفيسر آئوٽ ڪري وفاق پنهنجا مقصد ماڻڻ چاهي ٿو ان جي مذمت ڪجي ٿي، حيدربخش ساند لکيو ته سٺو خيال آهي نئين دور جا نوان نوجوان ۽ پڙهيل قيادت اڳتي ايندي ايندڙ نسلن کي فائدو ٿيندو، امان الله لغاري لکيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايئن ڇو ٿي رھيو آهي، نياز ڪنڀر لکيو ته هر کاتي ۾ ناجائزيون هلن ٿيون، عادل الاهي بخش لکيو ته وفاق هميشه سنڌ سان نا انصافي ڪندو رهيو آھي وفاق پاران اھا وڏي زيادتي آھي سنڌ جي بيورو ڪريسي سان، ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، محمد پريل عباسي لکيو ته سنڌ جي بيورو ڪريسي کي نظر انداز ڪرڻ سنڌ سان وڏي زيادتي آھي ان زيادتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ائين ڪرڻ سان سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي، غفور جروار لکيو ته اهو سنڌ سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي اسان سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *