تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ٻيٽن سميت سنڌ جي هر مسئلي تي گڏيل طور ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران 17 آڪٽوبر کان ٻيٽن تي قبضي خلاف مرحليوار تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن اهڙي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته سنڌ جا ٻيٽ هجن، ڪراچي شھر کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو مسئلو هجي پاڻي جو مسئلو هجي يا ٻيو ڪو مسئلو هجي انهن تي گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته تمام بھترين عمل سنڌ واسي اھڙي عمل جي آجيان ڪندي انهن جو ساٿ ڏيندا سنڌ جي ملڪيت ٻيٽن تي قبصي کي رد ڪري نئين تاريخ جوڙيندا، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ جي ڌرتي بچائڻ لاء تحريڪ هلائڻ بهترين عمل آهي اهو سنڌ جو اهم مسئلو آهي، گل حسن شر لکيو ته صوبائي حڪومت پ پ وارن جي آھي چون پيا ته اسان ٻيٽ نه ڏينداسون، رضوان احمد لکيو ته تمام بهترين عمل آهي، رحمت سومرو لکيو ته وقتائتو فيصلو آھي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ايڪشن ڪميٽي کي ھر فورم تي سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ گھرجي. احسن اياز لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڀني پارٽين جي ميمبرن کي گھرجي ته ٻيٽن جي مسئلي تي بهتر حڪمت عملي جوڙي وڃي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي حق ۾ اٿندڙ هرآواز کي لبيڪ چئون ٿا، غلام علي گل لکيو ته بهترين فيصلو آھي. جاويد هڪڙو لکيو ته اهو سٺو عمل آهي نجيب چانڊيو لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۾ سنڌي ماڻھن جون اکيون آھن. ان کي لڳاتار جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ارڏو اترادي لکيو ته ‏سنڌ جون زمينون کپن سنڌ جا ٻيٽ کپن سنڌ جا مالي وسيلا کپن سنڌ جو بندرگاهه سڄي ملڪ جو آهي باقي اسين سنڌي ماڻھو ھن ملڪ جا ناهيون ڇا؟ رزاق ڍاٽي لکيو ته ايڪشن ڪاميٽي تحريڪ هلائي، هزار خان کوسو لکيو ته تمام بھترين فيصلو سنڌ جي گھڻ گھرن کي اڳتي اچي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ گھرجي، حسين بخش جمالي لکيو ته الڳ الڳ پروگرام ڪرڻ بجاءِ سڀنيِ پارٽين جو گڏيل احتجاج بهتر عمل هوندو، رئوف عباسي لکيو ته اسان جي ڌرتي جا وسيلا اسان جا آھن، شنڪر باغي لکيو ته سٺي ڳالھه آھي، حنيف رضا لکيو ته هن وقت اهڙو اتحاد جوڙي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، خادم رند لکيو ته وفاق پاران سنڌ جا ٻيٽ ڦٻائڻ واري مسئلي تي ڀرپور ۽ لڳاتار جدوجھد ٿيڻ کپي. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو ھر حوالي سان ساٿ ڏيڻ گهرجي. ظفر رند لکيو ته تمام بهترين عمل ائين ئي هڪ ٿيڻ سان سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جو تحفظ ٿيندو، مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته سنڌ جي ملڪيت آھن اسان کي ان جو تحفظ ڪرڻو آهي، نياز سومرو لکيو ته ٻاهر نڪري سندن سان ساٿ ڏيڻو پوندو، راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته عوام ساٿ نڀائيندو، روشن داس لکيو ته تمام بھترين عمل آهن، ٻيٽ بچائڻ لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو، اسد انڍڙ الزام هڻندي لکيو ته هي اعلان ايئن آهي جيئن ذوالفقار آباد ۽ بحريا ٽائون خلاف احتجاجن رنگ لاٿو ھر ڪنھن کي ھڪ ھڪ پلاٽ مليو، يارمحمد هوت لکيو ته انهي تحريڪ جي حمايت ٿا ڪريون ٻيٽ،سنڌ جي ملڪيت آھن انهي تي وفاق جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي، عطامحمد چنا، تهذيب چانڊيو آجيان ڪئي، اشفاق پنهور لکيو ته هر سڏ جي حمايت ڪريون ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ رياض چانڊيو، صنعان قريشي ۽ جن به الڳ احتجاج جا سڏ ڏنا آهن انهن کي اپيل ڪجي ٿي ته گڏيل طور تي ڪمون شهيد وٽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻي ۾ آرڊنينس جي واپسي تائين ڌرڻو لڳائين سڄي سنڌ ساڻن گڏ بيهندي. شڪيل لکيو ته قومپرستن کي پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ گهرجي، ان کانسواءِ محمد حسين، جاويد علي کوسو، شبير سهتو، محمد بچل شر، وحيد ڄامڙو، مقصود چانڊيو، اصغر ميراڻي، عبدالحئي ساوند، پرويز چانڊيو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي فيصلي جي آجيان ڪئي، ايم بي قادري، اشوڪ سمراٺ، محمد جمن ساند، الله ڏنو راهمون، راسومل، حيدري غفور پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، اعتزاز گائنچو، راشد مراد به حمايت ڪئي، وحيد مستوئي لکيو ته اھو بھتر قدم آھي، اصغر حسين لکيو ته سڀني کي گڏيل طور اثرائتو احتجاج ڪرڻ گهرجي، عرفان جروار لکيو ته سنڌين جو حق آھي انھي ڪري سڀني کي نڪرڻ گھرجي،ٻيٽ اسان جي ملڪيت آھن انھي تي ھرگز وفاق کي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو. عادل الاهي بخش، علي گل دايو، سليم ابر، حيدربخش ساند به آجيان ڪئي.محمد شريف ڄامڙو لکيو ته حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏيڻ بدران غير آئيني فيصلا ڪري ٻين صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻي عوام ۾ افراتفري وارو ماحول پيدا ڪري رهي آهي، سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ حڪومت سميت قومپرست پارٽين به پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ان جي باوجود به حڪومت بضد آهي ته صدارتي آرڊيننس تحت اٿارٽي قائم ڪئي وڃي، سڪندر بلوچ لکيو ته ايڪشن ڪاميٽي طرفان کنيل قدم ساراھ جوڳو آھي ھن وقت سموري سنڌ کي گڏيل جدوجھد کي ضرورت آھي، معشوق لغاري لکيو ته تمام بهترين عمل آھي اسان ان عمل جي حمايت ڪريون ٿا سنڌ جا ٻيٽ هجن ڪراچي شھر کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو مسئلو هجي پاڻي جو مسئلو هجي يا ٻيو ڪو مسئلو هجي گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي .

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *