Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kbch3tuknrj96uq5gk1gkpnirt, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... ٻيٽ آرڊيننس تي ڪاوڙ: سنڌ سرڪار خلاف پي ٽي آءِ جي مظاهرن کي موٽ نه ملندي: عوام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... ٻيٽ آرڊيننس تي ڪاوڙ: سنڌ سرڪار خلاف پي ٽي آءِ جي مظاهرن کي موٽ نه ملندي: عوام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ٻيٽ آرڊيننس تي ڪاوڙ: سنڌ سرڪار خلاف پي ٽي آءِ جي مظاهرن کي موٽ نه ملندي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪمران پارٽي جو سنڌ سرڪار خلاف ميدان تي اچڻ جو فيصلو، صوبي ۾ مظاهرن ۽ جلسن جو پلان تيار ڪيو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ملڪ جا ٻيا مسئلا حل ٿي ويا آهن جو حڪمران پارٽي هاڻي سنڌ سرڪار خلاف ميدان تي لهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ مظاهرا ۽ جلسا ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو آهي، وفاقي حڪمران پارٽي جو اهو فيصلو انتھائي خراب آھي ۽ ان جا نتيجا به خراب نڪرندا، اهي سنڌ جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته ٻيٽن واري معاملي تي سنڌ جو عوام تحريڪ انصاف کان ڪاوڙيل آهي تنهن ڪري انهن جي جلسن، مظاهرن ۽ ريلين کي موٽ نه ڏيندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ساگر سنائي لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ڪنهن به سنڌ جي ماڻهن سان رهايو ناهي جيڪا حڪومت اقتدار هوندي به عوام کي رليف نه پئي ڏئي سگهي ان تي ڪهڙو اعتماد ڪجي، عمران خان عوام سان وعدا وفا ناهن ڪيا، محمد صديق لکيو ته وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ٻيٽن تي ناجائز قبضي جي ڪوشش ڪرڻ بعد سنڌ جي عوام ۾ پي ٽي آءِ حڪومت خلاف وڏي ڪاوڙ آهي، ان ڪري پي ٽي آءِ جي احتجاج کي ڪا به موٽ نه ملندي، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ سرڪار خلاف وفاقي حڪمران پارٽي ميدان تي اچي حالتون خراب ڪرائڻ چاهي ٿي، سارنگ منير سومرو لکيو ته وفاق سنڌ جي حقن ۽ وسلين تي قبضن کانپوءِ جيڪڏهن اھڙي سياست جو رخ ڪري ٿو ته ناڪامي ملندي، نديم بوزدار لکيو ته وڏي واندڪائي آھي وفاقي حڪمران پارٽي وٽ ، بيروزگاري ختم ٿي وئي ، ماڻھن کي نوڪريون ملي ويون هاڻي مظاهرا ۽ جلسا ڪندا، گل حسن شر لکيو ته عوام پي ٽي آءِ مان مايوس ٿي چڪو آهي، پرويز علي لکيو ته ڪهڙي بنياد تي جلسا ڪندا، عطاءُالرحمان ۽ ضمير انصاري پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالله جروار لکيو ته هي هتي جي مقامي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي فساد برپا ڪرڻ چاهين ٿا. نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌ جي عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته احتجاج ڪري سنڌ جي ماڻهن کي بيوقوف بنائي ۽ سنڌ گورنمينٽ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٻلونت سنگهه لکيو ته هن حڪومت جيتري ڪنفيوز حڪومت مون نه ڏٺي آهي، شنڪر باغي لکيو ته عوام جي نظر ۾ صوبائي توڙي وفاقي ٻئي حڪمران ڪوڙا ۽ ڪرپٽ آھن، زبير باگڙي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ابراهيم بروهي لکيو ته کنڊ چور، اھڙا حڪمران پنھنجي لاءِ احتجاج ڪندا، ديپڪ باغي لکيو ته وفاقي حڪمران پارٽي سنڌ سرڪار کي ڌمڪي يا اُن خلاف مزاحمت نه پئي ڪري، پر ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، ايم موسيٰ لغاري لکيو ته ملڪ ۾ مسئلا وڌي ويا آهن، ڪهڙي اشو تي احتجاج ڪندا، محمد الهيار لکيو ته حڪومتون مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ھونديون آھن نه ڪي احتجاج ڪرڻ لاءِ، وفا برهماڻي لکيو ته سنڌ جو عوام پ پ کان تنگ ھجڻ باوجود پي ٽي آءِ جي حمايت نه ڪندو جاويد هڪڙو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، نثار احمد لکيو ته اهو فيصلو انتھائي خراب آھي ۽ ان جا نتيجا به خراب نڪرندا، محمد عالم ساند لکيو ته وفاق کي صوبن سان ٽڪراءُ نه کائڻ کپي، نماڻو نوناري، مجيد سنڌي، منير احمد، شبير سهتو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته هن وقت پي ٽي آءِ پارٽي ٻيٽن ۽ رڪارڊ مهانگائي جي حوالي سان ساک وڃائي چڪي آهي، رحمت سومرو لکيو ته ان روش مان معلوم ٿئي ٿو ته حڪومتن وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجھه ناھي. مختيار ميمڻ لکيو ته اسان تبديلي سرڪار کي اميد جو ڪرڻو نه سمجهو هو، مدثر کهاوڙ لکيو ته وفاقي سرڪار پنهنجو هن وقت حڪومتي اثر وڃائي چڪي آھي، جاسم بلوچ، ضمير حسين، پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، آصف علي شر لکيو ته سنڌ جو عوام هنن جي احتجاج ۾ نه ويندو، عبدالخالق چيو ته سٺو فيصلو آهي، عبدالشڪور لکيو ته وفاقي حڪمران پارٽي جو اهو رويو قبول ناهي، وقاص ياسين لکيو ته سنڌ هاڻي کين موٽ ڪونه ڏيندي، مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته ھاڻ سنڌ حڪومت کي سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ کپي، انعام الله سنڌي لکيو ته عوام بک ۽ بدحالي جي ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھي ۽ انھن کي وري پ پ پ وارن جي رستا روڪ جي لڳي پئي آهي، مقصود چانڊيو لکيو ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿو ڪري،عاشق گوپانگ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، امام الدين جلباڻي لکيو ته سنڌ حڪومت طرفان ٻيٽن تي قبضي واري آرڊيننس خلاف رزوليشن آڻڻ کان پوءِ حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ممتاز ٿري لکيو ته اھڙا فيصلا حڪمران پاٽي لاءِ نقصانڪار آهن، بهادر سنڌي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، بيشم اسناڻي، ظهير احمد شر، محمد يعقوب پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ايم بي قادري لکيو ته انھي سان ڪجھه ڪونه ٿيندو، خان بلوچ، الطاف پرويز به خيالن جو اظهار ڪيو، حافظ عيدل ڪنڀر لکيو ته هي هتي جي مقامي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي فساد برپا ڪرڻ چاهين ٿا، حيدر عباس مري لکيو ته پنهنجا سياسي جهيڙا ڀلي ڪن پر ٻيٽن جو نالو ورتو ويو ته اهو عمل برداشت نه ڪيو ويندو، رزاق ڍاٽي لکيو ته وفاق کي صوبن سان ٽڪراءُ نه کائڻ کپي، راشد مراد چانڊيو لکيو ته وفاق سنڌ صوبي سان تعصب پيو رکي، سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته سنڌ حڪومت کي جواب ڏيڻ لاءِ ميدان تي لھي ٿو سٺو عمل آھي، جميل شاهه لکيو ته ٽماٽا ۽ بيضا وڌيڪ مهانگا ٿي ويندا ٻيو ڪجھه نه ٿيندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *