Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1jg2voanjsdmhkb1vc8j0gu926, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... وفاق پاران ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ ۽ سامونڊي پٽي مان قدرتي وسيلا حاصل ڪرڻ وارو عمل برداشت نه ڪبو: عوام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... وفاق پاران ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ ۽ سامونڊي پٽي مان قدرتي وسيلا حاصل ڪرڻ وارو عمل برداشت نه ڪبو: عوام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… وفاق پاران ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ ۽ سامونڊي پٽي مان قدرتي وسيلا حاصل ڪرڻ وارو عمل برداشت نه ڪبو: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاق پاران ٻيٽن بعد سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي مان قدرتي وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ رٿا تيار ڪئي وئي آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي سميت ان لاءِ ٺاهيل اٿارٽي توڙي هاڻي واري سامونڊي پٽي مان معدني وسيلا حاصل ڪرڻ واري رٿا کي رد ڪريون ٿا، وفاق پاران سنڌ دشمن منصوبا جوڙيا پيا وڃن جن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊا ٻيٽن ۾ نوان شهر اڏڻ لاءِ آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام کان پوءِ وفاقي حڪومت سنڌ صوبي جي سموري ساحلي پٽي سوڌو بلوچستان جي ساحلي پٽي ۾ موجود تيل، گيس، منرلز سوڌو سامونڊي تفريح ۽ سياحت جي موجود موقعن کي استعمال ڪرڻ لاءِ تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن، جنهن لاءِ هڪ ٻي انٽيگريٽيڊ ڪوسٽل مينيجمينٽ اٿارٽي يا بين الوزارتي ڪائونسل يا نئين وزارت قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سوال / سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز علي لکيو ته وفاقي حڪومت جي فيصل کي سموري سنڌ تسليم نٿي ڪري، محمد صديق خاصخيلي لکيو ته سنڌ جا ٻيٽ ۽ سامونڊي پٽي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ملڪيت آهي، وفاق جي ان تي بري نظر آهي جنهن کي سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو، گل حسن شر لکيو ته سنڌ سان وفاق ڏاڍ مڙسي جي ڪوشش ڪري رھيو آھي جنھن کي عوام رد ڪري چڪو آھي سنڌ سرڪار جي خاموشي سواليه نشان آهي. عطاءُالرحمان لکيو ته سنڌ جي ملڪيتن تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو، جاويد هڪڙو لکيو ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان جي قدرتي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، علي حيدر ميرجت لکيو ته سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو حق آهي وفاقي عمل جي مذمت ڪجي ٿي ممتاز علي مهر لکيو ته سنڌ سرڪار جا ڳجها معاهدا آھستي آھستي ظاهر ٿين پيا سنڌ جو وڪرو گهڻي وقت کان شروع آھي، عبدالرحيم اوڳاهي لکيو ته وفاق جون سنڌ سان ويساهه گهاتيون وڌي ويون آهن جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، شنڪر باغي لکيو ته سنڌ سرڪار جي خاموشي سنڌي ماڻھن اڳيان سواليه نشان بنيل آھي باقي ان معاملي تي سنڌ سموري سراپا احتجاج آهي سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام وفاق جي ان عمل کي ڪڏھن به قبول ڪونه ڪندو، خواجه صدام لکيو ته سنڌ جو باشعور عوام ان عمل کي رد ڪري چڪو آھي سردار عبدالقادر لکيو ته وفاق ھميشا سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو رويو اختيار ڪيو آهي. ھينئر سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي سامونڊي پٽيء مان قدرتي وسيلا حاصل ڪرڻ چاھي ٿو پر سنڌ جو عوام ان صدارتي آرڊينيس کي مڪمل طور رد ڪري ٿو، احمد رضا لکيو ته ٻيٽن تي قبضي لاءِ صدر پاڪستان پاران جاري ڪيل آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا، وفاق جي اها سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام سان ناانصافي آهي ۽ غلط عمل آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم سان وفاق جو ظلم وڌي رهيو آهي پر سنڌ حڪومت خاموش آهي؟ هزار خان لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو سنڌ تي قبضو سمجھون ٿا، محمد ملوڪ عباسي لکيو ته اسان سمجهون ٿا ته وفاق سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، جرئت علي چانڊيو لکيو ته سنڌ سان هر وقت وفاق جو ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ آهي، رضا راڄپر لکيو ته سنڌ تي وفاق ڪڏهن تيل ته ڪڏهن گئس جي صورت ۾ ڌاڙو هنيو آھي هاڻي وري ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن، احسان مهر لکيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن تي ڌاڙي ۾ صوبائي حڪومتون ساٿاري آهن، شبير سهتو لکيو ته وفاق جون هميشه ناجائزيون سنڌ سان رهيون آھن، نريش ڪمار لکيو ته پوري سنڌ ان کي رد ڪري چڪي آھي حافظ بچل سومرو لکيو ته وفاق ھر طرح سان سنڌ تي قابض ٿيڻ چاھي ٿو، خادم رند لکيو ته اسان کي سمجهڻ کپي ته هاڻوڪي صدارتي آرڊيننس جو مقصد ئي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن ۽ ٻين وسيلن تي والار ڪرڻ آھي. روشن داس لکيو ته وفاق جي اهڙي رٿا کي رد ڪريون ٿا، حنيف رضا لکيو ته ان سموري صورتحال جي ذميوار پ پ آهي، مقصود چانڊيو ۽ مهاوير واسو لکيو ته سنڌ وفاق جي اهڙين ڪوششن کي رد ڪري ٿي، راسومل لکيو ته سنڌ ڌرتي جا وارث اڳتي، فرمان چانڊيو، اعجاز علي ڪيريو چيو ته وفاق جي اهڙن فيصلن کي رد ڪريون ٿا، معشوق علي لغاري لکيو ته اهي سڀ فيصلا صوبائي خدمختياري جي خلاف آھن. سليم اختر لکيو ته سنڌ جي ملڪيتن تي سنڌ جو حق آهي. مظهر علي اوڍو، احمد نويد، حافظ عيدن ڪنڀر، سليم خان لکيو ته اسان سمجهون ٿا ته وفاق سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، وفاق جي سنڌ دشمنن منصوبن کي رد ڪريون ٿا، علي گل دايو لکيو ته وفاق ھميشا سنڌ سان ٻه اکيائي ڪئي آھي پر ٻيٽ سامونڊي پٽي ڪنهن به صورت ۾ وفاق کي ڏيڻ نه ڏينداسين.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *